هندستان برصغير جو عروج ۽ زوال

طفيل مگسي
هندستان(برصغير)جيڪو هڪ نهايت ئي ڪشادو ملڪ هوندو هو.۽ ڪشادو به ايترو ته هن کي ننڍڙو براعظم سڏيو ويندو هو.هن جو سامونڊي علائقو پنج هزار ميلن تائين ڊگهو ۽ زميني پکيڙ ڇه هزار ميلن تي مشتمل هئي.هن جي اتر ۾ هماليه پندرهن سو ميلن جي سفر تي مشتمل هو.ليڪن بندهياڇل هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي رکيو هو.هندستان جيڪو پنهنجي زرخيزي جي سبب کان ڌارين قومن جي لاء اک جو ڪنڊو بڻيل رهندو هو.۽بعد ۾ صدين تائين ڏاکڻين قومن جو وجود اتر هندستان کي متار ڪندو رهيو.هتي حملي آور قومن جا نسل اڄ به بندهياڇل جي ان پار يعني اتر هندستان جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ڏيک ڏين ٿا.هتي مختلف قومن جي اچڻ سان مختلف تمدن جو هڪ مجموعو تيار ٿي ويو.۽ ھر تمدن هندستان کي متاثر ڪرڻ کانپوء پاڻ ڪنهن ٻيئي تمدن کان متاثر ٿيندي رهي.9هجري واري دور ۾ هندستان ۾ ٻه قومون رهنديون هيون.جن جون يادگارون اڄ تائين نيل گري جي پهاڙن ۾ باقي آھن.ان کان پوء ڪولهي ۽ ڀيل قومن هندستان کي پنهنجو گهر بڻايو ۽ صدين کانپوء دراوڙن انهن قومن کي ڏکڻ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. دراوڙن جا قد ننڍا.رنگ ڪارو ۽ نڪ جي مشابهت چينين جهڙي هئي.دراوڙ شروعات ۾ اتر هندستان ۾ آباد ٿيا.ليڪن آريائن انهن سان ساڳيو ئي سلوڪ ڪيو.جيڪو دراوڙ ڪولهين ۽ ڀيلن سان ڪري ڇڪا هئا.آريائن دراوڙن کي اتر هندستان کان ڌڪي ڇڏيو.جيڪي بعد ۾ ڏکڻ ھندستان هليا ويا.۽ اڄ ڏکڻ ھندستان ۾ دراوڙن جي اڪثريت آھي.جن جون ٻوليون هندي آريائي ٻولين کان مختلف آھن.هندستان ۾ دراوڙ شهري تمدن جي مرتبي تائين پهچي چڪا هئا.۽ انهن جو تمدن سوميري تمدن سان ٺھڪندڙ هو.هڙاپا ۽ موهن جودڙو جي کوٽائين انهن جي تمدن جي عظمت کي اسان جي سامهون آندو.۽ انهن شھرن جو تمدن صدين جي جهولي ۾ نپيو هوندو.مصر .عراق ۽ ايران جي تهذيبن سان گڏ ئي گڏ دراوڙي تهذيب ۾ پنهنجي قدامت ۽ عظمت جو داستان کنڊرن جي شڪل ۾ ڏيک ڏيئي ٿو.
موهن جودڙو ۽ ھڙاپا آريائن جي اچڻ کان صديون اڳ شھريت حاصل ڪري چڪا هئا.سنڌ ۽ پنجاب جو تمدن مصر ۽ عراق جي ساڳئي تمدن کان ڪنهن ريت پوئتي نه هو.انهن شھرن جا ماڻھو سوٽي ڪپڙو اڻيندا هئا.گهرن ۾ باٿ روم هئين .شھرين جا گهر ڊگها.ويڪرا ۽ صاف سٿرا هوندا هئا.۽ سندن جو مذھب مصرين ۽ سوميرن سان بلڪل ٺھڪندڙ هو.
آريا اٽڪل 1500ق.م يعني حضرت عيسي عليه الاسلام کان به پندرهن سال اڳ اتر هندستان جي رستي اتر هندستان ۾ داخل ٿيا.سوم رس(شراب جو هڪ قسم) پيئڻ وارا جنهن جي پيئڻ سان اکيون چمڪي پونديون هيون.آريا وچ ايشيا کان هندستان ۾ پيرين اگهاڙي پنڌ ڪهي آيا هئا.گورو رنگ.چنهنبارو نڪ ۽ ڊگهي قد وارا .گهوڙي جو گوشت کائڻ وارا ۽ گهوڙين جو کير پيئڻ وارا آريا نهايت محنتي.دلير ۽ بهادر پڻ ھئا.
قديم هند(برصغير) جي تاريخ کان پتو پوي ٿو ته برصغير جا پراڻا رهواسي ننڍي قد جا ۽ ڪڻڪ رنگا هئا.وچ ايشيا کان آريا ۽ راجپوت قبيلا انهن تي حملي آور ٿيا ۽ انهن جي مقابلي ۾ فتح سان ٽمٽار ٿيا.ان کانپوء ھنن سمورن مقامي رهواسين کي مذھبي جبر ۽ تشدد جي وسيلي پنهنجي مذھب کي اپنائڻ تي مجبور ڪيو ۽ ان سان گڏئي ذات پات جو نظام قائم ٿيو.
آريائن جي اچڻ سان گڏوگڏ يا انهن کان اڳ اتر اوڀر هندستان برما.بنگال ۽ آسام کان منگولي قومون به هندستان ۾ داخل ٿينديون رهيون.آريا اترين اولهائين هندستان جي رستي کان داخل ٿيا.۽ ھندستان ۾ اهي صدين تائين دراوڙن سان وڙھڻ کانپوء پنجاب تي قابض ٿيا. پنجاب کان اهي گنگا جي وادي ۾ پهتا.جتي آريائن جي سياست ۽ تهذيب پنهنجي عروج تي پهتي.مگده ۾ هڪ عظيم الشان آريا سلطنت جو بنياد پيو.مگده سلطنت جي زماني ۾ گوتم ٻڌ جو ظھور ٿيو.گوتم جنهن هماليائي ريادت ڪپل وستو ۾ جنم ورتو.ٻڌ پنهنجي دور جي سمورين مجلسي برائين جي خلاف بغاوت ڪئي.۽ ھن جو مذھب عوام جي ٻولي ۾ عوام جي لاء ھو.گوتم ٻڌ جي تعليمات منجهان هڪ ڳاله جيڪا1965ع جي تاريخ ۾ لکيل آھي.اها هيء آھي ته “دنيا ڏک جو گهر آھي ۽ ڏک خواهشين کان جنم وٺن ٿا“
ايران جي بادشاه سارا سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجه علائقن تي قبضو ڪري ورتو.سڪندر به 336ق.م ۾َهندستان جو رخ ڪيو.پورس مقابلو ڪيو.ليڪن ناڪام ويو ۽ ھن جون فوجيون جهلم ۽ بياس جي ڪناري کان واپس ٿيون.يوناني تهذيب اتر هندستان کي متاثر ڪيو.سڪندر جي واپس وڃڻ کانپوء پنجاب کان چندر گيت موريا ڪر کنيو.هن جي وزير چانڪيا جو“ارٿ شاستر“ حڪومت تي يقينن پهريون ڪتاب آھي.موريا خاندان جي شھنشاه اشوڪ جو حڪومتي دور نظم وترتيب جي ڪمن سان ڀريو پيو آھي.موريا سلطنت جي تباهي کانپوء پنج سو سالن تائين هندستان ۾ ڪا مرڪزي حڪومت ڏيک نٿي ڏيئي.ان زماني ۾ ساڪا ۽ يوچي قومن هندستان تي حملو ڪيو.قوم جو سڀ کان مشھور ڪنشڪ هو. ساڳيئي زماني ۾ ٻڌمت ۽ برهمڻ مت ۾ ڇڪتاڻ ٿي.انهيء زماني ۾ پران انهن جي اهم يادگار آھي.چوٿين صدي عيسوي ۾ گيت جي سلطنت قائم ٿي.هاڻي پاٽلي پترا جي جڳه اجين کي هندستان جي مرڪزيت حاصل ٿي.اهو زمانو برهمڻ مت جي نهايت عروج جو هو.بڪرما جيت انهيء خاندان جو هڪ حڪمران هو.گيت خاندان جي حڪومتي دور ۾ هندستاني علم وفن ۽ صنعت ڪافي ترقي ڪئي.هندستان ۽ روم ۾ واپاري تعلقات قائم ٿيا.ڏکڻ هندستان جي ماڻھن جاوا ۽ سماثرا ۾ پنهنجيون بيٺڪيتون قائم ڪيون.گيت خاندان جي زوال کانپوء هندستان وري ٻاھرين حملي آورن جو شڪار ٿيو.هاڻي سفيد قوم ئي اتر هندستان کي تاراج ڪيو.ٽيڪسيلا کي تباه وبرباد ڪيائين.جنهن جا اڄ کنڊر شاهد آھن.جٽ ۽ گجر انهيء قوم جا مشھور قبيلا هئا.مهرگل بن قوم جو مشھور بادشاه هو.جيڪو هاٿين کي پهاڙن تان ڪيرائي ڪري انهن جي مرڻ تي خوشي ڪندو هو.ستين صدي ۾ برش ورڌن هندستان کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن جي کي بيون سانگ اسان تائين پهچايو.برشورڌن جيتوڻيڪ ٻڌمت جو پيروڪار هو.ليڪن سندس دور ۾ اتر هندستان ۾ برهمڻ مت زور وٺي ڇڏيو.
لڳ ڀڳ 660عيسوي برش ورڌن جي مون کانپوء هندستان جي مرڪزي حڪومت ختم ٿي وئي.اسلام ان وقت عرب جي رڻ پٽن ۾ تتجي نپجي رهيو هو.
712ع ۾ محمد بن قسم ديبل جي رستي يعني ڪراڇي جي پادي کان سنڌ ۾ داخل ٿيو.راجا ڏاھر کي شڪست ڏنائين ۽ ملتان تائين وڃي پهتو.ليڪن ڪا اسلامي رياست نه ٺاھيائين.ليڪن سنڌ جي ماڻھن تي ڪافي اثر ڇڏيائين.سنڌ جي ماڻھن محمد بن قاسم جون مورتيون ٺھرايون.برصغير پاڪ وهند جي مسلمانن جي اڪثريت انهن فردن تي مشتمل آھي.جن هندو مذھب ڇڏي ڪري اسلام کي اختيار ڪيو.ان کانپوء افغان ۽ غزنوي کان محمود غزنوي هندستان تي سترهن حملا ڪيا.ان کانپوء محمود غزنوي لاهور جي راجا جي پال کي شڪست ڏئي ڪري نئين سلطنت جو بنياد وڌو ۽ پنهنجي هڪ غلام قطب الدين ابيڪ کي ان جو اڳواڻ بڻايو.اها پهرين اسلامي رياست هئي.جيڪا غلامان خاندان جي نالي سان مشھور ٿي.التمش.رضيه سلطانه ۽ غياث الدين بلبل مشھور بادشاه هئا.
التمش ۽ رضيه سلطانه کي خلجين فتح ڪيو.علاولدين خلجي مشھور بادشاه هو.خلجين کي وري تغلق خاندان فتح ڪيو.جونا خان محمد بن تغلق فيروز شاه مشھور بادشاه هئا.
جونا خان محمد بن تغلق جي زماني ۾ مشھور سياح ابن بطوطا هندستان آيو ۽ ڪافي معلومات پنهنجي سفر نامي ۾ لکيائين.فيروز تغلق ۽ غياث الدين تغلق مشھور بادشاه هئا.محمود شاه تغلق ڪمزور بادشاه هو.امير تيمور جي حملي تغلق خاندان جي وقت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.دهلي کي تيمورلنڪ تاراج ڪيو.۽ دهلي ۾ رت جون نديون وهائي ڇڏيون.کوپڙين جا مينار ٺاھيائين.امير تيمور جنهن ڪا مستقل حڪومت نه ڌاھي بلڪ ڦري لٽي واپس هليو ويو. ۽ خضر خان سادات خاندان جو بنياد وڌو.سيد خاندان جي ڪمزوري ڏسي ڪري ڀلول لوڌيء دهلي تي قبضو ڪيو.۽ لوڌي خاندان جو بنياد وڌو.سڪندر لوڌي خاندان جو مشھور بادشاه هو.سڪندر لوڌيء آڳره شھر آباد ڪيو. ۽ آڳره کي سلطنت جي گادي جو هنڌ بڻايائين.سڪندر لوڌيء کانپوء هڪ ڪمزور حڪمران ابراهيم لوڌي بادشاه بڻيو.جنهن کي بابر پاڻي پت جي ميدان ۾ شڪست ڏئي ڪري مغليه سلطنت جو بنياد وڌو.بابر وچ ايشيا جي رياست فرغانه جي امير عمر شيخ مرزا جو پٽ هو.پيء جي وفات جي وقت بابر جي عمر ٻارهن سال هئي.ڀائرن ۽ چاچي جي مخالفت سبب کان فرغانه ڇڏي ڪري دربدر گهمندو رهيو.پٿيريلن پهاڙن تي پيرين اگهاڙو گهمندي هن جا پير ايترا سخت ٿي ويا هئا ته ڪنڊي لڳڻ جو احساس به نه ٿيندو هوس.هن ٻارهن هزار فوج گڏ ڪئي ۽ ڪابل تي قبضو ڪيو.هندستان جي زرخيزي ۽ دولت ڏسي ڪري هن ٻارهن هزار فوج سان هندستان تي حملو ڪيو.
1527عيسوي ۾ پاڻي پت جي ميدان ۾ ابراهيم لوڌيء جي هڪ لک فوج کي شڪست ڏنائين. ۽ مغليه سلطنت جو بنياد وڌائين .راڻا سانگا کي شڪست ڏنائين ۽ پنهنجي سلطنت کي مضبوط ڪيائين.بابر ايترو محنتي هو ته ٻن ماڻھن کي کڻي ڪري قلعي جي ڀت تي ڊوڙندو هو.
بابر نهايت مدبر ماڻھو هو.هڪ ڀيري بابر سمورن حڪومتي اميرن کي دعوت ڏني .دعوت ۾ شير شاه سوري به اميرن ۾ شامل هو.شير شاه سوريء بابر جي دعوت ۾ وڏي گوشت جو ٽڪرو پنهنجو خنجر سان وڍي کاڌو.دعوت ختم ٿي ٿيڻ تي بابر پنهنجي ولي عهد همايون کي هدايت ڪئي ته ان شخص شير شاه سوري کان بچجائن.پوء ھمايون کي شيرشاه سوريء شڪست ڏني ۽ همايون ايران فرار ٿي ويو.جڏھن شير شاه سوري جي حڪمراني ڪمزور ٿي ته ايراني بادشاه جي مدد سان ٻيهر سوري حڪمران تي حملو ڪيائين ۽ ان کي شڪست ڏئي ڪري بادشاه بڻيو ليڪن پنجن سالن کانپوء وفات ڪيائين.
همايون جي پٽ اڪبر جي عمر ٻارهن سال هئي.هن جي استاد بيرم.خان جلال الدين اڪبر جي نالي سان هن کي تخت تي ويهاريو.۽ پاڻ سندس جو سرپرست بڻجي ويو.
اڪبر بادشاه پنجاه سال حڪومت ڪئي.دين الاهي جي نالي سان هڪ نئون دين جاري ڪيو.هندو عورتن سان شادي ڪئي ۽ جهانگير هڪ هندو عورت کان جنم ورتو.
اڪبر کانپوء جهانگير تخت تي ويٺو.تزڪ جهانگيري ۾ زنجيرن عدل جو ذڪر ملي ٿو.ان کانپوء ھندستان جو شاهجهان بادشاه ٿيو.شهجهان کي عمارتن ٺاھڻ جون جنون هو.هن کي انجينيئر بادشاه به ڪوٺين ٿا.تاج محل.شاليمار باغ ۽ ٺٽي جي مسجد شاهجهان ذڪر جي لائق آھن.شاهجهان بيمار ٿيو ته هن وڏي پٽ داره شڪوه کي ولي عهد بڻايو.اورنگزيب عالمگير دکن ۾ مرهٽن سان وڙھي رهيو هو.هن کي پتو پيو ته تخت جي جنگ ڇڙي آھي.جنهن ۾ اورنگزيب فاتح ٿيو.شاهجهان کي قيد ڪري ڀائرن کي شڪست ڏئي ڪري تخت تي ويهي رهيو.هن به پنجاه سال حڪومت ڪئي.لاهور جي بادشاهي مسجد اورنگزيب عالمگير ٺھرائي.هن جي وفات کانپوء پوئيان ڪمزور ٿيڻ لڳا.تيمور ۽ مغل رت جي ملاوٽ جي سبب کان مست ٿي ويا.جڏھن محمد شاه رنگيلي جهڙي بادشاه جنم ورتو ته نادر شاه به دهلي تي حملو ڪيو.وڏي دولت ڦري.مشھور ڪوه نور ۽ تخت طائوس به پاڻ سان گڏ کڻي ويو.
هندستان جنهن جي دولت جا افسانه سڪندر جي زماني کان يورپ وڃي رهيا هئا.
واسڪوڊي گاما هڪ عرب ملاح جي مدد سان راس اميد ڏکڻ آفريقا جو چڪر هڻندو هندستان پهتو.هندستان جي ماڻھن پنهنجي مهمان نوازي جي پيش نظر ان جو استقبال ڪيو.ڪالي ڪٽ جي راجا راڻا کي ڪهڙي خبر هئي ته زيمورن جي افسانوي اشتر جيان پرتگيز انهيء علائقي کان ٻاھر ڪڍڻ جي لاء فڪرمند آھي.پرتگيزي ڪالي ڪٽ ۾ ھڪ فيڪٽري قائم ڪئي.ٽن سالن کانپوء ڪالي ڪٽ جي علائقي تي هڪ پرتگيزي قلعي ڏيک ڏنو.ٿورڙي عرصي کانپوء پرتگيزي جهنڊو ڦڙڪڻ لڳو.ڪالي ڪٽ جي مهمانن زيمورن جي شاهي محلات کي ساڙڻ کان نه ڪيٻايو.نيٺ پرتگيزي ملڪ جي ڪناري تي پهچي ويا.1492 عيسوي ۾ ڪولمڀس هندستان ڳوليندو امريڪا وڃي پهتو.۽ ائين نئون براعظم امريڪا دريافت ٿيو.
آسٽريليا جي هڪ جهاز ڊان جيمزڪڪ دنيا جي چوڌاري چڪر پورو ڪندي ڳولي ورتو.
انگريز به واپار جي مقيد سان هندستان آيا.مغل بادشاه جهانگير کي تحفا ڏنا.۽ واپار جي اجازت ملڻ جي ڪجه ڳرصي کانپوء ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪلڪته ۾ قائم ڪئي ۽ وڌندي وڌندي انهيء ايسٽ انڊيا ڪمپنيء مغليه سلطنت کي کوکلو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.نيٺ 1858ع جي آزادي واري جنگ ۾ مغليه سلطنت جو آخري بادشاه ظفر کي جلاوطن ڪري رنگون پهچائي ڇڏيائون.۽ اتي ئي هو وفات ڪري ويو ۽ انگريز سموري هندستان جا مالڪ بڻجي ويا.14آگسٽ1947ع ۾آزادي ملي.
تاريخ ۾ ڪافي حملي آور ايندا رهيا ۽ ڪجه آڻيندا ۽ ڪجه کڻي ڪري ويندا رهيا.
اڄ کان ٽي هزار سال اڳ جيڪي ماڻھو موجود هئا.هاڻي انهن جي نسلن ۾ ڪافي ملاوٽ ٿي چڪي آھي.جيڪو به آيو پنهنجو نشان ڇڏي ويو.نج ڪوبه ناهي.انهيء ريت راجپوت به نج ناهن رهيا.سمورا حملي آور پنهنجو حصو وجهندا رهيا.مغل به نج نه رهيا.بابر چنگيز ۽ تيمور جو مڪسچر هو.ان کانپوء اڪبر اعظم هندن سان شادي ڪئي ته جهانگير مڪسچر ٿيو.اڳ وارا انهيء کان به وڌيڪ مڪسچر هئس.انگريزن به پنهنجو حصو وڌو ۽ اينگلو انڊين جي نالي سان نئين صوم وجود ۾ آئي.
اڄ جي برصغير ۾ ڏسو ته اتراوله جا ماڻھو گورا آھن.شايد ئي ڪو پٺاڻ ڪاري رنگ جو هجي جيڪو ڪراس نسل آھي.جئين جيئن اوهان ڏکزڻ وڃو ته ماڻھو سانوري رنگ جا ڏيک ڏيندا.شايد ئي ڪو گورو يا ڪڻڪ رنگو هجي.جيڪو ڪراس نسل کان هوندو.بنگال ۾ اڪثر ماڻھو ڪجه خوبصورت ۽ ڪڻڪ رنگ وارا ڏيک ڏيندا.
ڪراچي ۾ به ڪجه ماڻھو حبشي نسل جا گهنڊيدار وارن وارا ملندا جن کي مڪراني سڏيو وڃي ٿو.ائين برصغير ۾ سمورن حملي آورن ۽ ٻاھر کان اچڻ وارن پنهنجو اثر وڌو.
حملي آور دره خيبر جي وسيلي ايندا رهيا.آريا آيا.سڪندر ۽ منگول آيا.افغان.لوڌي.سوري.مغل.جنهن رستي کان گذرندا ويا.پنهنجو ٻج ڇٽيندا ويا.ڪير نج آھي؟جيڪو ماڻھو جرمني سان شادي ڪري ۽ ٻارڙا پيدا ڪري ڇا اهو نج آھي.؟نه مڪس آھي.ٻار هتي ايڊجسٽ نٿا ٿي دگهن اسان سڀ ڪراس ٿي ڪري نوان نوان نسل نڪري رهيا آھيون.نج ڪوبه ناهي.
صديون گذري ويون ليڪن اسلام ته جڏھن سئو سال اڳ آيو هو.ليڪن 300سال اڳ آريا آيا ۽ سڪندر به اسلام کانپوء آيو بلڪ حضرت عيسي عليه الاسلام کان اڳ به ڪافي حملي آور آيا ۽ ان وقت نڪاح ڪو تصورنه هو.سڀ گڏجي سڏجي ويا.ڇا .خيال آھي
اسان جا ابا ڏاڏا ڪي سعودي عرب کان نه آيا هئا .اسلام ته آيو 610ع ۾ ۽ اسان وٽ ٽي سو سال پوء آيو.ان کان اڳ ته ماڻھو ٻڌ ازم ۽ هندو ازم کي مڃڻ وارا هئا.اڄ به ٽيڪسيلا.سوات ۽ افغانستان ۾ مهاتما ٻڌ جون مورتيون ۽ کنڊر موجود آھن.اسان هندن کان مسلمان ٿياسين.
مغل بادشاه تاج محل.قلعا ٺھرايا ۽ دال ٿي پڪي.انهيء مانيء تي گذارو ٿي ٿيو.فوج ۾ جيڪي سپاهي وڙھندا هئا.اهي دال مانيء جي خاطر.پگهار جو ڪوبه تصور نه هو.۽ نه ئي آچر جي موڪل .جيڪو سلسلو اڄ تائين انگريزن کان وٺي هينئر تائين جيئن جو تيئن جاري آھي

پهنجو تبصرو موڪليو