نوجوانو! سنڌ توهان جي منتظر آهي!!

ڪامريڊ زاھد خشڪ
لکندي لکندي ڪڏهن خيال ايندو آهي ته سياسي تجزيا ۽ تبصرا اڄ ڪلهه جي نوجوان نسل ۾ ايترا مقبول نه ٿا ٿين، جيترو ڪي غيرسياسي لکڻيون! خبر ناهي ته اهو منهنجو غلط گمان آهي يا حقيقت، پر جڏهن به ڪو مضمون اخبار مان کڻي فيس بڪ تي رکندو آهيان، جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال جو ڪو ذڪر نه هجي ته انهيءَ جا پڙهندڙ وڌيڪ نظر ايندا آهن. ڇا نوجوان نسل مان سياسي سوچ جي اڻاٺ ٿيندي پئي وڃي يا انهن جي دلچسپي آس پاس جي سياسي ۽ سماجي منظر نامي کان لاتعلق ٿيندي پئي وڃي؟ اهو بلڪل به نه وسارڻ گهرجي ته سياست سماجي تبديلي جي سائنس جو واحد علم آهي، جنهن جي وسيلي نه رڳو پنهنجي سماج کي سمجهي ۽ انهيءَ ۾ تبديلي جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو، پر پوري دنيا جي سماجن کي، اتي جي نظام کي ۽ انهن جي سياسي نظام جي ڪري ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي ترقي کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. نوجوانو ياد رکو ته سياسي شعور ملڪن، قومن ۽ ذاتي بقا جي لاءِ پڻ انتهائي اهميت رکي ٿو. جيڪڏهن پنهنجي وطن، پنهنجي قومي تشخص ۽ پنهنجي ذات جي بقا چاهيو ٿا ته سنڌ جي سياسي منظر نامي سميت سموري دنيا ۽ خاص طور خطي جي سياسي منظر کي ضرور سمجهو، پرکيو ۽ پروڙيو. هن وقت سموري سنڌ جي آبادي جو سٺ سيڪڙو کان مٿي اوهان نوجوان آهيو. اوهان کي پنهنجي وطن جي مالڪي سان گڏوگڏ دنيا جي ترقي سان گڏجي اڳتي وڌڻ جي لاءِ مفيد رستا ۽ راهون تلاش ڪرڻيون آهن. اـٔين ت سنڌ قدرتي وسائل سان مالا مال آھي پر اتان جي نااهل حڪمران طبقن سنڌ کي تباھ برباد ڪري ڇڏيو آ سنڌ جي ھر ادارن ۾ ڪرپٽ مافيا حڪمرانن ج ي سرپرستي ۾ سرگرم لڳي پئي آ ،ميونسپل نوڪريون ھجن يا ميڊيڪل ٽيسٽ جي key ، ڌارين کي آباد ڪراـٔڻ انھن کي ھتان جا ڊوميساـٔل ڏيڻ ،منشيات عام ڪرڻ يا ڪچي ۾ ڌاڙيلن کي ھٿيار مھيا ڪرڻ مطلب تي ھر ناجائز ڪم پ پ حڪومت جي سرپرستي ۾ پيو ٿي اھا ـٔي ڳالھ آ جو اسان جا سنڌي نوجوانن کي سياست ڪان پري ڌڪيو ٿو وڃي جـٔين انھن جا ناجائز ڪم جاري رھي سگھن
وقت جو حڪمران اوھان جي شور ڪان ن بلڪي اوھان جي شعور ڪان خوفزده آھي، ھاڻي سنڌ جي نوجوانن کي هر حال ۾ نڪرڻو پوندو. اڄ به جيڪڏهن سنڌ جو نوجوان موجوده پيپلز پارٽي جي طرز حڪمراني، ادارن جي اندر مقرري ۽ سنڌ جي قومي وسيلن جي نيلامي تي خاموش رهندي رڳو اهو انتظار ڪندو رهيو ته کيس ڪا نوڪري، ڪو روزگار يا ڪنهن سرڪاري اداري جي طرفان ڪا مدد ڪنهن وزير، مشير، سرڪاري اديب يا صحافي يا ڪنهن ڪرپٽ ڪاموري جي معرفت ملي پوي ته سندس زندگي تبديل ٿي ويندي ته پوءِ اها سوچ سنڌ جي هڪ نه هڪ ڏينهن تباهي جو سبب ضرور بڻجندي.
سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي سربراهن جي مقرري هجي يا سنڌ جي امتحاني بورڊن جي عملدارن جي مقرري، سنڌ جي اسڪول ۽ ڪاليجن جي آفيسرن جي مقرري هجي يا انهن اسڪول ۽ ڪاليجن جي سربراهن جي مقرري، انهن سڀني ۾ جيڪو به عملدار پنهنجي اهليت، قابليت ۽ تجربي جي بجاءِ پئسن ۽ سفارش عيوض مقرر ٿي اچي ته يقين ڄاڻو انهيءَ جي نيت، سوچ ۽ نظر اداري جي بهتري يا قوم جي بهتر مستقبل جي لاءِ ڳڻتي واري نه هوندي. جي پئسن جي عيوض عهدو ورتو هوندائين ته سموري توانائي انهيءَ اداري مان پئسن ڪمائڻ تي صرف ڪندو، جي سفارش تي آيو هوندو ته پوءِ هر گندو ڪم ڪنهن جي به سفارش تي ڪري ڇڏيندو، ٻيو نه ته جن جي سفارش تي آيو هوندو، انهن جي ته هر ڪم جي لاءِ سندن جي حضوري ۾ لڳو رهندو. اهڙن ادارن جي سربراهن جي ڪُڌن ڪمن جي نتيجي ۾ سموري سنڌ جي ايندڙ نسلن جو مستقبل داءُ تي لڳو رهي ٿو، پر اسان جا نوجوان انهن ادارن جي سربراهن جي غلط ڪارين جي خلاف خوف ۽ لالچ سبب ڪڇڻ به گناهه ٿا سمجهن. جيڪڏهن ڪي نوجوان انهن ادارن جي سربراهن جي غلط ڪارين خلاف آواز اٿارين ٿا ته سرڪاري قانون نافذ ڪندڙ ادارا پوليس ۽ والدين، حق جي آواز بلند ڪندڙن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هئڻ ته ائين گهرجي ته جيڪڏهن ڪنهن به غلط ڪم جي خلاف ڪو آواز اٿاري ته انهيءَ سان گڏ بيهڻ گهرجي، انهيءَ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ انهيءَ جي عمل کي قوم جي سماج جي ۽ ملڪ جي سڌي رستي تي هلڻ جي لاءِ بهتر عمل سمجهڻ گهرجي، پر اسان جي ملڪ جا ادارا، والدين ۽ ادارن جا سربراهه اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن به غلط ڪاري کي روڪڻ جي لاءِ اڄ هي نوجوان ڪامياب ٿي پيا ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ جي اندر ٿيندڙ سمورين غلط ڪارين خلاف متحد ٿي اهي نوجوان نڪري سگهن ٿا. اهي هي ڪوڙ جو سماج ڊاهي پٽ ڪري ڪو انقلاب آڻي سگهن ٿا، جنهن جو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ سنڌ جي هر تعليمي اداري ۾ شاگردن جي سياسي سرگرمين تي پابندي مڙهيل آهي. سياست ته ڇڏيو، جيڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري ۾ ڪو شاگرد پنهنجي اداري جي سربراهه کان ڪو سوال ڪري ٿو ته سندس يا داخلا ختم ٿي ڪئي وڃي يا وري انهيءَ جي مٿان ڪيس داخل ڪرائي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
سنڌ تي جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو يا سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انهيءَ وقت سنڌ جي هر تعليمي اداري جي شاگردن، استادن توڙي سنڌ جي ساڃاه وندن پاڻ ملهايو. آمرن جون مارشل لائون هجن يا وري سنڌ جي مٿان جمهوريت جي نالي ۾ پيپلز پارٽي جي جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪمراني، سڀني وقتن تي سنڌ جي شاگرد نوجوان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. حيرت اها آهي ته انهيءَ وقت سنڌ جي آباديءَ جو ايترو گهڻو تعداد به پڙهيل لکيل نوجوانن جو، نه هو، جيترو اڄ آهي. اڄ جي نوجوان کي هر حال ۾ اڳيان اچڻو پوندو. انهيءَ کي پنهنجي اجتماعي ڪردار جو تعين ڪرڻو پوندو. هن وقت سنڌ جي اڪثر ماضي جي ڪردارن کي لالچ ۽ خوف جو زنگ لڳي چڪو آهي. ڪالهه جن اديبن، دانشورن ۽ شاگرد اڳواڻن جيل ڪاٽيا يا سختيون سٺيون، اڄ انهن جي اڪثريت ذاتي مفادن خاطر لالچ ۽ خوف ۾ پيپلز پارٽي جي سرڪاري سرپرستي هيٺ ڪنهن نه ڪم سان ونگار ۾ لڳي پئي آهي. انهن مان ڪا گهڻي اميد رکڻ جي بجاءِ انهن جي به رستا روڪ ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي نوجوانن کي اڳيان اچڻو پوندو. سوال ڪريو هر انهيءَ ڪردار کان، سوال ڪريو، جنهن کي اوهان سنڌ جي ماضي جي ڪنهن ڪردار ۾ ڪو آدرشي ڪردار سمجهيو هو يا اڄ به کيس سمجهو ٿا. انهن کان سوال ڪريو ته انهن جو قبلو ڪهڙو آهي؟ سندن آدرش ڪهڙا آهن؟ انهن کان سوال ڪريو ته اوهان هن وقت سنڌ جي وجود، قومي تشخص ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو؟ ڪنهن جي شاعريءَ جي سٽن کي يا نثري تشبيهن ۽ استعارن کي سندن سنڌ سان محبت جو ماڻ ۽ ماپو سمجهي انهن جي واهه واهه ڪرڻ جي بجاءِ اهو ڏسو ته ان جو اڄ جي سياسي وايومنڊل ۾ ڪردار ڪهڙو آهي. موجوده پيپلز پارٽي جي سرڪار جو نقاد آهي يا پيپلز پارٽي جي سرڪار مان ڪنهن نه ڪنهن طرح مستفيض ٿيندڙ!؟ جيڪڏهن سرڪار مان فائدا حاصل ڪندڙ آهي ته پوءِ پڪ ڄاڻو اهو ڪڏهن به سنڌ جي بهتر مستقبل جي لاءِ ڪا به قرباني ڪونه ڏئي سگهندو. جنهن کي ڏسو ته هو خالي هٿين، ڪهڙي به سرڪار هجي، انهيءَ سان سنڌ جي قومي مفادن تي سودي بازي نه ٿو ڪري ته يقين رکو، اهو ئي اوهان کي سئين دڳ لائي سگهي ٿو. هن وقت سنڌ کي لکين اهل ايماندار ۽ جرئتمند نوجوانن جي ضرورت آهي، جيڪي پنهنجي ذات جي، ذاتي خواهشن جي قرباني ڏئي سنڌ جي قومي بقا، سنڌ جي قومي تشخص ۽ سنڌ جي مالڪي جي لاءِ سياست جي ميدان ۾ اڳيان نڪري اچن. هن وقت سنڌ کي ضرورت آهي لکين اهڙن باڪردار، بي خوف ۽ اڻلوڀي نوجوانن جي، جيڪي سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار هجن. اي سنڌ جا نوجوانو! سنڌ توهان جي منتظر آهي. اوهان پنهنجي اهليت، ايمانداري ۽ جرئت سان اڳتي وڌو ۽ سنڌ جي اڳواڻي لاءِ، مالڪي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو