نئين حڪومت جي جوڙجڪ ۽ مونجهارا

اعجاز ممنائي
چونڊن جي افراتفري واري ماحول کان پوء پي پي پي سرڪار ۽ جي ڊي اي جي جنگي صورتحال اڃا وڌيڪ ڪشيدگي اختيار ڪري ورتي آھي گذريل ڏينهن ڪراچي جا روڊ رستا سيل ڪري ڪرفيو جهڙو ماحول پيدا ڪيو ويو ته جيئن سنڌ اسيمبلي جا نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻي سگهن اها عجيب اسيمبلي آھي جنهن کي عوام مڃڻ لاء تيار ناهي پر پوء به اها اسيمبلي ڪرفيو واري صورتحال ۾ حلف کڻي رهي هئي۔ هن ڀيري پ پ، متحده، جي ڊي اي، سني اتحاد ڪائونسل، ۽ جماعت اسلامي جا نوان ميمبر به چونڊجي ايوان ۾ آيا آھن، جن ۾ پ پ پ جا محمد بخش مهر، علي حسن هنگورجو، خان بهادر ڏاهري، مخدوم فخرالزمان، اروبا رباني، سيما خرم، ياسمين شاهه، فرزانا حنيف، صائمه آغا، مليحا منظور،روما مٽو، شازيا عمر، صوفيه سعيد، سڪندر خاتون، ڪرن مسعود، فرح سهيل، فوزيه ڪوثر شام سندر، مهيش ڪمار، انيل ڪمار، ارباب امير، پارس ڏيرو، هالار وساڻ، محمد هاليپوٽو، عادل الطاف انڙ ۽ ٻيا شامل آهن، جماعت اسلامي جو حافظ نعيم الرحمان،گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جو دستگير راڄڙ ۽ ٻيا شامل آهن.
سنڌ ۾ نئين اسيمبلي جي قسم کڻڻ بعد اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو مرحلو به مڪمل ٿيڻ وڃي پيو جنهن ۾ پ پ پ جو ٽيون ڀيرو نئون وڏو وزير سيد مراد علي شاھ حلف کڻي پنھنجي نئين سنڌ ڪابينه جوڙيندو شايد پي پي پي وٽ ڪو ٻيو ماڻھو اهل ناهي جنهن کي اها زميواري ڏئي سگهجي ماضيء ۾ سيد مراد علي شاهه جي ڪارڪردگي شايد ايتري ڀلي رهي آھي جو وري وري ان کي وزيراعليٰ بڻايو پيو وڃي۔ جيڪڏهن هن ڀيري وزيراعليٰ شپ ڪنهن ٻئي اڳواڻ کي ڏئي سيد مراد علي شاه کي وزير خزانه بڻايو وڃي هان ته بهتر ٿئي هان اهڙي طرح صوبائي ڪابينه ۾ به ردوبدل ٿيڻ گهرجي۔ هن وقت تائين جيڪا صورتحال ڏسجي پئي ان مان ظاهر آھي ته نئين سنڌ ڪابينه ۾ ساڳيا ئي پراڻا چھرا، مختلف کاتن سان نروار ٿيندا ۽ ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگھَه نظر ايندا پر ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته بلاول ڀٽو پاران اسپيڪر لاءِ اويس قادر شاھ ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ انٿوني نويد سھوترا جي سرپرائيز نامزدگي کانپوءِ پراڻي سنڌ ڪابينه ۾ ڦڙڦوٽ آھي. پراڻن ميمبرن مان ڪنھن کي به پڪ ناھي ته ھو نئين سنڌ ڪابينه جو حصو بڻبا يا نه. ڪالھ شام تائين نئين سنڌ ڪابينه لاءِ رڳو ٻه ماڻھو مطمئن نظر پئي آيا. ھڪ محمد بخش مھر ۽ ٻيو سيد ناصر حسين شاھه جن ڪالھه اسيمبلي ۾ ڪرسي نمبر ھڪ ۽ ڪرسي نمبر ٻه سنڀاليون. ميمبر جو حلف کڻڻ لاءِ فيصلي سازن کي Impress ڪرڻ لاءِ ٻنھي انگريزي ۾ حلف کنيو. سردار چانڊئي به impress ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. هڪ اندازي ۽ تجزئي جي بنياد تي اھو نتيجو اخذ ڪيو آھي ته نئين سنڌ ڪابينه پراڻن ۽ نون چھرن تي ٻڌل ھڪ ”مڪس پليٽ“ ھوندي. ڪجھه پراڻا ميمبر وزارت مان رھجي ويندا ته ڪجھه کي وري ھلڪيون سلڪيون وزارتون ڏيئي پروٽوڪول ڏياري خوش ڪيو ويندو. گذريل سرڪار ۾ سٺي پرفارمنس ڏيندڙن کي به ايڊجسٽ ڪيو ويندو۔ سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن جي ايوان مان 147 ميمبرن حلف کنيو،جڏهن ته سني اتحاد، جي ڊي اي ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن سميت ڪل 21 ميمبرن حلف نه کنيو، سنڌ اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ 40 منٽ دير سان 11 لڳي 40 منٽن تي شروع ٿيو، ان بعد قومي ترانو، تلاوت ۽ نعت پيش ڪيو ويو، جنهن بعد اسپيڪر آغا سراج دراني شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ وائي ” ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا“ پيش ڪرائي، ان دوران اسڪرين تي بينظير ڀٽو جون يادگار تصويرون به ڏيکاريون ويون، اسپيڪر آغا سراج دراني سمورن ميمبرن کي ايوان ۾ ڀليڪار ڪندي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي پ پ کي اڳ کان وڌيڪ مينڊيٽ مليو آهي، ان ڪري ليڊرشپ تي فخر آهي، هن چيو ته پ پ قيادت بلاول ڀٽو، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فخر آهي، فريال کي جيل ۾ به وڌو ويو، سندس قيادت ۾ اڳتي وڌون پيا، هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سنڌ اسيمبلي اڳيان احتجاج ڪن پيا، جن کي چونڊ هارائڻ تي تڪليف آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن وٽ وڃن، ڇاڪاڻ ته اسان کي سنڌ جي عوام چونڊيو آهي ۽ هنن کي رد ڪيو آهي، هنن چيو ته چونڊ هارائيندڙن کي محنت ڪري ٻيهر چونڊن ۾ حصو وٺي ايوانن ۾ اچڻ گهرجي، باقي احتجاج ڪرڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو، اسان سان سنڌ جو عوام گڏ آهي، اسين ايوان توڙي عوام جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا،ڪنهن کي به ايوان ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو، ان دوران گئلرين ۾ ويٺل پ پ جي حمايتي اڳوڻن توڙي ڪارڪنن جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا،اپوزيشن اڳواڻن به نعري بازي ڪئي، ان تي اسپيڪر وارننگ ڏيندي چيو ته خاموشي اختيار ڪئي وڃي نه ته سڀني کي ٻاهر ڪڍيو ويندو، جنهن بعد اسپيڪر ميمبرن کي حلف لاءِ چيو ته اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه قانون جو حوالو ڏيندي اسپيڪر کي ميمبرن کان حلف کڻڻ کان روڪيو ۽ گذارش ڪئي ته پهرين اسپيڪر پاڻ حلف کڻي، ان بعد پهرين اسپيڪر آغا سراج دراني پاڻ سنڌي ۾ حلف کنيو ان بعد هن ايوان ۾ موجود ميمبرن کي چيو ته جيڪي سنڌي ۾ حلف کڻڻ چاهين اهي پهرين کڻن، جنهن تي ايوان ۾ موجود ميمبرن جي اڪثريت سنڌي ۾ حلف کنيو،ان بعد ميمبرن کان اردو ۾ حلف ورتو ويو، اردو ۾ سعيد غني، علي خورشيدي، سڪندر شورو سميت سرڪاري ۽ مخالف ڌر جي 40 کن ميمبرن حلف کنيو، ان بعد محمد بخش مهر، ندا کهڙو، سردار چانڊيو ۽ ٻين انگريزي ۾ حلف کنيو، ايوان ۾ ايم ڪيو ايم جو عبدالباسط اهو پهريون ميمبر هو جنهن کي ايوان ۾ سائن لاءِ گهرايو ويو، ٻيون نمبر پ پ جو عبدالرئوف کوسو ۽ ٽيون نمبر عبدالرزاق راڄڙ هو. اهڙي طرح سنڌ اسيمبلي جي ڪل 168 ميمبرن مان 147 ميمبرن حلف کنيو، جن ۾ پ پ جا 111 ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 36 ميمبر شامل هئا، جڏهن ته 21 ميمبرن حلف نه کنيو، جن ۾ سني اتحاد ڪائونسل جا 6، جي ڊي اي جا 3، ۽ جماعت اسلامي جو هڪ ميمبر شامل آهي، جڏهن ته پ پ جي نثار کهڙي، مهتاب ڏهر، نادر مگسي سميت 11 ميمبرن حلف نه کنيو آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي فارمن جو اعلان ڪندي اسيمبلي جواجلاس ٻئي ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، ٻئي ڏينهن رٿيل اجلاس ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي، ان کانپوءِ وڏي وزير لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويندا. ھن ڀيري بلاول زرداري نجات جو گھرجائو آھي، ان لاءِ ھو پنھنجا بيسٽ پليئر ميدان ۾ لاھڻ چاھي ٿو، ھن ڀيري سڻڀا کاتا، خشڪ ٿي ويندا. مرادعلي شاھه به پنھنجي نئين ٽيم ٺاھڻ لاءِ پتوڙي پيو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي نامزدگين کانپوءِ پيپلزپارٽي ۾ اندر وزارتن جي معاملي تي ھڪ سرد شروع ٿي چڪي آھي ھر ڪو لابنگ ڪري پيو. پراڻي ڪابينه جي چند چھرن ھڪ گروپ جوڙي پارٽي جي اھم فيصلي ساز اڳواڻ سان ملاقات ڪري لابنگ ڪئي آھي پر ڪو مثبت نتيجو نه ملي سگھيو آھي. بلاول ڀٽو اڄ پنھنجو ”پراگريسو سنڌ ڪابينه پلان“ آصف زرداري سان صلاح ثواب لاءِ اسلام آباد ۾ شيئر ڪندو. جتان ان کي ڪجھ نوان نالا پڻ ملندا.
پيپلزپارٽي لاءِ ٻيو وڏو مسئلو، مريم نواز بمقابله مرادعلي شاھه آھي. مريم نواز ته ڪابينه سان گڏوگڏ سيڪريٽرين جا انٽرويو به شروع ڪري ڏنا آھن ۽ ھن صوبي ۾ ترقي لاءِ ھڪ زبردست پرامسنگ پلان ڏنو آھي، ڏسون ان پلان تي ڪيئن ٿو عملدرآمد ٿئي. پر سنڌ ۾ ڊولپمينٽ روڊ ميپ جا ڪجھه اھڃاڻ بلاول ڀٽو پنھنجي ميڊيا ٽاڪ ۾ ڏنا آھن پر اھو روڊ ميپ مٿاڇرو آھي ۽ اسپيسيفڪ ناھي. اڃا سنڌ ۾ سيڪريٽريز جي چونڊ ڏانھن به ڌيان نه پيو ڏني وڃي. وزيرن جي چونڊ سان گڏ سيڪريٽري به پنھنجي ڪم ۾ ڀڙ نه کنيا ويا ته ڍينگو ڍير ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر نظام غالب ڪري ويندو. صورتحال نهايت دلچسپ آھي پر ھڪڙي ڳالھه ضرور اڻٽر آھي تہ ھن ڀيري صوبن ۾ زبردست ڪارڪردگي جو مقابلو ٿيندو جيڪو مجموعي طور تي لاڳاپيل صوبي جي ماڻھن کي فائدو ڏياريندو ڇوته چونڊن ۾ اميدوارن سان جيڪو حشر ٿيو آھي ان مان سبق پرائڻ ۾ ئي سڀني جو ڀلو آھي۔

پهنجو تبصرو موڪليو