مھانگائي ڪٿي دنگ ڪندي

خيال کتري
ھلندڙ سرڪار جي بي حسي ۽ بي وسي انتھا درجي تي پھچي چڪي آھي. سندس ڪنٽرول مان ھر شيءِ نڪرندي پئي وڃي. جنھن جو فائدو وٺندي سرمائيدار طبقو پنھنجي ناڻي کي ڏھوڻو ڪرڻ لاءِ بي لغام گهوڙي جيان، جتان ٿو اچيس اتان پيو وڌندو وڃي. جيڪي عام ماڻهوءَ جي جسم تان اڳ ئي ماس پٽي کائي چڪا آھن. ھاڻي اچي انھن جي ھڏن کي لڳا آھن. اڳ ۾ شين جا اگهـ سالن ۾ چند سيڪڙو وڌندا ھئا. ھاڻي تہ قيمتن وڌڻ جي ڪابہ مھل ڪانهي، ھر ايندڙ گهڙيءَ ۾ نئون اگهـ آھي. صبح جو ھڪڙو ملهـ تہ منجهند جو ٻيو. وري شام جو ٽيون تہ رات جو چوٿون.
ملڪ جو ڳچ حصو ھيٺئين طبقي تي مشتمل آھي. اڪثر ماڻهو ڏھاڙيدار آھن. جيڪي 300 کان 500 تائين مس ڪمائي سگهن ٿا. سو بہ جي مزوري لڳي تہ. نہ تہ ويلا ڪٽڻ تہ معمول بڻجي چڪو آھي. گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ وڌندڙ قيمتن ماڻهن کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. جنھن جا ڪيترائي مثال موجود آھن. سرڪار سنڀاليندڙ ٻاھرين قرضن جي آڌار، ملڪ جي ڀينگ ڪري ڏيوالو ڪڍڻ جي چڪر ۾ آھن. انھن کي پنھنجي پيٽ جي اونهي کڏ ۽ اونڌي کوپڙي ڀرڻي آھي، جيڪي ٻئي ڀرڻ ممڪن ناھن.ملڪ ۾ ڪو قاعدو ڪونهي، ڪو قانون ڪونهي جيڪو مقرر ڪيل اگهن کي برقرار رکي سگهي. جنھن کي جيئن وڻي پيو تيئن ڪري. کاڌ خوراڪ کان وٺي، سئيءَ سڳي تائين. تيل بجليءَ کان وٺي ھر ساز سامان تائين جي ھر ھڪہشيءِ جي قيمت چوڻي پنجوڻي ڪئي ويئي آھي، ۽ پئي وڌندي ٿي رھي. ٻيون زندگيءَ جي آسائشن جي شين کي ڇڏجي کڻي، تہ بہ دوا درمل تہ جياپي لاءِ بيحد ضروري آھي. تن جي قيمتن ۾ بہ حيران ڪن اضافن جياپي کي عذاب ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي. ھڪ سادو پيناڊول جو حب ڪجهـ عرصو پھرين اٺياني ۾ ملندو ھو سو ڏھوڻ تي وڃي پھتو. ھاڻي ان ۾ ٿوري لاٿ آڻي 5 روپيا ڪيو ويو آھي. اھڙي نموني ھر دوا جو اگهـ وڌائي، ماڻهن کي موت جي منھن ۾ ڌڪيو ويو آھي.
سرڪار کي انسانيت جي دڳ ڏانھن واپسي ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ نہ گهرجي ۽ جياپي جي سامان جي اگهن تي ڪڙي نظر رکندي، انھن جي پھچ عام مزورن جي اجرت جي سطح تي آڻڻ ۾ دير نہ ڪري. ايئن نہ ٿئي جو، اڃان تائين صبر ۾ رھندڙ ماڻهو، بک کان بيزار ٿي روڊن تي نڪري اچن ۽ بغاوت جو علم بلند ڪري، مارا ماري شروع ڪري ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو