منشيات ، خطرناڪ ، نسل تباهه ، سهولتڪار

سيد زوار حسين شاه
پاڪستان ۾ جيڪڏهن هن وقت جي صورت حال تي نظر وجهنداسين ته پوري پاڪستان سميت خاص سنڌ جي ننڊي وڏي شهرن ۾ منشيات جنهن ۾ چرس ، ڀنگ ، آفيم ، هيروئن ، پر هن وقت نوجوان نسل کي تباهه ڪندڙ ڪرسٽل آئيس ، جنهن هزارين گهر اجاڙي ڇڏيا آهن ، اهڙي صورت حال بعد سوال اهو ٿو جنم وٺي ته آخر پاڪستان سميت سنڌ ۾ منشيات ، هٿيار ڪٿان آيا ڪنهن آندا ڪنهن جي انهن کي سپورٽ رهي آهي ، مان گذارش ڪندس ته سڀ کان پهريان جڏهن پاڪستان ۾ 25 لکن کان به مٿي افغانين کي رهڻ لاء اقوام متحده جي حڪم کي تسليم ڪندي انسانيت جي ناتي انهن کي رهڻ ڏنوسين ان کان بعد جهڙي صورت حال مان پاڪستان سميت سنڌ جا ننڊا وڏا شهر ، ڳوٺ گذري رهيا آهن ،ا تي جيڪڏهن نظر پوي ٿي ته سچ هو آهي ته روئڻ ٿو اچي اکيون ڀرجي وڃن ٿيون ، ڪڏهن بس جيڪڏهن ڪو نشو استعمال ڪندو هو ته ڀنگ ، چرس آفيم گهڻو هو پر ان کان بعد جڏهن افغانستان ذريعي پاڪستان جي مختلف سرحن بارڊرن تان ڪراس ڪري بلڪل آساني سان پاڪستان اندر هٿيار به اسمگلنگ ٿين پيا پر خطرناڪ نشو به سنڌ ۾ پهتو هن وقت سنڌ نشي ۾ وڪوڙ جي وئي آهي ، سنڌ جو هڪ نوجوان ڇڏي ٻيو انتهائي خطرناڪ منشيات جي نشي ۾ وڪوڙجي وئي آهي پوء هي نسک ڇو نه تباهه ٿيندا ، مان گذارش ڪندس ته جيڪڏهن مان ٻين صوبن جي ڳالهه ڪيان ته اڪثر اهو ڏٺو ته ڪنهن به صوبي سان تعلق رهندڙ لاء بين صوبن ۾ ڄڻ جاء ئي نه هجي پر سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جتي منشيات جي ڪري سنڌ جا نوجوان جنهن ۾ نياڻيون ڇوڪرا به آهن نشئي ٿي ويا آهن جنهن سان نه صرف تعليم تباهه ٿي آهي پر سچ اهو آهي ته نوجوان نسل به تباهه ٿي چڪو آهي ، پر مان سمجهان ٿو ته سنڌ حڪومت هن سڄي صورت حال کان ناواقف هوندي ، ، پر هن وقت سنڌ جي تعليمي ادارن بازارن اوطاقن گهرن ۾ به جتي ٻيا نشا ملن ٿا اتي هاڻ ڪرسٽل آئيس به ملي رهي آهي پر اهو به ڪڙو سچ آهي ته منشيات هلائيندڙ خواه ڪير به هجي پر ان کي سنڌ جي ڀوتارن جاگيردارن واٺن ۽ پوليس جي سپورٽ ضرور هوندي ، جڏهن ته سنڌ پوليس به ان ڏوهه ۾ ملوث آهي ، پر مان عرض ڪندس ته ڪن جي ڪري هي ڪائنات هلي رهي آهي ، آئي جي سنڌ جي ڪيل فيصلن تي سنڌ پوليس جا بهترين آفيسر مڪمل عمل ڪن پيا . جڏهن ته سنڌ جا ناليوارا قلم ڪار جنهن م استاد صحافت بهترين قلم ڪار راهب ڳاهو ، ڪراچي ڇريس ڪلب ، سٽي پريس ڪلب جي انور ناريجو منظور انصاري ، ديدار عباسي ، عوامي پريس ڪلب جي قابل احترام صدر ناز سولنگي ، ۽ ٻيا فرض نڀائين پيا ، برحال ان سان گڏ جيڪڏهن مان ضلع خيرپور جي بهادر بيباڪ آفيسر ايس ايس پي مير روحل خان کوسو تي هڪ نظر وجهندس ته سلام پيش ڪيان ٿو جنهن پنهنجي ضلع مان منشيات جي خاتمي لاء ڪريڪ دائون شروع ڪيو آهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي سنڌ سميت سنڌ جي ننڊن وڏن شهرن ۾ امن امان جي صورت حال بهتر ناهي رهي ، پر پوء به سماج سڌارڪن فرض شناس قلم ڪارن ، فرض ادا ڪندي هر وقت سماج اندر ٿيندڙ تمام سماجي برائين کي نروار ڪيو آهي ، جنهن جو سنڌ حڪومت ، سنڌ پوليس ۽ ٻين ادارن نوٽيس وٺي تاريخي ڪردار ادا ڪندي اهڙين برائين کي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ورتي آهي جنهن بعد سنڌ جي ٻين ضلعن جيان ضلع خيرپور جيڪو سياسي حوالي سان تمام وڏي اهميت ان ڪري به رکي ٿو ، جتي جيلاني ، وساڻ ، ٻانڀڻ ، دستگير جيلاني پير آف راڻيپور ، جڏهن ته پير پاڳاره جن جو تمام گهڻو اثر اسوڪ آهي ان ڪري جيڪو به آفيسر مقرر ٿيندو اهو انهن جي حڪم کي لبيڪ چوندو ، پر هن وقت سنڌ جي ٻين ضلعن جيان خيرپور ميرس ۾ به آئي جي سنڌ ، غلام نبي ميمڻ ، نوجوان آفيسر ادبي شخصيت ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو کي مقرر ڪري عوام جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو آهي جڏهن ته نوجوان فرض شناس آفيسر مير روحل خان اچڻ سان ئي عوام جي لاء پنهنجي آفيس جا دروازه کولي ڇڏيا ، ۽ براه راست جنهن به ضلعي خيرپور جي شهري کي ڪا به ڪنهن جي به خلاف شڪايت آهي ته بنا دير جي ٻڌي ان کي في الفور مسئلي کي حل به ڪري ٿو جڏهن ته سماجي برائين ، منشيات جي روڪ ٿام ، ڀته خوري ، چورن لٽيرن ٺڳن ، ڏوهارين خلاف پڻ بهترين ايس ايڇ اوز ، جنهن ۾ راڻي پور ٿاڻو لاء رحمت الله سولنگي ، سميت ٻين ٿاڻن تي به بهترين ايس ايڇ اوز مقرر ڪري منشيات ، سماجي برائين ، ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري ڏنو آهي ، جڏهن ته ڄابي چور پڻ گرفتار ڪرڻ سان گڏ ٻين ڏوهارين کي منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ايس ايس پي خيرپور جي حڪم کي بجا لاهيندي ايف آئي آر داخل ڪيون آهن آئي جي سنڌ پوليس ، ڊي آئي جي سکر ، ايس ايس پي خيرپور پاران منشيات فروشن ، ڏوهارين سماجي برائين ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاء حڪم جاري ڪيا جنهن تي ايس ايڇ او راڻيپور رحمت الله سولنگي تاريخي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن بعد راڻيپور جي شهرين سماجي اڳواڻن صحافين آئي يج سنڌ . ڊي آئي جي سکر ، ايس ايڇ او راڻيپور کي آجيان ڪئي آهي ۽ اميد رکي آهي ته سنڌ جي ٻين شهرن جيان ضلعي خيرپور جي تمام شهرن سميت راڻيپور کي به امن جو گهوارو بڻايو ويندو ، جڏهن ته آئي جي سنڌ سميت ٻين آفيسرن جو هڪ ئي مقصد آهي ته سنڌ جي ننڊي وڏي شهر مان سماجي برائين منشيات جو خاتمو آڻي ، نوجوان نسل کي تباهي کان بچائي سگهون جيئن خاص نوجوان بهترين تعليم حاصل ڪري سنڌ جي بقا سلامتي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن سنڌ سميت هر شهر مان منشيات جو خاتمو انتهائي ضروري آهي ، سنڌ جي هر ضلعي تي بهترين آفيسر مقرر ڪرڻ جو مقصد به هڪ آهي ته سماج اندر جنم وٺندڙ هر سماجي برائي ، منشيات جو وڪرو ختم ڪري نوجوان نسل کي وڌيڪ تباهي کان بچائي سگهون ، آئي جي سنڌ ، ۽ ايس ايس پي خيرپور جا ريمارڪس ، مان گزارش ڪندس ته بهترين آفيسر سنڌ مان منشيات جو خاتمو چاهين ٿا پر مان اها به گذارش ڪندس ته خاص افغاني جيڪي هوٽلن سميت بين هنڌن تي منشيات پوليس جي سرپرستي ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٻين کي به حضو پتي ڏيئي راضي ڪن ٿا ، مان گزارش ڪندس ته سنڌ مان جيستائين افغانين کي ينڪالي نه ڏني ويندي تيستائين هٿيار به ملندا ، ته چرس ، آفيم ، ڀنگ ، هيروئن به ملندي ته هاڻ خطرناڪ ڪرسٽل آئيس به ملندي ، جڏهن ته جيڪي به سهولت ڪار آهن انهن خلاف پن قانوپني ڪاروائي ڪئي وڃي ، مان بحيثيت قلم ڪار سماج سڌارڪ ڪالم نگار آئي جي سنڌ جناب ڊاڪٽر غلام نبي ميمڻ ، ان جي مڪمل ٽيم ، ايس ايس پي سکر ، خيرپور ، سميت بين کي گزارش ڪندس ته اچو ته گڏجي منشيات جي لعنت کي ختم ڪيون جيئن نجوان نسل بچي سگهن ، ان لاء سڀ کان پهريان جيئن ئي سردي وڌڻ شروع ٿي آهي ته لکين افغاني روپ تبديل ڪري لوڪل پٺاڻن وٽ اچي رهن ٿا ۽ هو ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ منشيات هٿيارم وڪرو ڪن ٿا پر ان ۾ ڪيترائي بي ضمير صحافي ، سماجي اڳواڻ پوليس آفيسر ، پوليس اهلڪار سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪن پيا ، جيستائين اسان توهان ۾ سڌارو نه ايندو تيستائين نه سنڌ مان منشيات ختم ٿيندي نه سماجي برائي ختم ٿيندي ، نه ڏوهاري ڏوهه ڇڏيندا ، هن وقت به جيڪڏهن مان آئي جي سنڌ پاران خيرپور جي عوام لاء هڪ خاص تحفو نوجوان آفيسر ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو جي ڳالهه ڪيان ته مختلف ٿاڻن سميت راڻيپور ۾ به رحمت الله سولنگي مقرر ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي ، جنهن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ڪيترائي ڏوهاري ، منشيات فروش ، سماجي برائين ۾ ملوث ماڻهن ، ٺڳن بشنين ڄابي چورن کي گرفتار به ڪيو ۽ ايف آئي آر به داخل ڪيون آهن ، اميد رکون ٿا ته سنڌ مان انشاء الله افغانين تي ڪڙي نظر رکي انهن کي ملڪ نيڪالي ڏني ويندي ، جيڪو آئي جي سنڌ جناب ڊاڪٽر غلام نبي ميمڻ پهريان ئي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي ته غير ملڪي جتي به هجي انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ، اهڙي عمل بعد سنڌ ۾ امن به بهال يٿندو ، ڏوهه به گهٽ ٿيندا ، سهولت ڪار به گهر لڪي ويهندا ، ۽ نوجوان نسل تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو