نوازشريف جنهن ڏينهن جهاز ۾ ويهندو سمجهو اليڪشن ٿيڻ واري آهي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان (ن) ليگ جي اڳاوڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اليڪشن آڪٽوبر ۾ ٿيندي ۽ اسان جي پارٽي تيار آهي جنهن ڏينهن نوازشريف جهاز ۾ ويهندو سمجهو پاڪستان ۾ اليڪشن ٿيڻ واري آهي نوازشريف اليڪشن مهم کي ليڊ ڪندو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث وڳوڙين جي خلاف بنا فرق ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ڪنهن کي پريس ڪانفرنس ڪري اين آر او نه ملندو ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته 9 مئي جو پلان جوڙڻ ۽ عملدرآمد ڪندڙ عمران خان آهي 9 مئي جو سڀ کان وڏو مک عمران خان آهي عمران خان کي هڪ درجن کان وڌيڪ ڪيسن ۾ صاف ضمانت ڏني وئي بي بي سي کي انٽرويو ۾ چوي ٿو ته جيڪو ڪجهه ٿيو اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪيو 9 مئي کان تون پنهنجي جند ڇڏائڻ چاهين ٿو هن چيو ته ڪافي ماڻهن جو ضمير جاڳيو آهي ۽ پريس ڪانفرنسون ڪن ٿا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ماڻهن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ سان معافي نه ملندي ماڻهو ڌڙاڌڙ مختلف پارٽين ۾ شامل ٿي رهيا آهن (ن) ليگ جي بس اڳواٽ ئي فل آهي اسان وٽ مڃيل ڪيترائي اميدوار موجود آهن پنجاب جي هر تڪ ۾ اسان وٽ اميدور موجود آهن هن چيو ته پريس ڪانفرنس ڪندڙن کي پنهنجي پارٽي ۾ لڪڻ نه ڏينداسين جن پارٽين ۾ ماڻهو وڃي رهيا آهن انهن وٽ جڳهه هوندي 9 مئي جو واقعو هڪ ڏينهن ۾ ناهي ٿيو ڪيترائي سال ان جي ٽريننگ ڪئي وئي 9 مئي جا واقعا رٿابندي سان ڪيا ويا 9 مئي جو ڪيس رياست لا3 ٽيسٽ ڪيس آهي عدالت ڪنهن کي ڇڏڻ کان اڳ ڏسي ڇڏي گناهگار آهي يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو