نئين حڪومت سنڌ کي ڇا ڏيندي؟

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت قائم ٿي چڪي آهي. ان ڳالهه تي گهڻو بحث ٿي چڪو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جو بنيادي ڪارڻ ان جي ڪارڪردگي نه پر مضبوط مدِ مقابل نه هجڻ آهي. ڪارڪردگيءَ جي ميدان ۾ پيپلز پارٽيءَ کان ڪيترائي سوال ٺهن ٿا. سنڌ واسين وٽ سوال آهي ته ڇا پيپلز پارٽي کي لڳاتار ملندڙ چوٿين حڪومت سنڌ جي بهتريءَ لاءِ ڪي سنجيده اپاءُ وٺندي يا گذريل حڪومتن وارو ساڳيو سلسلو جاري رکندي؟
جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي سنڌو درياهه تي پلين، مکيه شاهراهن، اين آءِ سي وي ڊي جهڙن صحت مرڪزن کي پنهنجي ڪاميابين ۾ ڳڻائي ٿي پر بنيادي سهولتن جي حوالي سان سنڌ جا انيڪ مسئلا هينئر به جيئن جو تيئن موجود آهن. پيپلز پارٽيءَ کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ سنڌ جي مختلف شعبن لاءِ سيڪٽورل پلان (Sectoral Plan) ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جنهن ۾ هر شعبي لاءِ الڳ ٽارگيٽ ۽ حڪمت عمليون ڄاڻايل هجن. جيستائين سنڌ جي ترقيءَ لاءِ هڪ جامع رٿابندي نٿي ٿئي، تيستائين فرمائشي بنيادن تي ٺهندڙ رٿائون سنڌ ۾ انساني ترقيءَ جا مقصد ماڻي نه سگهنديون. اهي اهم شعبا، جن ۾ سنڌ کي سنجيده رٿابنديءَ جي ضرورت آهي ۽ انهن ۾ تعليم، صحت، پيئڻ جو پاڻي، شهري ترقي، معاشي ۽ سياحتي ترقي اهم شعبا آهن. سنڌ جي تعليم، خاص ڪري پرائمري تعليم جا اهڃاڻ بري حالت ۾ آهن. گذريل 15 سالن دوران پيپلز پارٽي انساني ترقيءَ جي ان اهم شعبي ۾ ڪابه اهم اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي. گذريل دور ۾ هڪ هاڪاري اڳڀرائي ميرٽ تي استادن جي ڀرتيءَ ۽ غيرحاضر استادن خلاف سختيءَ جي شڪل ۾ نظر آئي، البته انهن جا نتيجا نڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳندو. هن وقت سنڌ ۾ 76 لکن کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته اسڪولن ۾ 45 لک ٻار داخل آهن. ان حساب سان ڏسجي ته هڪ وڏي آبادي اسڪولن کان ٻاهر آهي. ايڏي وڏي انگ ۾ اسڪولن کان محروم ٻارن کي لازمي ۽ مفت تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ٽيڪنالاجي جي واهپي بابت ڪنهن سنجيده رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. تعليم کاتي جي آفيسر شاهيءَ اندر به سڌارن جي ضرورت آهي. اسڪولن کي انتظامي ۽ مالي خود مختياريءَ جي ضرورت آهي، جنهن سان ڪيترائي آفيسراڻا عهدا غير ضروري بڻجي ويندا. هڪ ۽ ٻن ڪمرن وارن 24 هزار اسڪولن کي هوريان هوريان ختم ڪري يونين ڪائونسل سطح تي وڏا بورڊنگ اسڪول ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ڳوٺن جا ننڍا اسڪول وڌ ۾ وڌ نياڻين جي پرائمري تعليم لاءِ رکيا وڃن.
فني/هنري تعليم جي حالت ويتر خراب آهي. اسٽيوٽا هيٺ هلندڙ 250 جي لڳ ڀڳ فني/هنري تعليم جا ادارا عملي طور ناڪاره بڻيل آهن ۽ ايئن مارڪيٽ ۾ گهربل هنرن وارا شاگرد مهيا نه پيا ڪن. تعليم جي معيار جو اصل ماپو شاگردن جي علمي صلاحيت آهي. لکڻ، پڙهڻ ۽ انگي حسابن جي حوالي سان تحقيق ڪندڙ ادارن جون رپورٽون به موجود آهن. تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ جا ابتر صورتحال وارا انگ اکر سنڌ سرڪار جي پنهنجي دستاويزن ۾ موجود آهن. سنڌ جو تعليمي شعبو سنجيده رٿابندي ۽ عمل جو گهرجائو آهي.
صحت واري شعبي ۾ پيپلز پارٽي قيادت اين آءِ سي وي ڊي، گمبٽ اسپتال وغيره پنهنجي ڪاميابين ۾ ڳڻائيندي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اعليٰ سطح جي صحت مرڪزن ۾ اهي بهترين معيار جا ادارا آهن پر انهن اسپتالن ۾ خاص نوعيت جا مريض علاج ڪرائين ٿا، جيڪي ڪل مريضن جي 20 سيڪڙي کان به گهٽ هوندا، پر انهن تي 80 سيڪڙو وسيلا خرچ ٿين ٿا. بنيادي صحت مرڪز وڏي حد تائين پي پي ايڇ آءِ جي نگرانيءَ ۾ بهتر ٿيا آهن پر اصل مسئلو ثانوي درجي جي صحت مرڪزن يعني تعلقي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتالن جو آهي، جن جو انگ 90 آهي. انهن اسپتالن ۾ مريضن جو تمام وڏو انگ اچي ٿو پر اتي اهم سهولتن جي شديد اڻاٺ رهي ٿي. ايڪڙ ٻيڪڙ اهڙين اسپتالن کي ڇڏي ڪري باقي اڪثر اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، دوائن سميت سمورين سهولتن جي اڻاٺ رهي ٿي. ان سطح جي اسپتالن جي بجيٽن ۾ هيرا ڦيريءَ جون تمام گهڻيون شڪايتون رهن ٿيون. گذريل سال صحت کاتي لاءِ 238 ارب رپين جي بجيٽ رکيل هئي. پگهارن جا 82 ارب ۽ ترقياتي مد ۾ رکيل 27 ارب رپيا ڪڍڻ کانپوءِ 129 ارب رپيا باقي خرچن لاءِ رکيل هئا. انهن مان 90 ارب رپيا مختلف وڏين سرڪاري ۽ خيراتي ادارن لاءِ گرانٽ طور ڏنا ويا. ان حساب سان سنڌ سرڪار جي باقي سمورين صحت سهولتن لاءِ 39 ارب رپيا بچن ٿا. هڪ ڪاٿي موجب، سنڌ ۾ في ماڻهو 20 ڊالر ساليانو بجيٽ هوندي آهي، جيڪا ملڪ جي سراسري 37 ڊالر کان گهڻي گهٽ آهي. نتيجو اهو آهي ته سنڌ ۾ صحت جا بنيادي اهڃاڻ پنجاب کان پٺتي پيل آهن. صحت بابت نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاپوليشن اسٽڊيز جي 2020ع ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب هڪ لک زنده ڄمن مان ويم دوران عورت جي موت جو انگ سنڌ ۾ 345 آهي، جيڪو پنجاب جي 219، خيبر پختونخوا جي 175 جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ آهي.
صحت سان لاڳاپيل هڪ اهم معاملو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو آهي. سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ عوام کي ملندڙ پاڻي پيئڻ جوڳو ناهي رهيو. خاص طور تي 2022ع وارين ٻوڏن کانپوءِ مهينن تائين بيٺل سينواريل پاڻي جر ۾ ملي ان کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي هر ضلعي ۾ جر جي پاڻيءَ جي بدبودار ۽ بد ذائقي هجڻ جي دانهن عام آهي. ٻوڏ کان هڪ سال اڳ پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ اِن واٽر رِسورسز (PCRWR) پاران ڪيل هڪ ريسرچ موجب 34 سيڪڙو علائقن ۾ جر پاڻي تازو هو، جڏهن ته باقي 66 سيڪڙو پاڻي مختلف سطح جي کاراڻ جي دائري ۾ هو. مٺي پاڻيءَ وارا علائقا گهڻي ڀاڱي درياهه ۽ واهن جي ڀر ۾ آهن، البته ٻوڏ کانپوءِ پاڻيءَ جي ڪڙاڻ بابت دانهن وڌي وئي آهي. شهري علائقن ۾ واٽر سپلاءِ وسيلي گهرن ۾ پهچندڙ پاڻيءَ جو معيار به اطمينان جوڳو نه آهي. 2017ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پي سي آر ڊبليو آر پاران سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پاڻيءَ جا 460 نمونا چڪاسيا ويا، جن مان 77 سيڪڙو نمونا انساني استعمال جي معيار جا نه هئا. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻيءَ سان لاڳاپيل وبائن جي اها حالت هئي جو 16 سيپٽمبر 2022ع تي روزاني ڊان رپورٽ ڪيو ته هڪ ڏينهن اندر سنڌ جا 90 هزار ماڻهو پاڻيءَ سان لاڳاپيل مرضن وگهي صحت کاتي جي سهولتن ۾ علاج لاءِ پهتا.
ساڳي طرح شهري ترقيءَ جي حوالي سان سنڌ ۾ صورتحال ايتري خراب آهي، جو صوبي جو ڪو هڪ به شهر پنهنجي ڏيک ۽ سهولتن جي حوالي سان شهر سڏائڻ جي لائق نه آهي. ضلعي ۽ تعلقي جا مکيه شهر گند ڪچري، اٿلندڙ نالين، تباهه ٿيل ڊرينيج، ڀڳل ٽٽل رستن، گهٽين ۽ حد دخلين سان سٿيل آهن. پنجاب جا شهر، ويندي پشاور ۽ ملتان به ويجهڙ وارن سالن ۾ صاف سٿرا ۽ منظم ٿيا آهن ۽ انهن جو انفرااسٽرڪچر ۽ سهولتون گهڻيون بهتر آهن. سنڌ جي مڪاني ادارن جي بجيٽن سان جيڪو ناحق ٿئي ٿو، اهو ڀلا ڪنهن کان ڳجهو آهي! نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۽ سيوهڻ جا شهر، جيڪي پ پ قيادت جا ذاتي تڪ آهن، انهن جي رستن، گهٽين، ڊرينيج ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جو معيار ڪنهن کان ڳجهو ناهي. سنڌ جو عوام شهري سهولتن جي معاملي ۾ انتهائي خراب حالت ۾ آهي. بلاول ڀٽو زرداري صاحب پنهنجي اليڪشني منشور ۾ غريب هارين، پورهيتن ۽ عورتن لاءِ ڪارڊن جا اعلان ڪيا پر سندس پروگرام ۾ سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ صنعتڪاري لاءِ ڪوبه اعلان شامل نه هو. خيرپور ضلعي ۾ خصوصي معاشي زون قائم ڪئي وئي، جيڪا اڄ تائين شروع ناهي ٿي سگهي. ٻئي ڪنهن به ضلعي ۾ اهڙي نوعيت جي رٿا بابت ٻڌڻ ۾ نه آيو. ايڪيهين صديءَ ۾ ٻهراڙين جي معيشت کي نواڻ جي ضرورت آهي. موسمي ڦير گهير، جديد ٽيڪنالاجي جي کوٽ، مارڪيٽ جي ڦرلٽ ۽ بارداني جهڙي معمولي سهولت نه ملڻ سبب سنڌ جي زرعي معيشت سهڪي رهي آهي. ننڍا ۽ وچولا آبادگار زمينداري ڇڏي ٻين ڌنڌن ڏانهن لاڙو ڪرڻ لڳا آهن. سنڌ جي زرعي ڊرينيج جون ٻه وڏيون رٿائون آر بي او ڊي ۽ ايل بي او ڊي ورهين کان سڌاري ۽ مڪمل ٿيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. مجموعي طور سنڌ جي ٻهراڙين ۽ اسرندڙ شهرن کي جديد معاشي ترقيءَ جي ماڊلز جي ضرورت آهي پر ان بابت پيپلز پارٽيءَ وٽ ڪو پروگرام نظر نٿو اچي. سنڌ کي رڳو رحمدليءَ وارن ڪارڊن تائين محدود رکڻ بجاءِ ان جي معاشي اوسر جو جامع پروگرام گهربل آهي. سنڌ کي غربت جي ان گهرائيءَ مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي معدني وسيلن ۽ زمينن کي سياسي خوشنوديءَ لاءِ وڪڻڻ بجاءِ سنڌ واسين جي ترقيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
سنڌ ۾ سياحت جا تمام وڏا موقعا موجود آهن، جيڪي مقامي آبادين لاءِ معيشت جو بنياد بڻجي سگهن ٿا پر انهن تي ڪابه سنجيده اڳڀرائي نه ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ گورک هل جهڙي سياحتي ماڳ لاءِ گذريل 15 ورهين ۾ اربين رپيا رکيا ويا پر اڄ تائين رڳو اتي پهچڻ جو روڊ به ناهي ٺهي سگهيو. سکر، ٿرپارڪر، سانگهڙ، دادو، ڄامشوري، ڊيلٽا وارن علائقن سميت سڄي سنڌ ۾ انيڪ سياحتي ماڳ آهن، جن کي سياحت لاءِ هڪ جامع پروگرام وسيلي سڌاري خانگي شعبي جي مدد سان سنڌ ۾ سگهاري سياحتي معيشت جو بنياد وجهي سگهجي ٿو. بدقسمتيءَ سان ان پاسي ڪوبه سنجيده ڌيان ناهي ڏنو ويو.
سنڌ جو هڪ ٻيو اهم مسئلو اتر سنڌ جي قبائلي رياستن ۾ تبديل ٿيل ضلعن جي امن امان جو آهي. اهي ضلعا ڌاڙيلن ۽ قبائلي دهشتگرديءَ جو ڳڙهه بڻيل آهن پر پ پ حڪومت انهن جو وار به ونگو ناهي ڪيو، ڇو ته ان جي پٺيان سياسي مفاد سمايل آهن. اهي علائقا لاقانونيت جا مرڪز آهن. جيڪڏهن پ پ حڪومت سنڌ جي امن امان بابت سنجيده آهي ته ان مسئلي جو مستقل حل ڪڍي.
هن مضمون ۾ سمورا پاسا سمجهائڻ ممڪن ناهي، تنهنڪري مختصر طور مختلف شعبن ۾ سنڌ جي ترقيءَ بابت ڪجهه رٿون ڏنيون ويون آهن، جن مان هر شعبي تي تفصيل سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هي آرٽيڪل پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو