نينگر کي جنسي هراسان ڪرڻ تي ٽرانس وومين کي 7 سال قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ 16 ورهين جي نينگر کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ هڪ ٽران وومين کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب ڪيرالا جي شهر ٿيروواناٿاپورم ۾ خاص عدالت هڪ 16 ورهين جي نينگر کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ هڪ ٽرانس وومين کي 7 سال قيد ۽ 25 هزار ڀارتي رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڪيرالا ۾ اهو پهريون واقعو آهي جو ڪنهن ڪيس ۾ هڪ ٽرانس جينڊر کي سزا ٻڌائي وئي آهي، جوابدار جي عمر 34 سال آهي ۽ اها هڪ ٽرانس وومين آهي.پراسيڪيوٽر موجب جوابدار 2016 ۾ ٽرين ۾ نينگر کي جنسي هراسان ڪيو ۽ کيس ڌمڪيون به ڏنيون، پوءِ کيس فون ۽ سوشل ميڊيا تي به هراسان ڪيو ويو ۽ نينگر جي ماءُ کي خبر پوڻ تي معاملو پوليس تائين پهتو، جنهن کانپوءِ گرفتاري عمل ۾ آئي. عدالت طرفان سزا کانپوءِ جوابدار (جنهن جي هان جينڊر سرجري ٿي چڪي آهي) کي عورتن جي جيل ۾ هڪ خاص سيل منتقل ڪيو ويو آهي ۽ جلد کيس ٽرانس جينڊر جي خاص جيل منتقل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو