اعجازتيوڻو
پاڪستان ۾ گرمي پد وڌڻ جو وڏو سبب وڻن ۽ ٻيلن جو گهٽ هئڻ آهي جنهن جي ڪري ڏينهون ڏينهن گرمي پد وڌي رهيو آهي جيڪو نه صرف انسانن پر ھر ساھ واري شي لاء تمام گھڻو نقصانڪار آهي گرمي پد کي گھٽائڻ لاءِ هر سال وڻ لڳايا وڃن ٿا پر انهن جي سار سنڀال نه ٿيڻ يا وري وڻن جي واڍي ٿيڻ ڪري وڻن جو خاتمون ٿيندو ٿو وڃي ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي ماحول کي بهتر ۽ گدلاڻ کان پاڪ صاف بنائڻ لاءِ پنهنجي علائقن ۾ وڻڪاري ڪيون ڇاڪاڻ ته وڻ اسان لاء آڪسيجن مهيا ڪري ٿو وڻ سائو ۽ بيٺل هجي ته ڇانو مهيا ڪري،گرمي گهٽائي ،سردي گهٽائي، مينهن طوفان پاڻ سهي ،انسان کي حفاظت ڏئي ٿو ڪائنات ۾ وڻ انسان جو انيڪ خوبين وارو ساٿي ثابت ٿيو آهي وڻ جو هر حصو جتي ڪنهن نه ڪنهن حساب سان صحت لاءِ ڪارآمد آهي ٻئي طرف وبائن ،بيمارين جي اثرن ۽ انهن جي پکيڙ کي به روڪڻ ۾ ڪتب اچي ٿو وڻ زمين جي زرخيزي ۽ انسان توڙي ٻي جيوت جي وجود جو اهڃاڻ آهي يوناني حڪمت جو مدار به جڙي ٻوٽين يعني وڻن ٻوٽن تي آهي مطلب ته وڻ ٻوٽا انساني صحت لاءِ ڪارائتو آهي دنيا ۾ صنعت ڪاري کي ئي حقيقي ترقي تصور ڪيو پيو وڃي پر حقيقت ان جو برعڪس آهي ترقيءَ جي اوچائي سان گڏ تنزلي به ساڳي رفتار سان جاري آهي ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ خطرناڪ گئيسون انساني صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيون آهن هاڻي دنيا ماحولياتي ناڪاري اثرن تي پڻ سنجديگيءِ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيوآهي توانائي جا اهڙا ذريعا ڳوليا پيا وڃن جن جي ذريعي ماحول کي گهٽ نقصان ٿئي متبادل ذريعن جي ضرورت به انڪري پيش آئي جو روايتي ذريعن يعني پيٽرول ،ڊيزل هائي آڪٽين جي استعمال سان هلندڙ گاڏين ۽ اڪثر مشينري مان خارج ٿيندڙ دونهو ماحول ۾ شامل ٿي ان کي آلوده ۽ انساني استعمال لاءِ نقصانڪار بڻايو آهي نتيجي ۾ خطرناڪ بيمارين ۾ اضافو ٿيو ۽اهو موت جو سبب پڻ ٿيون ترقيءَ کي به ته روڪڻو ناهي پر صنعتڪاريءَ جي ناڪري ماحولياتي اثرن کي به گهٽائڻو آهي جنهن لاءِ مشينريءَ جي استعمال ۾ اهڙي توانائي متعارف ڪرائڻي آهي جيڪا وڌ ۾ وڌ ماحول دوست هجي پر اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي ئي اهڙن ناڪاري ماحولياتي اثرن کي ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿو ٻيلن ۾ گهٽتائي توڙي گهٽ وڻڪاري سبب انيڪ ماحولياتي تبديليون آيون آهن ماحول ۾ شامل ٿيل خطرناڪ گيسن جو مقدار وڌڻ ڪري گرمي به وڌي آهي اڻ مندائتيون برساتون ۽ سيءُ به ڪڏهن تمام گهڻا ته ڪڏهن بلڪل گهٽ طوفان ۽ زميني اٿل پٿل به ٿئي ٿي انڪري ڪيترن ئي سڌريل ملڪن ۾ هاڻي اهو رواج آهي ته هر ڄمندڙ ٻار لاءِ هڪ وڻ پوکجي هڪ انسان دوست هئڻ جي ناتي توهان ۽ اسان سڀني کي هڪ فرد هڪ ٻوٽو مهم ذريعي وڻ ٻوٽا پوکڻ گهرجن شهرن ۾بي انداز پکيڙ سبب فصلن هيٺ آيل زمين گهٽجي رهي آهي پر دنيا اندر انيڪ طريقا استعمال هيٺ آهن جتي ٿورڙي به جڳهه تي وڻ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن بورچي خاني ڀرسان گهرجي ڇت به ان لاءِ استعمال ٿئي ٿي جتي ننڍا ٻوٽا ڪونڊين ذريعي پوکي يا اٰپائي سگهجن ٿا دنيا ۾ ڪيترن ملڪن ۾ ان قسم جون سجاڳي مهمون هلن پيون ته عام وڻن سان گڏ وڏين شاهراهن تي ميون جا وڻ لڳائجن.
اسان جي سنڌ ۾ اڪثر نم، ٽالهي ۽ سرنهن گھرن ، اوطاقن توڙي ٻين رهائش جڳهن تي پوکي ڇانو لاءِ استعمال ٿين ٿا وڻن جي پوکي جتي ماحول کي بهتر بڻائي سگھي ٿي اتي صحت لاءِ پڻ فائديمند ٿيندي وڻن جي پوکي صدقه جاريه پڻ آهي اچو ته گڏجي وڻ پوکيون صحت مند ماحول بڻايون ۽ اهو وچن ڪيون ته پنهنجي ملڪ کي سر سبز بنائڻ ۽ گرمي پد گهٽائڻ لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ سان گڏوگڏ انهن وڻن جي سنڀال ڪنداسين ته جئين اسان جي ملڪ ۾ الودگي جو خاتمون ٿي سگهي ۽ ماحولياتي آلودگي جي اثرن کي گهٽائي سگهجي.
