وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي نڪ جي پڪائي

ليکڪ  محمد خالد ميمڻ
تازو پاڪستان تحريڪ انصاف پاران پنهنجي حڪومت کي ٽي سال پورا ٿيڻ جي خوشي ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ نڪ جي پڪائي سان پنهنجي ٽن سالن جي ناقص,عوام دشمن,پنهنجي ڪيل مڪمل واعدن تان ڦري وڃڻ واري ڪارڪردگي کي هڪ اهڙي اعلي نهايت بهترين عوام جي ڀلائي لاء وڏا وڏا ڪم ڪرڻ جي دعوا ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو ويو ۽ تقريب ۾ گورنر سنڌ سميت سڀني اڳواڻن پاران ڊانسون ۽ دونهادار تقريرون ڪري عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ائين عوام کي صفا بيوقوف انڌو اڻڄاڻ سمجهي ٽن سالن ۾ پنهنجي عوام دشمن پاليسين کي عوام دوست پاليسيون ڪري پيش ڪيو ويو جو پاڪستان جو عوام سندن اهي ڳالهيون ۽ حوال ٻڌي هڪ پاسي کل ۾ ٻڏي پيو وڃي ته پئي پاسي وري روئڻ پيو اچي ته هي ڪهڙا حڪمران آھن جن پنهنجي ٽن سالن جي حڪمراني ۾ عوام کي سوا بيروزگاري,مهانگائي,بدامني سميت رڳو تڪليفون ئي تڪليفون ڏنيون آھن وزيراعظم عمران خان جنهن اپوزيشن ۾ هوندي عوام جا جيڪي به وعده اقرار ڪيان انهن سڀني واعدن تان ڦري ويو جنهن جي ڪري سندس تي ”يوٽرن خان“نالو پئجي ويو آھي هن عمراني حڪومت ٽن سالن ۾ رڳو عوام کي ڪوڙا دلاسه ڏنا آھن صوبي پنجاب ۾ عمران خان رڳو انهن پراجيڪٽس کي پنهنجي نالي ڪيو آھي جيڪي نواز ليگ طرفان شروع ڪيا ويا هيا پنجاب صوبي ۾ بدانتظامي پوليس جي ناقص ڪارڪردگي سبب روزانه مختلف عوامي هنڌن روڊن رستن تي عورتن سان ڇيڙڇاڙ سميت ريپ جا واقعا معمول بنجي ويا آھن ۽ ٻين صوبن ۾ خاص طور سنڌ ۾ ته هن حڪومت طرفان ٽڪي جو به ڪم نه ڪرايو ويو آھي بس رڳو پنهنجي چند پارٽي جي ماڻھن کي خوش ڪرڻ جي لاء واپڊا,يان ٻين کاتن جي ڪاميٽين ۾ رکيو ويو آھي جيڪي ويچاره اگر ڪٿي رڳو بجلي جو ٽرانسفارمر لڳرائي ڏين ٿا ته ان جو افتتاح ٿا ڪرائين هاڻي اهو به ڪو وڏو ڪم آھي جو ان جو افتتاح ڪرايو ٿو وڃي ڇاڪاڻ ته ٽرانسفارمر واپڊا جي ملڪيت آھي بجلي هلائڻ لاء اهي رکڻ انهن جو ڪم آھي يان وري ڪٿي بجلي بند ٿيل کولرائي عوام تي وڏو احسان ٿا ڪن باقي ٻيا ته ڪم بلڪل نه ٿيا آھن احساس ڪفالت پروگرام به اهوئي ساڳيو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نئون نالو آھي مهانگائي ايتري ته وڌي وئي آھي جو چڱا ڀلا مڇي ماني کائيندڙ خاندان رستي تي اچي ويا آھن هر ضرورت واري شئ جو ريٽ روزانه جي بنياد تي مهانگو ٿيندو ٿو وڃي حڪومت جو مهانگائي تي ڪنٽرول بلڪل به نه آھي جنهن جي ڪري عوام نفسياتي مريض بنجي ويا آھن ۽ چوريون,ڦرون,قتل,ريپ جا واقعا روزانه ٻڌي ٻڌي عڳام بيزار ٿي ويو آھي هنن پي ٽي آئي وارن بس پنهنجا ڪجھ ماڻهو جيئن حليم عادل شيخ,۽ هاڻي ارباب غلام رحيم رڳو پ پ جي سنڌ حڪومت جي براين تي نظر رکڻ ۽ انهن جي خلاف بيان بازي جي لاء رکي ڇڏيا آھن مان سمجهان ٿو ته اها به هڪ سٺي ڳالھ آھي ته اهي پ پ جي سنڌ حڪومت جن جي گذريل تيرنهن سالن کان سنڏ ۾ مسلسل حڪومت آھي انهن جي ڪيل ڪرپشن,اقرباپروري,بدانتظامي,پنهنجا نوازي,بدامني,نالائق حڪمراني جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن سنڌ جي ماڻھن کي نه ته صحت,نه ئي تعليم جي سهولتن سميت ڪٿي به ڪابه سهولت نه ڏني آھي سنڌ جو عوام هنن جي نااهلي ڪرپشن بدانتظامي جي ڪري روزانه خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي سنڌ جو ڪوبه ادارو صحيح نموني ڪم نه پيو ڪري انهن تي هنن پي ٽي آئي جا ماڻھو نظر رکن ٿا پر رڳو نظر ڇو انهن کي گهرجي هان ته جيڪي غلط ڪم سنڌ ۾ پ پ حڪومت ڪري ٿي پئي انهن جي نشاندهي ۽ انهن تي تنقيد ۽ بيان بازي کان اڳتي وڌي اهي ڪم وفاقي حڪومت پاڻ ڪري عوام جي دل کٽي هان باقي رڳو بيان بازيون ڪري سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪري انهن جي ڪيل غلط ڪمن تي تنقيد ڪري جيڪا سياست ڪئي پئي وڃي اها به عوام چڱي ريت سمجهي پيو مان هاڻي تازو پنجاب گهمڻ ويو هيس اتي جي ڪيترن جي نوجوان ۽ عمر رسيده ماڻھن سان ان متعلق سياسي ڪچھريون به ٿيون جن جو چوڻ هيو ته اسان عمران خان کي ووٽ نه ڏنو آھي اسان نوازليگ کي ووٽ ڏنو آھي جيڪو ملڪ جي اصل مالڪن چوري ڪري عمران خان کي اسان مٿان مسلط ڪيو آھي ۽ هاڻي به اگر جڏهن به صاف شفاف اليڪشن ٿي ته پنجاب ۾ نواز ليگ کٽيندي ان لاء مان سمجهان ٿو ته وري به پنجاب وارا خوشقسمت آھن جو انهن وٽ ووٽ ڏيڻ جي لاء مختلف آپشنس موجود آھن جيئن نواز ليگ,پي ٽي آئي,پيپلز پارٽي,فنڪشنل ليگ,چودهري ڀائر وغيره وغيره پر اسان سنڌ جي عوام خاص طور سنڌي ماڻھن جي لاء اهڙو ته ڏکيو ماحول آھي جو اسان کي مجبورن ووٽ هروڀرو به پ پ کي ڏيڻو ٿو پوي يان وري انهن ئي پراڻن جن کي عوام ”ڇٽل ڪارتوس“جي نالي سان ياد ڪندو آھي انهن کي ڏيڻو ٿو پوي جيڪي ٻئي آزمايل ۽ عوام دشمن آھن ٻيو ڪو آپشن موجود ئي ڪونه آھي يان سايو ڪري اهڙو ماحول تيار ڪري اسان سنڌين کي هڪ کوه ۾ بند ڪيو ويو آھي ان جي لاء ملڪ جي اصل مالڪن کي گهرجي ته ملڪ اندر صاف شفاف اليڪشن ڪرائين ۽ ٻين صوبن وانگر سنڌ ۾ به سڀني پارٽين کي عوام جي مسئلن جي حل لاء ڪم ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جيئن ٻين صوبن جي عوام وانگر سنڌ جو عوام به پارٽين کان هٽي ڪري جيڪي پارٽيون سندن عملي ڪم ڪن مسئلا حل ڪن انهن کي ووٽ ڏئي اڳتي آڻين ۽ گڏوگڏ پي ٽي آئي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت کي هڪ ڳالھ سمجهڻ گهرجي ته اوهان جيڪي پنهنجي جلسن پروگرامن ۾ عوام کي بيوقوف بنائڻ وارا حوال ڪٽيو ٿا اهي حوال ۽ اوهان جي سياست کي عوام بخوبي سمجهي ٿو پر عوام انڪري خاموش آھي جو کين خبر آھي ته سڀ پارٽيون عوام کي رڳو پنهنجي ذاتي مطلبن ذاتي مقصدن ذاتي فائدن واسطي استعمال ڪري ڪرسي حاصل ڪن ٿا جڏهن ته اهي سڀ پارٽيون انهن ئي قوتن جون سلامي آھن جيڪي جنهن کي چاهين ان کي اقتدار جي ڪرسي تي ويهارين ٿيون ڀلي عوام انهن کي ووٽ نه به ڏئي پر اهي عمران وانگر اسان جي ملڪ جو وزيراعظم بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪوبه عوام جي ڀلائي جو ڪم نه ڪرڻ باوجود وڏي واڪي وڏي بي نڪائي بي حيائي سان جلسا ڪري چئي ٿو ته مون عوام جي لاء وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن ۽ مان ۽ عوام منهنجي ٽن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي مان سئو سيڪڙو مطمئن آھي ان جي لاء عوام جو مطالبو آھي ته ”ووٽ ۽ ووٽر کي عزت ڏيو“

پهنجو تبصرو موڪليو