رحمت الله ٻرڙو
جنرل محمد عاصم ملڪ ھن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽنٽ جنرل جا فرض سر انجام ڏئي رھيو آھي،جڏھن ته ھو ٻين آھم عھدن تي بہ رھي چڪو آھي،سندس والد گرامي غلام محمد ليفٽننٽ جنرل مقرر رھيو ۽ ڪورڪمانڊر راولپنڊي طور بہ خدمتون سرانجام ڏنيون.ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ آپريشنل ڊائريڪٽوريٽ ۾ بہ رھيو،فورٿ ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس اسٽڊيز جو گريجوئيٽ آھي.ڊائريڪٽر جنرل آف انٽر سروسز انٽيليجنس (ISI) پاڪستان جي پريميئر انٽيليجنس ايجنسي جو سربراهه آهي،جيڪو حڪومت کي اهم قومي سلامتي ۽ انٽيليجنس جائزي فراهم ڪرڻ جو ذميوار آهي.چيف ماسٽر جي حيثيت ۾، ڊي جي ISI ايجنسي جي عملن جي نگراني ڪندو آهي،جنهن ۾ پاڪستان جي قومي سلامتي سان لاڳاپيل معلومات گڏ ڪرڻ، پروسيسنگ ۽ تجزيو ڪرڻ شامل آهي.نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيس،حڪومت کي قومي سلامتي جي معاملن تي اسٽريٽجڪ صلاح فراهم ڪري ٿو.ڊي جي آئي ايس آئي قومي سلامتي سان لاڳاپيل حڪومتي پاليسين تي عمل درآمد کي يقيني بڻائي ٿو.سڌي رپورٽنگ،رپورٽون سڌي طرح وزيراعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کي پڻ ڪيو وينديون آھن.اسٽريٽجڪ فيصلا سازي ۾ هي ادارو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.مطلب ته پاڪستان جي قومي سلامتي جي پاليسين کي ترتيب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.ٻين انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون پڻ هوندو آھي جنهن کي انٽر ايجنسي ڪوآرڊينيشن چيو ويندو آھي.چيف آف آرمي اسٽاف جي سفارش تي وزيراعظم طرفان مقرر ڪيو ويندو آھي. ڊي جي آئي ايس آئي عام طور تي ٽن سالن جي مدت لاء ايندو آھي.ڊي جي آءِ ايس آءِ هڪ انتهائي بااثر حيثيت رکي ٿو، جنهن جو پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي تي اهم اثر پوي ٿو. ايجنسي جون سرگرميون ۽ عمل اڪثر ڪري رازداري ۾ ڍڪيل آهن.مطلب ته ڪردار جي چوڌاري اسرار کي وڌايو.هن وقت جيڪي ملڪي سياسي ۽ معاشي حالت سان گڏ علائقائي پاڙيسري ملڪن سان معاملات پڻ خاص توجھ جا گهرجائو آھن.خصوصي طور انڊيا،افغانستان ۽ ايران سان تعلقات ڀلي برادرانه ۽ ڀائيچاري وارا هجڻ سان گڏ پاڙيسري هجن پر ڏکي وقت اچڻ تي انڊيا پنهنجي جاء تي اسان جو ابتدا کان مخالف رهيو آھي.پر ايران توڙي افغانستان به اسان سان ڏکي وقت ۾ ساٿ ناهي ڏنو.ان کان علاوه پاڪستان عالمي طاقتن جي ڄڻ تي نظر ۽ نشاني تي آھي ۽ انهن عالمي طاقتن کي جيترو ٿيو آھي پاڪستان کي ڏکيائن ۾ ڌڪيو آھي.جيڪڏهن ڪنهن وقت بهتر هلڻ جي ڪوشش به ڪيائون ته اتي انهن جا پنهنجا علائقائي ۽ عالمي معاشي ۽ جنگي مفاد هئا.جنهن جي تاريخ سامهون آھي.ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته جتي اسان جي قومي سياسي قيادت کي ڪردار ادا ڪرڻو آھي، ان کان بهتر قومي سلامتيء جي ادارن جي سربراھن کي به ڪردار ادا ڪرڻو آھي.ان ڪري گذريل ڏينهن جيڪا ليفٽيننٽ جنرل محد عاصم ملڪ جي حق ۾ انائونسمنٽ ٿي آھي سا پڻ بهتر عمل جي نشاني آھي.هونئن ته اسانجي ملڪ ۾ ادارن جي غير فعاليت کان ويندي نااهل ۽ ڪرپٽ سربراهن جي تاريخ کان ڪو انڪار نٿو ڪري سگهجي.پر جڏهن علائقائي سطح تي نه پر عالمي سطح تي اسان جي آرمي،اسٽيبلشمنٽ ۽ خاص طور آئي ايس آئي جي ساک پنهنجو مٽ پاڻ رهي آھي.ان جو سمورو ڪريڊٽ ان جي ادارتي سربراھ ۽ وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جي ڪردار تي هوندو آھي.ملڪ جا ٻيا به قومي سويلين ادارا کوڙ سارا آھن،جن ۾ ريلوي،پي آء اي،پوسٽ آفيس کان ويندي پاڪستان اسٽيل ملز جهڙا ادارا ڪرپٽ سربراهن جي مقرريء سبب غيرفعال ٿي ويا آھن.پر هن قومي اداري آئي ايس آئي جي ڪارڪردگي رياستي سربراھن جي هجڻ سبب بهتر کان بهتر رهي آھي.رياستون ۽ رياستن جي سربراھن جي سنڀال هميشھ دنيا ۾ اتان جي انٽيليجنس ادارن ۽ انهن جي سربراهن جي ڪارڪردگيء تي هوندي آھي.قومي سلامتيء واري حڪمتي عملي ۽ قومي پاليسي هجي يا قومي سربراهن جي چونڊ هجڻ کان سندن جي سار سنڀال ههڙن ادارن جي زميواري هوندي آھي.ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته موجوده ڊي جي آء ايس آئي ليفٽيننيٽ جنرل نديم انجم جي وڃڻ کان پوء 30 سيپٽمبر تي پڻ ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ ڊي جي آء ايس آء جي چارج وٺندو.سندس جي ڪلهي تي اهي سڀ زميواريون هونديون جيڪي هن جي دائرا اختيار هيٺ اچن ٿيون.ملڪ جي اندروني معاملن کان ويندي بين الااقوامي معاملن وچ ۾ جيڪي به انٽيليجنس ڪارگذاريون ٿين ٿيون تن کي پنهنجي زميوارين سبب سنڀال ڪرڻ ڊي جي آء ايس آء جي اختيار هيٺ اچي ٿو.اميد ٿي ڪجي ته پاڪ آرمي جي اهم عهدن تي رهندڙ ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ زميواريون ملڻ بعد رياست جي معاملن کي جيڪي پڻ هن جي اختيار هيٺ اچي ٿو احسن طريقي سان نڀاھ ڪندو.ملڪ ۾ ٿيندڙ ٻاهرين مداخلتن ۽ افراتفريء واري ماحول کي به بهتر نموني منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو.انڊيا جهڙو پاڙيسري ملڪ ته ابتدائي ڏينهن کان اسان جو رياستي مخالف رهيو آھي جنهن جي ڪيترين ئي شازشن کي اسانجي ملڪي ادارن جي انٽيليجنس سربراهن وقت کان اڳ منهن ٽوڙ جواب ڏنو آھي.اهڙي نموني پاڪ،چين تعلقات جي بنياد تي سي پيڪ منصوبي ۾ خلل وجهڻ لاء افغان دهشتگردن کي استعمال ڪرڻ ۽ ڪڏهن وري ايران جي چاھ بهار کان ويندي پاڪستان سرحدن اندر اچي حملا ڪرائڻ جهڙا ٽيلر کوڙ سارا ٿيا آھن جن کي اسان جي سلامتيء وارن ادارن احسن طريقي سان هينڊل ڪري ڪنٽرول ڪري ورتو آھي.ملڪ جي سياسي فورمن کان ويندي مذھبي منافرت ۽ قوم پرستيء واري لهر ۾ ڪيترائي ملڪ ملوث پڻ آھن.ان ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ملڪ ۾ اندروني،بيروني ۽ بين الاقوامي مداخلتن کي احسن طريقي سان مانيٽر ڪري ڪنٽرول ڪرڻو پوندو.عالمي ساک جي انٽيليجنس اداري آء ايس آء جي نئي اعلانيل ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي قومي سلامتيء وارن معاملن تي بهتر اسٽريٽجڪ صلاح فراهم ڪندي قومي سربراھ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.روز بروز ملڪ ۾ پوندڙ نا اتفاقين پويان ڳجها هٿ ظاهر ڪرڻا پوندا.قومي سلامتيء جي معاملن ۾ مداخلت ڪندڙ چھرا بينقاب ڪرڻا پوندا.ڪائونٽر انٽيليجنس کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو ۽ ان تي ڪنهن باز يعني عقاب واري نظر رکڻي پوندي.ملڪ دشمن،قوم دشمن ۽ رياست دشمن قوتن کي بي نقاب ڪري عوام آڏو پڌرو ڪرڻو پوندو.انڪري اسان جتي ايندڙ آء ايس آء سربراھ کي وقت کان اڳ۾ اعلان جي بنياد تي ڀليڪار چئون ٿا،اتي انهيء بنياد تي موجوده سربراھ آء ايسآء ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي خيرباد چوڻو پوي ٿو.وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جي رياستي ادارن جي ساک جيڪا هجڻ کپي هان يا خود آء ايس آء جي پنهنجي سربراهن جي بهتر ڪارڪردگيء جي بنياد تي عالمي سطح تي ساک برقرار آھي سا پڻ هجڻ کپي ها.پر افسوس جو ايئن نه ٿي سگهيو آھي ۽ قومي رياستي ادارا غير فعال ٿي قومي رياست کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بنجندا رهن ٿا.ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته اسان جي قومي سلامتيء وارن ادارن جي سربراهن کي هن وقت اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آھي.










