نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 127مشهور شخصيتن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (پ ر) پاڪستان حڪومت زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارين 127ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن کي 23 مارچ تي سول اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. مختلف شعبن ۾ شاندارڪرگردگي ڏيکارڻ وارن اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين، گلوڪارن، اداڪارن، سائنس، طب ۽ ٻين شعبن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي ايوان صدر ۾ رٿيل تقريب ۾صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان تمغا پيش ڪيا ويندا. تمغا حاصل ڪندڙن ۾ صدرالدين هاشواڻي، وقار يونس، وسيم اڪرم، مرحوم سراج رئيساڻي، ڊاڪٽر عنايت الله پرهياڙ، ڪليم لاشاري، عقيل ڪريم ڍيڍي، تاج بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن. اداڪار مهوش حيات کي پنهنجي اداڪاري ۽ ڳائڻ واري صلاحيتن جي ڪري ۽ خاص طور تي ان جي ٻن فلمن، پنجاب نهين جائون گي ۽ جواني پهر نهين آني ۾ بهترين اداڪاري جي ڪري کيس تمغه امتياز ڏنو پيو وڃي. موسيقي ۾عطا الله خان عيسيٰ  خيلوي ۽ سجاد علي کي  ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سجاد علي جا چيف صاحب، سنڊريلا ۽ ياد تو آتي هوگي گيت سڀني عمر جي مداحن ۾ مشهور آهن. پاڪستاني اداڪار بابرا شريف پڻ پنهنجي اداڪاري صلاحيتن لاءِ ساڳيو تمغو حاصل ڪندي. صدرعارف علوي ٻين اداڪارائن ريما خان، شبير جان، مزاحيه  فنڪارافتخار ٺاڪر ۽ صحافي ارشد شريف کي پرائڊ آف پرفارمنس  جو اعزاز ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو