وزيراعظم جي آمريڪي قانونسازن سان ملاقات

نيويارڪ (ڊيسڪ نيوز) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ شرڪت خاطر آمريڪا جي 07 ڏينهن واري دوري تي پهتل وزيراعظم عمران خان آمريڪي قانونسازن سان ملاقات ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن ۽ وزيراعظم جي عملي پاران ”ٽوئٽر“ تي ڏنل پڌرائين مطابق وزيراعظم آمريڪي قانونسازن کان علاوه انساني حقن جي ڪارڪنن، ميڊيا جي نمائندن ۽ ٻين وفدن سان ملاقاتون ڪري کين والاريل ڪشمير جي صورتحال بابت آگاهي ڏني. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ آمريڪي قانونسازن ۾ نيويارڪ سان تعلق رکندڙ آمريڪي سينيٽ جو ميمبر چَڪ شومر ۽ سينيٽ جي عدالتي ڪميٽيءَ جو چيئرمين لِنزي گراهم شامل آهن. وزيراعظم عمران خان انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل جي سيڪريٽري جنرل ڪومي نائيڊو ۽ افغانستان بابت آمريڪي حڪومت جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان به ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جي ملاقاتن جي حوالي کان پرڏيهي معاملن جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشيءَ چيو آهي ته وزيراعظم سمورن وفدن کي ولاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي مڪمل آگاهي ڏني آهي. پاڪستان ڪشميري ڀائرن جي اهڙي اخلاقي مدد جاري رکندو.

پهنجو تبصرو موڪليو