غلام حسين لغاري
سنڌ واسين کي وٺڙي جو وڌايون هجن نيٺ سانوڻي جي برساتن پنهنجو رنگ لاتو بادل پنهنجي مرضي سان وسيا سنڌ جهل ٿل ٿي وئي ڪاڇي ڪوهستان ۽ ٿر جي مارو ماڻهن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون۔ان ۾ ڪو شڪ ناهي سانوڻي جي زور دار برساتن سبب مارو ماڻهن جي ڪچن گهرڙن کي ضرور نقصان پهتو هوندو پر جڏهن اهي خريف جي برساتن تي فصل پوکيندا ته سندن ٻڏي جا ٻيڻا ٿي ملندا سنڌ سائي ستابي ٿيندي۔خدا جا شڪر ادا ڪجن جو سخت گرمين وارو تاء پنهنجي پڄاڻي پهتو ۽ سک جو ساهه کنيو۔
ڪجهه ڏينهن اڳ به سانوڻي جا هلڪا سلڪا وسڪارا ٿيا هئا جنهنڪري ڪوهستان ڪاڇي ۽ٿر ۾ ندي نالا وهي آيا هئا جنهن سان تلاء ۽ هيٺاهين ۾ پاڻي پهتو مال متاع لاء پيئڻ جو پاڻي ميسر ٿي چڪو آهي جيڪو بک ۽ اڃ وگهي مري رهيو هو۔سنڌ جي باراني علائقن ۾ پالتو جانورن ڍڳين ٻڪرين اٺن رڍن جو انگ لکن ۾ آهي جنهن سان کير مکڻ گوشت جي پئداوار حاصل ٿئي ٿي ۽ مارو پنهنجو پيٽ پالين ۽ انگ ڍڪين ٿا۔سانوڻي جي برساتن ۽ کنوڻين ڪرڻ سبب ٿر ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي جيڪو شايد حڪمرانن جي نوٽيس ۾ نه اچي سگهيو آ جو انجو ڪو بروقت ازالو ٿي سگهي ها۔هاڻ به وقت هٿن مان ناهي ويو متاثرين جي جوڳي مدد ٿي سگهي ٿي۔
هر سال باراني علائقن ۾ سانوڻي جون برساتون پون ٿيون ۽ اهو پاڻي پنهنجا لنگهه لتاڙي سمنڊ ۾ هليو وڃي ٿو يا ضايع ٿيو وڃي جيڪو ننڍن ڊئمن جي اڏاوت سان زرعي آبادي لاء محفوظ ڪري سگهجي ٿو ۽ اهڙن ڊئمن جون رٿائون به ٺهن ٿيون ۽ فنڊ به رکيا وڃن ٿا پر اهي خبر ناهي ته ڪٿي خرچ ٿين ٿا جو اسان ڊئمن وارو هدف پورو ڪرڻ کان قاصر آهيون۔جيڪڏهن ننڍا ننڍا ڊئم ٺهن ته ٿر ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ زرعي انقلاب اچي سگهي ٿو۔بهرحال سانوڻي جي برساتن پوڻ سان هنن علائقن ۾ هيرڻ سرنهن تر جوار ٻاجهر گوار جا فصل پوکي سگهجن ٿا۔قدرتي کنڀي به جام ڦٽي آهي جنهن جا مارڪيٽ ۾ سٺا اگهه آهن پر دلال مارو ماڻهن کان گهٽ اگهن تي خريد ڪن ٿا۔گوار جا اگهه به گهٽ آهن جڏهن ته گوار سرنهن جوار ٻاجهر جي ٻج جا اگهه چوٽ چڙهيل آهن۔جڏهن فصل پوکجي ويندا تڏهن ئي سرڪار سجاڳ ٿيندي آبادگارن کي زرعي قرض ڏيندي يا ٻج فراهم ڪرڻ جي حامي ڀريندي۔حڪومت ۽ حڪومتي ادارن جي بي حسي سبب ٿر ڪوهستان ۽ ڪاڇي جو آبادگار بيوس ۽ مشڪلاتن ۾ رهي ٿو۔ سانوڻي جي برساتن جي اڃا ته شروعات آهي بڊي جون برساتون ان کان الڳ آهن۔پهاڪو آهي ته سانوڻ نه ٻوڙي بڊو ٻوڙي۔بڊي جي برساتن سان ربيع جا فصل به پوکي سگهجن ٿا جن لاء به آبادگارن کي ٻج جي ضرورت پوندي ۽ هرن لاء کين ٽريڪٽرن جي به ضرورت پوندي جيڪي کين سرڪاري اگهه تي ملڻ گهرجن ۽ انهن جو بندوبست ٿيڻ گهرجي۔حڪومت هينئر کان ئي آبادگارن کي زرعي قرض ۽ ٻي مالي امداد ڪرڻ جا اپاء وٺي ۽ روينيو کاتي کي سجاڳ رکي۔گذريل برساتن جي متاثرين جي جيڪا به مالي امداد ٿي ان ۾ سنڌ اندر اربين رپين جي ڪرپشن ٿي مالي مدد انهن جي ٿي جن کي زمينن جو ٻارو ئي ڪونه هو يا انهن ٻج جا پئسا ته ورتا پر فصل ڪونه پوکيا ۽ ايئن ئي قومي سرمايو ضايع ڪيو ويو۔
هيلوڪين سانوڻي جي برساتن سبب شهري علائقن ۾ به وڏو نقصان ٿيو آهي۔وونئڻن ڪمند سارين ڀاڄين جي بيٺل فصلن کي به ڪاپاري نقصان پهتو آهي ۽ عام ماڻهن جا ڪچا گهر ڊٿا آهن پر اتي انتظاميه جا ڪامورا ننڊون ڪندي نظر آيا ۽ فوري رليف ڪئمپون نه هجڻ ڪري ماڻهو دربدر نظر آيا۔برساتن پوڻ ڪري مارڪيٽن ۾ کاڌي پيتي جي شين ڀاڄين ڀتين ميون جا اگهه چوٽ چڙهيل ۽ انهن جي کوٽ نظر آئي ۽ بلئڪ مارڪيٽنگ عروج تي نظر آئي۔انتظاميه هن ڏس ۾ متحرڪ نظر نه آئي۔جيئن جيئن برساتن جو سلسلو وڌندو تيئن تيئن روزمره جي شين جو بحران پئدا ٿيندو جنهن لاء حڪومت ۽ انتظاميه کي اڳواٽ انتظام ڪرڻ گهرجن جيئن ڪنهن به قسم جي کوٽ نه ٿي سگهي۔برساتن پوڻ کانپوء لازمي آ ته زرعي پئداوار مارڪيٽ ۾ پهچڻ شروع ٿي ويندي ۽ آبادگار کي پنهنجي جنسن جا مناسب اگهه گهرجن جنهن لاء به مناسب اپاء وٺڻ گهرجن۔حڪومت سنڌ جو مارڪيٽنگ شعبو ۽ ضلعي انتظاميه واپارين سان اگهه طئي ڪن ۽ ڪو به واپاري مقرر اگهه نٿو ڏئي ته انهن جا لائسنس ضبط ڪري کين قيد ۽ڏنڊ جو سزائون ڏنيون وڃن۔اهڙي طرح ويجهڙائي ۾ خريداري سينٽر قائم ڪيا وڃن بهتر ته ايئن ٿيندو جو عالمي طرز جون هاري مارڪيٽون قائم ڪيون وڃن جتي هر هاري پنهنجي جنس پاڻ وڪرو ڪري جنهن سان اهو به فائدو ٿيندو جو مهانگائي کي به ٻنجو ايندو۔










