وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ۽ 29 مئي؟

عبداش پنهور
وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو بابت 29مئي 1988ع جي صبح به ريڊيو پاڪستان تان بطور وزيراعظم پاڪستان واريون خبر نشرٿينديون رهيون،پاڪستان ٽيليويزن سان پڻ وقت جي وزيراعظم محمدخان جوڻيجو جون خبرون لوڪ پڌريون ٿينديون رهيو،ڀلي ڪير ڏيهي پرڏيهي خابروادارن جي خبرچار لوڪ پچاري ته 29مئي 1988ع جي مانڊاڻ اهڙي قسم جي ڪٿي به ڪنهن کي خبر نه ملندي ته “ وزيراعظم محمدخان جوڻيجو جي وفاقي حڪومت کي ڪٿي ڪو لوڏو آهي”پر وقت جي پيرصاحب پاڳاري وٽ ضرور خبر هوندي هئي ۽پنهنجي انوکي انداز سان اها خبر لوڪ پچار جي حوالي سان نوائي وقت ڪراچي جي نامياري صحافي يوسف خان جي وسيلي پڌري ٿي پوندي هئي.ڪڏهن ڪڏهن وري عبرت حيدراباد جو رپورٽر عبدالمجيد عباسي پنهنجي انوکي صحافتي ڍنگ ۾ خبرڪڍي وٺندو هو.پر بظاهر 29مئي 1988ع جي شام ڇا ٿيندو؟ تنهن شام جي ڪنهن وٽ به ڪي سرٻاٽ ته ٿي سگهن ٿا پر لوڪ پچار خبر نه هئي.اهو دور منهنجي سياسي نظرياتي سرگرمين جو پڻ تيز دور هو،تنهن تاريخ تي تنظمي ڪم سانگي ڪشمورشهر ۾ هوس،الهه بخش راٺوڙجو ڪشمور شهر ۾ ڪيلچر رکيل هو،ڪشمور شهر ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڪارڪنن جو سرگرم شهرهو،ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏ باندي گهنشام پرڪاش عرف رپوشين وقت (اياز لطيف) سميت “نالومٽ ڪم سٽ” واري سياسي عمل ۾ سرخ سوچ تيز سفر جي رفتارجي حڪمت عملي سان پڻ مشهور ڪئي. مان به ڪڏهن جاتي ته ڪڏهن جيڪب آباد ٿيلهو ڪلهي تي روانو ٿي پوندو هوس، انڊس هاوي تي سفر دوران سن ۾ جيئي سنڌتحريڪ جي رهبر جي ايم سيد سان به تنهن سال تمام گهڻيون ملاقاتون ڪرڻ جو موقعو مليو ڇو ته سنڌقومي اتحاد جي صورت ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي تنهن اتحاد جو ڪنوينئر هئڻ سبب اجلاسن تائين سن وارين ملاقاتن جو سلسلو تيز رهيو.پر پوءِ به اها خبر ڪنهن به نه هئي ته 29مئي 1988ع جي شام وقت جو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو 30مئي 1988ع تي وزيراعظم نه هوندو.ڪشمور ۾ اسان جي تنظيمي سرگرمي رٿيل هئي ساٿين جو خيال هو ته بي بي سي ٻڌي، ماني کائي پوءِ يڪي ويچار ويهڪ ۾ ويهون ٿا.اڃابي بي سي جي خبرن ۾ ڪجهه دير هئي ته ڪشمورشهر جي بازار۾ ڪنهن ڪم سانگي اسان جو ڪارڪن ويل هو اهو ڪشمور جي شهري ڪيفيت کان باخبرهو،تنهن اها خبر آئندي ته “شهر ۾ فوجي اهلڪارگسشت پياڪن تڏهن اسان جا سرٻاٽ نڪتا ته ضرور ملڪ ۾ ڪجهه غير معامولي قسم جي سرگرمي ٿي آهي جو اهو گشت ٿئي پيو.لڳ ڀڳ ڪي ويهن منٽس جي وٿي هوندي ته بي بي سي تان اها خبر ٻڌڻ ۾ آئي ته“پاڪستان ۾ صدر جنرل محمد ضيالءُالحق وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي عهدي تان هٽائي ڪابينا ختم ڪندي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي”حيران ڪندڙ ڳالهيون آهن ته وقت جي صدر اهو سڀ ڪجهه ڪيو پر نوازشريف کي عهدي تي نه رڳو برقرار رکيو پر پاڪستان مسلم ليگ جي قيادت سنڀالڻ جهڙو عمل به شروع ٿي ويو،وقت جي پيرصاحب پاڳاري پاڪستان مسلم ليگ کي فنڪشنل قرار ڏيندي ف ليگ جو علان ڪري ڇڏيو،رنج وزيراعظم محمد خان جوڻيجو سان اهم ساٿين حامد ناصر چٺا،منظور وٽو سميت دوستن سان گڏ جوڻيجو ليگ نالي پارٽي کي سرگرم رکڻ جو فيصلو ڪيو.قاسم ليگ اڳ ئي موجود هئي،خواجه خيرالدين مسلم ليگ کان جناح ليگ جهڙا ڌڙا پهريان ئي موجود هئا. وقت جي پيرصاحب پاڳاري جي قيادت واري مسلم ليگ هڪ ڌڪ سان 3ڌڙا ٿي وئي تيهان اڳ باقي مسلم ليگ جا گروپ ايم آر ڊي تحريڪ جو حصو رهيا.29مئي 1988ع تاريخ ڏينهن آهي جتان پاڪستان جو بحران نئين دور۾ داخل ٿئي ٿو.هي اهو درو آهي جڏهن صدرجنرل ضيا وڌيڪ سياسي ڌرين سان ملڻ جي خواهش رکي ٿو،جڏهن ته پ پ پ شريڪ چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو وقت جي وزيراعظم محمدخان جوڻيجو جي سڏايل افغانستان بابت جنيوه معاهدي جي حوالي سان سڏيل اي پي سي ۾ شرڪت ڪئي ته سندس سياسي مخالفن مٿس سخت سياسي تنقيد ڪئي پر پ پ پ شريڪ چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو وٽ تمام سادو جواب تنهن تنقيد جو اهو جملو هو ته “مان عوامي وزيراعظم کي جنرل ضيا جي پاڇولي کان پري ڪري آئي آهيان”تبديلي جي لهر ته سڏايل اي پير سي افغانستان بابت جنيوه معاهدي کان شروع ٿيڻ لڳي،پاڪستاني ڪيفيت ۾ تمام وڏو ڦيرو آيو،5مارچ2018ع ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي لاڏاڻو ڪري ويو تيهان پوءِ لاهور مان هڪڙو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ته “ميري باتين ياد ڪروگي”۾ اهونڪشاف ٿيل آهي ته “تبديل ٿيل صورتحال سبب ڪامريڊ ڄام ساقي سان صدرجنرل ضياءُ ملڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ڪامريڊ ڄام ساقي جي انڪار سبب اها ملاقات نه ٿي سگهي.”اها ڪوشش به 29مئي 1988 ع واري ڳري ۽ وڏي فيصلي کان اڳ جي تاريخ آهي،خان آف قلات جو ڪتاب 1975ع ۾ ضبط ڪيو ويو،جنهن پنهنجي يادگيرن ۾ لکيو آهي ته “جوئنر جنرل ايوب خان کي پاڪستان جي پهرين صدر اسڪندرمرزا حڪم ته ڪري ته بس اب لگائو مارشل لا”جوئنر پڇي ٿو سر ڪيون؟صدرپاڪستان مسٽر مرزا چئي ته “بس پاڪستان کي بچائڻ جو اهو ئي اڪيلو رستو بچيو آهي”29مئي 1988ع تي نيم هنگامي حالتن جو اعلان ڪري جلد عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو،پر عام چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي هئي جيڪا تاريخ 17آگسٽ 1988ع واري جهاز حادثي کان پوءِ قائم مقام صدر غلام اسحاق خان ڏني ته 16نومبر تي عام چونڊون ڪرايون وينديون،آرمي چيف جو عهدو جنرل مرزااسلم بيگ کي ڏنو ويو هو جنهن اڳتي هلي ٻه اسيمبليون ڳڙڪايون،جولاءِ 1993ع تائين اهڙو بحران اڳتي وڌندو رهيو نيٺ وري 1993ع ۾ ووٽ ڪرائڻا پيا،ان کان اڳ وقت جو وزيراعظم محمد نوازشريف سياسي انتقام جي تاريخ اڏي چُڪو هوپر سندس ضد سبب وقت جي صدر( غلام اسحان خان، ) وقت جي آرمي چيف( مرزا اسلم بيگ ) ۽ وزيراعظم ( نوازشريف ) کي گڏ عهدي ڇڏڻا پيا گهر وڃڻو پيو.

پهنجو تبصرو موڪليو