زاهد اوٺو
پيار، عشق ۽ محبت، پيار جيڪو حاصلات جو ٻيو نالو آهي، پيار هڪ عجيب جذبي جو نالو آهي پنهنجو ڪرڻ جو جذبو، ڪنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ طئي ڪيل رستي جو نالو پيار آهي پر منزل تي پهچڻ بعد کيس ڪيفيت تبديل ٿي وڃي ٿي کيس پهرين جهڙي اهميت نه ٿي رهي جيڪا حاصلات کان پهرين هجي ٿي ته پيار جو عشق يا محبت سان کيس ڀيٽ ڪئي وڃي ته پيار کين مقابلي ۾ هڪ ننڍڙو لفظ آهي پر ماکي جي مٺاس جهڙي محبت جنهن جو نالو وٺندي ئي منهن مٺو ٿيو وڃي، محبت جيڪا بحر جي لهر آهي يا راڳ جي لئي آهي، محبت جنهن جو ڪو به نالو ناهي نه ئي ڪو تعارف آهي محبت جيڪا آهي سائي آهي خالص ۽ سادي، جڏهن کيس ڪو نالو ڏنو وڃي ته ايئن لڳندو آهي ته نالو تقسيم جو هڪ حصو آهي پر ڏٺو وڃي ته محبت تقسيم کي روڪي ٿي پر جڏهن اسان محبت سان تقسيم وابسته ڪري ڇڏيون ته اهو محبت جو وڏو نقصان چئبو يا ايئن کڻي چئجي ته اهو عمل توهين محبت جي زمري ۾ اچي ٿو، ڏٺو وڃي ته ڪل ڪائنات جي خالق به پنهنجي نالو رب العالمين رکيو جنهن تمام تقسيم کي ختم ڪري ڇڏيو کيس مڃڻ وارن لاء يا نه مڃيندڙن لاءِ صرف هڪ ايجنڊا واضع ڪري رکي ۽ پنهنجي پيغمبر کي رحمت العالمين ڪوٺيو مطلب ته تقسيم نه ڪيو ڳالھ جو مقصد ته محبت جي هڪ ئي معني آهي ته تقسيم کي قبول نه ڪرڻ يعني توحيد کي مڃڻ، جنهن بعد تقسيم جو نالو ئي ناهي بس هڪ کي مڃڻ ۽ هڪ جو ٿي وڃڻ جنهن بعد نفرت هڪ پاسي ۽ محبت ٻي پاسي رهجي وڃي ٿي پر محبت جنهن جي معني آهي رشتن جو جوڙڻ يا جوڙي ڇڏڻ، پيار جي ڪيفيت جيڪا محبت ۾ هجي ٿي پر محبت جو سلسلو اڃان به نامعلوم منزل ڏانهن اڳتي وڌي ٿو جنهن منزل جو ڪو به پتو نه آهي محبت ڪجھ حاصل به ڪيو وڃي ٿو پر اڪثر محبت جي جهولي خالي ئي رهندي آهي، محبت جنهن ۾ ڪافي اتفاق به ٿين ٿا ۽ شڪايتون پڻ، جنهن ۾ اداس ۽ خوش رهڻ سان گڏ ڪڏهن الڳ ته ڪڏهن هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿيڻو پوندو آهي، محبت جنهن ۾ محبوب جي حاصلات به آهي ته پنهنجو پاڻ کي وڃائڻ به جيڪو مرڪ جان سان ٿيو پر کيس اهو سمجھ ۾ نه آيو ته بگهڙن ۽ سوئرن جي سماج ۾ هرڻيون ڪٿي ٿيون آزاد جِي سگهن؟
ڪامريڊ مرڪ جان جي پراسرار موت جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟ سوشل ميڊيا تي وقت به وقتن مختلف ماڻهن جا مختلف رايا آهن پر ڪلھ کان سوشل ميڊيا تي هڪڙو پنو گهڻن والن تي گھمندي نظر آيو آهي سوشل ورڪر جا ٻه ساڳيا جملا ڏسڻ لاءِ مليا آهن ته هي تحرير مرڪ جان جي آهي جنهن ڊائري جي پني تي ٻه هزار ويھ جي پهرين ڊسمبر جي تاريخ لڳل آهي ۽ مرڪ جي تحرير هيٺيان به ڪا نئين تاريخ درج ٿيل نه آهي جنهن سان کيس تحرير جي تازي هجڻ جي پڪ پئي، پر اتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته مرڪ جي هن المناڪ واقعي کان پو سندس سموريون استعمال واريون شيون پوليس ڪسٽڊي ۾ هونديون پوءِ کيس ڊائري جو پنو سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ تائين ڪيئن پهتو؟ مرڪ جان جي ڄاڻايل تحرير ۾ لکيل لفظ ڏاڍا ڀيانڪ ۽ جيءِ جهوريندڙ آهن کيس هڪ لکيل جملو “ته منهنجي قاتل منهنجي محبت ئي نڪتي مرڪ زنده هجي يا نه هجي پر سيف(جيڪو کيس مڙس ڪوٺيو پيو وڃي) جي انا زنده رهي” اڪثر ٻه شيون انسان کي خودڪشي تي مجبور ڪنديون آهن هڪ ڀروسي وارو ماڻهو جڏهن دوکو ڏي يا وري ڀروسي واري ماڻهو وٽ ڪي راز هجن ۽ هو بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري انهن حالاتن ۾ جيئڻ جنجال لڳندو آهي باقي بگڙيل حالاتن کان تنگ ماڻهو خودڪشي کي درگذر ڪري سگهي ٿو، ڏٺو وڃي ته اسان جو منحوس معاشرو نياڻين ۽ معصوم ٻارڙن جي لاء مقتل بڻجي چڪو آھي جتي ٻار عورتون ۽ گل محفوظ ناھن اتي ڪير محفوظ ھوندو؟ مرڪ جو پھريون قاتل اھو شخص آھي جنھن مٿس شڪ ڪيو ان کان پوء ھي سماج جنھن کيس زندگي ۾ الزامن جا تير ھڻي زخمي ڪيو ٽئين نمبر تي اسين سڀ سندس قتل ۾ شامل آھيون جن جيئري مٿس تھمتون به ھنيون مرڻ کان پوء وري ھن جي موت تي سوشل ميڊيا جو آکاڙو سجايو ويٺا فتوائون ڏيون، پر ڪجھ ماڻهو مرڪ جي قتل جا ڇنڊا قومي تحريڪ تي اڇلي رهيا آهن ته مرڪ جي قتل جي ذميوار قومي تحريڪ آھي ڀلا ڪنھن ھڪ فرد يا ٻن فردن جي وچ واري ذاتي معاملي ۽ ان جي صورت ۾ ٿيندڙ ڪنھن الميي/ قتل/ خودڪشي جي ذميداري ڪنھن سياسي تحريڪ تي ڀلا ڪيئن ٿي ٺهڪي؟
جڏهن ته مٿس شڪي نظر رکندڙ شخص جنهن پاڻ کي اڻسڌي طرح قوم ۽ قومي ڪارڪنن اڳيان جوابده هجڻ جو بيانو ڏنو ۽ پاڻ کي سنگسار لاءِ پيش ڪندڙ ۽ کيس پهريون پٿر هڻڻ جي دعوا ڪندڙ سندس پيءُ ڇا اهو ڪير پڇي ته مرڪ جي پيش آيل واقعي کان پوءِ موقف ڏيڻ بعد اڃان تائين پاڻ کي قوم اڳيان سڌي ريت ڪٽهڙي ۾ ڇو ناهي بيهاريو؟ فليٽ مان هٿ آيل ايگريمينٽ ۾ مرڪ ۽ سيف جو زال مڙس وارو رشتو عوام آڏو ڇو ناهي آندو؟ جيڪڏهن سيف ۽ مرڪ جو نڪاح وڌل هيو ته سيف کيس زال ڪوٺڻ کان ڇو ڪيٻائيندو رهيو؟ ۽ نامعلوم ماڻهن خلاف ڌمڪي آويز پوسٽون ڇو هٽايون؟ مرڪ تي جيڪو ٻن ٽن سالن کان ذهني ٽارچر ٿيندو رهيو ان ڪري هن اڳي به خودڪشي جي ڪوشش ڪئي (جنهن جا کوڙ سارا گواھ موجود آهن) ان کي مد نظر رکندي کيس حياتي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڇو نه ڪئي؟ سيف جتوئي جنهن مرڪ سان نڪاح ڪيو يا نڪاح جا دلاسا ڏيندو رهيو ڇا اهو نياڻي سان ريپ نه چئبو؟ سيف جتوئي ۽ حبيب جتوئي صاحب مرڪ جي خودڪشي (جيڪا قتل آهي) ڇا انهن جا بيان انهن خلاف پاڻمرادو چار شيٽ ناهن؟ ڇا قانوني نقطي نظر موجب ڪنهن به انسان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ قتل نه آهي؟ مٿيان سوال جيڪي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ڪرڻ جوڳا نه آهن.
آئون وري به چوندس ته قلم، ڪتاب ۽ وطن سان چاھ رکندڙ چهرا خودڪشي نه ٿا ڪري سگهن ۽ اهو طئي آهي ته خودڪشي ڪندڙ پويان هزارين قاتل هوندا آهن انڪري مرڪ ڪڏهن به بنا قاتل جي مرجهائڻ واري مرڪ نه هئي، اڄوڪي دور جا نوجوان ڇوڪرا يا ڇوڪريون صرف ان سوچ جي ساگر مان نڪري اچن ته “محبت صرف هڪ ڀيرو نه ٿيندي آهي پر هر هر ٿيندي آهي ۽ ٿيندي رهندي” يا وري رهبر سائين جي ايم سيد جي هن قول تي قائم رهن ته “محبت ڪرڻي اٿئو ته ڌرتي سان ڪيو جتي بي وفائي جو تصور ئي ناهي” ته هوندڪڏهن به خودڪشي نه ڪن پر اسان جو قاتل سماج جتي مرد لاءِ سڀ ڪجھ جائز آهي جتي ڪارو ڪاري ڪري عورت کي غيرت جي نالي تي ماريو وڃي جتي شادي کان اڳ دوستي رکڻ يا گڏ رهڻ واري تعلق کي هن مرد معاشري ۾ قبوليت نه هئڻ ڪري ڇوڪريون هڪ خاص وقت کان پوءِ ان قسم جي تعلق اندر برابري واري آزادگي ماڻڻ بجاءِ اخلاقيات واري سماجي دٻاءُ هيٺ ڊپريشن جو شڪار ٿي جذباتي طور وڌيڪ ڪمزور ٿي وڃن ٿيون جتي اڪثر ڪري عورت جو اهو الميو رهيو آهي جو پنهنجو پاڻ کي محبت ۾ فنا ڪريو ڇڏي، ٻي پاسي مرڪ جو قتل نوجوانن جي منظم ۽ مربوط سياسي، سماجي ۽ ادبي تربيت نه ڪرڻ جو انتهائي ۽ دردناڪ نتيجو آهي.
مرڪ جان جو قتل سنڌي ناري تحريڪ جو وڏو نقصان آهي ڇو جو سياسي حوالي سان متحرڪ ڇوڪريون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون هونديون آهن جيڪڏهن انهن چند ڇوڪرين مان ڪا قوم تي سوچيندڙ، لوچيندڙ ۽ سرگرم ڇوڪري ايئن اڻ مندائتي مٽي ملي وڃي ته سياسي تحريڪ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيندو آهي، مرڪ پيرزادو جي قتل سنڌ جي آجپي جي قتل آهي، نزار قاباني لکيو آهي ته:
“جڏهن ڪا خوبصورت عورت مرندي آهي ته
ڌرتي پنهنجو توازن وڃائي وهندي آهي
چنڊ سالن تائين سوڳ جو اعلان ڪندو آهي
۽ شاعري بي روزگار ٿي ويندي آهي”
۽ بلڪل ائين ئي آهي اشوڪ خاموش هڪ هنڌ لکيو آهي ته “جڏهن هڪ جاهل مرندو آهي ته ڌرتي جي غلامي جي هڪ ڪڙي ٽٽي پوندي آهي پر جڏهن هڪ پڙهيو، لکيو، باشعور ۽ روشن خيال شخص مرندو آهي ته اها ڌرتي گهڻو ڪجھ وڃائيندو آهي ” يقينن باشعور نوجوان شخص ئي ڌرتي جا وارث ۽ مان مريادا هوندا آهن جيڪڏهن اهي وقت کان اڳي ئي وڇوڙي جي واٽ وٺن ته اها ڌرتي رت جا ڳوڙها روئندي آهي، پوليس سنڌ جي آزادي تي ويساھ رکندڙ مرڪ جان جي قاتلن جا پيرا کڻڻ لاءِ ڪنهن جو انتظار ڪري رهي آهي؟ جنهن فرد جي رويي جي ڪري مرڪ پاڻ ماريو آهي اهو ئي سندس قاتل آهي پوءِ عدالت ان کي گرفت ۾ آڻي سزا ڏي تاريخ ان نامراد ۽ بيوفا شخص کي مرڪ جو قاتل قرار ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته ” ڪنهن جي دل ۾ محبت پيدا ڪري ان کي ڇڏي ڏيڻ به ان کي قتل ڪرڻ برابر آهي” هن وقت مرڪ جان جو قتل هڪ وڏو سوال بڻيل آهي، ان ۾ سموري سنڌ کي قومي فرض آهي ته هو مرڪ جي ڪيس ۾ اڳڀري ٿي بيهي، ذميوار ماڻهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائن ۽ قومي تحريڪ جي ٿيندڙ نقصان کي بچائن، ڏائڻ اهڙا موقعا ڳوليندي آهي يا ايئن کڻي چئجي ته پاڻ پيدا ڪرائيندي آهي انهن سمورن معاملن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي هر غيرتمند فرد جو اهو فرض بڻجي ٿو ته هُو پاڻمرادو انهن معاملن ۾ اڳڀرو ٿئي هن مسئلي کي سنجيدگي سان سلجهائڻ ۾ مرڪ جي والدين جو ساٿ ڏيڻ سان گڏ قومي تحريڪ ٿي ٿيندڙ وار کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.
