نيٺ ڇا ٿيندو ؟

تحرير پروفيسر آصف احمد عباسي‎
ملڪ ۾ تازين عام چونڊن جي نتيجي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جوڙجڪ مڪمل ٿي چڪي آھي۔ سڄي صورتحال ۾ ھميشه جيان پنجاب حڪومت چست نظر اچي رھي آھي ،جيتوڻيڪ پنجاب ۾ مريم نواز اڻ تجريبڪار وزيراعلي آھي ۔ پر عوامي ڪمن ۾ چست ۽ اڳ کان اڳري آھي ۔
سنڌ ۾ خيرن سان مراد علي شاھ صاحب کي ٽيون وارو آھي ، پوئين ٻن وارن ۾ ڪجھ خاص ڊيليور ڪونه ڪري سگھيو آھي توڻي جو اعليٰ تعليم يافتہ ۽ ماليات ۾ اسپيشلائزڊ ۽ پڻ تجريبڪار وزيراعلي آھ ۔ ھينئر به عوام وڏيون اميدون ساريون ويٺو آھ ۔ پ پ پ جي سنڌ حڪومت ۾ اچڻ سان ئي صوبي ۾ ھر طرف امن امان واري صورتحال ڳنڀير ٿي ويئي آھ ، حڪومت جي گرفت گھٽ نظر اچي رھي آھ ۔
جيتوڻيڪ حڪومتن جي وار فير ۾ پ پ پ جون پاليسون تمام ڪارگر ثابت ٿيون آھن ، جنھن ۾ ملڪ جا طاقتور آئيني عھدا پ پ پنھجي نالي ڪري ورتا اٿس ، آخر ڇا سبب آھ جو سنڌ ۾ سؤ سيڪڙو پ پ پ جي حڪومت ھوندي به حڪومتي رٽ بحال نه ڪرائي سگھي آھ ان ۾ سڌو سنئون پ پ پ جي پاليسين جو به اثر آھ ، ڇو ته ھڪ وزير کي ٽي يا ٻه کاتا ڏنا ويا آھن ۽ سڌي يا اڻ سڌي طريقي سان صوبي کي ٺيڪيداري سسٽم تحت ھلايو پيو وڃي ، ظاھري آھ ته ان جو اثر ائين ئي نڪرندا ، ھاڻي ته ڪڻڪ جا سينٽر به سڌا سوان وڪرو ڪيا پيا وڃن ۔ پئسا لاڳاپيل وزير جي اڪائونٽ ۾ جمع پيا ٿين ۔ان صورتحال ۾ آخر ڇا ٿيندو غريب ۽ بي پهچ ھارئ نارئ جو ۔
دنيا ۾ وڏا وڏا ادارا ۽ پروجيڪٽ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت ھلايا ويندا آھن خاص ڪري روڊن جي انفرااسٽڪچر جا منصوبا ۽ وڏيون وڏيون فيڪٽريون وغيره ۔ ۽ انھن تي سخت چڪاس ۽ نگراني به ڪئي ويندي آھ ،اھو ئي سسٽم پ پ حڪومت به سنڌ م لاڳو ڪيو آھ صحت ۽ تعليم جي شعبي تي جيڪو بلڪل به غلط عمل آه ڇاڪاڻ ته اھي ٻيئ شعبا سڌا سنوان عام ماڻھؤ سان لاڳاپيل آھن ،۽ ٻيو ته ان ۾ چڪاس ۽ نگراني بلڪل به نٿي ڪئي وڃي ، ھن سسٽم تحت پ پ صوبي اندر بيشمار پبلڪ اداره پرائيوٽ ڪري ڇڏيا آھن ،جيڪي رياست اندر ننڍيون ننڍيون رياستون ٺاھي ويٺا آھن جن تي حڪومت جي ڪابه نگراني ۽ چڪاس نه آھ ۔ جنھن ۾ پي پي ايڇ آ۽ ، گمس ، آ۽ بي اي سکر ، ۽ ڪجھ ٻيا ادارا ۽ ھينر بہ حڪومت ڪاليج ايجوڪيشن جا ڪجھ ڪاليج پرائيوٽ ڪرڻ واري آھ ۔ سٺي ڳالھ آھ جو حڪومت مالياتي بار گھٽائڻ لا۽ ڪم ڪري پئي ، پر گڏوگڏ جن کي اھي ادارا سپرد ڪيا وڃن ٿا ، انھن تي سخت چڪاس ۽ نگراني به رکي وڃي ۔ گمس ۾ عام ماڻھؤ کي ڪجھ ملي ئي نٿو ، ھا جيڪڏھن ڪوئي پنجاب جو آھ يا پرڏيھي آھ ته ان جو علاج مفت آھ ۽ ان جي خوب تشھير به ڪئي ٿي وڃي ، عام يا لوڪل ماڻھن کي ھر سھولت جو پنجاھ پرنسٽ ورتو پيو وڃي ۽ صفائی سٿرائي ته بلڪل به نه آھ۔
ان تي حڪومت کي سخت ايڪشن ڪرڻ گھرجي ۔۽ احتساب ڪرڻ گهرجي ۔ ان سڄي صورتحال تي وزيراعلي کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ،آخر ڪار صوبو ائين ڪيستائين ھلندو ،نيٺ ڇا ٿيندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو