ملڪ کي مستحم ڪرڻ لاء سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي

عبدالمجيد بروھي
پاڪستان ھن وقت پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾ گھڻو پوئتي ٿيل آھي معاشي يا اندروني معاملا پڻ خراب ٿي چڪا آھن ھن وقت اسان ايشيا جي ٻين ملڪن جن ۾ بنگلاديش پڻ شامل آھي انھن کان بـ اسان جو سڪو ڪافي پوئتي آھي ملڪي معيشت تي ڪنٽرول ٿيڻ ھڪ خواب بڻيل آھي مھنگائي ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي ھر طرف مايوسي ۽ انارڪي وارو ماحول آھي اليڪشن کان اڳ ھر پاڪستاني جو خيال ھيو تـ اليڪشن بعد شايد معاملا ڪافي بھتر ٿي سگھن ٿا پر اليڪشن ٿيڻ بعد صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو پيو وڃي ھارائيندڙ پنھنجي ھار کي تسليم ڪرڻ لاء تيار نـ آھن جن کٽيو آھي اھي پنھنجي کٽيل سيٽن تي خوشيون ڪرڻ بجاء مايوسي جو شڪار آھن جي يو آء بلوچستان ۾ ڪافي سيٽون کٽيون آھن پي ٽي آء وارا آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي 90 کان مٿي وفاقي سيٽون کٽي چڪا آھن ڪي پي ڪي کي تقريبن ڪلين سوئيپ ڪري چڪا آھن پنجاب ۾ پڻ ڪافي سيٽون ٻھاري ويا آھن ان باوجود اھي وري ڌانڌلين جا الزام لڳائڻ ۾ پورا آھن جي يو آء وارا روڊن رستن تي آھن اھي پڻ احتجاج ڪري رھيا آھن سنڌ ۾ احتجاج پيا ڪن تـ اسان سان ڌانڌلي ٿي آھي انھن جي سيٽن تي ڪي پي ڪي ۾ جتي مولانا فضل الرحمان ۽ سندس فرزند ھارائي چڪا آھن سندن جي اھم اڳواڻن کي پڻ ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آء جي حامي آزاد اميدوارن شڪست ڏني آھي پر انھن سان جي يو آء وارا اتحاد ڪري چڪا آھن پر احتجاج سنڌ ۾ ڪري رھيا آھن جتي کين شڪست ملي آھي جن کين ھارايو آھي انھن سان گڏ ويھن پيا جتي اوھان ھارايو آھي اتي چئو ٿا تـ صاف شفاف اليڪشن ٿي آھي يعني ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آء وارن کٽيو آھي پنجاب ۾ 80 کان مٿي سيٽون پي ٽي آء وارن جون آھن پوء اتي ڀلا فرشتن اچي اليڪشن ڪرائي صاف شفاف چونڊون ڪرائي اوھان کي کٽرايو آھي ڇا جتي اوھان کٽيو آھي اتي ڌانڌلي ناھي ٿي باقي جتي ھارايو ٿا ڌانڌلي جي دانھن ڪري افرارتفري ڇو پيا پکيڙيو اوھان جي کٽيل سيٽن سميت پوري ملڪ ۾ ساڳي اليڪشن ڪميشن پاران چونڊون ڪرايون ويون آھن پي ٽي آء کي سندس جي سوچ کان بـ وڌيڪ سيٽون مليون آھن ان باجود انھن جون دانھون نامناسب آھن ھن وقت ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ خراب ڪرڻ لاء پي ٽي آء وارا ملڪ دشمني تي لھي چڪا آھن انھن جي باني پاران اھو فيصلو ڪيو ويو آھي تـ پي ٽي آء باني آء ايم ايف وارن کي خط لکي کين چيو ويندو تـ اھي جيسيتائين ڌانڌلي واري حڪومت خلاف انڪوائري نٿي ٿي تيسيتائين ھنن سان آء ايم ايف معاھدو نـ ڪري ھي پي ٽي آء وارا پھريون دفعو نـ پيا ڪن ان کان اڳ بـ انھن جي اڳواڻ اڳوڻي خزاني واري وزير شوڪت ترين پڻ آء ايم ايف کي خط لکي کيس اڳوڻي شھباز حڪومت سان معاھدو نـ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ھيو جيڪو ملڪ دشمني جي زمري ۾ اچي ٿو جيڪڏنھن ان وقت شوڪت ترين خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪري کيس عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ھا تـ اڄ پي ٽي آء وارا وري اھڙا ملڪ دشمني وارا قدم کڻڻ لاء ڪڏنھن بـ نـ سوچين ھا آء ايم ايف سان معاھدي کان روڪڻ تي پي ٽي آء وارا پوري ملڪ جي تباھي جا ذميدار بڻبا ان جي ڪري اھي ملڪ دشمني کي ڇڏي ملڪي مفادن خاطر ملڪ جي معيشت کي سڌارڻ جي لاء ملڪ کي اڳ واري مستحم پاڪستان خوشحال پاڪستان ٺاھڻ لاء ڳالھين جي ميز تي اچي پ پ پ۔ ن ليگ ۽ ٻين پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي مولانا فضل الرحمان کي بـ پنھنجو ڪلھو ٻين کي استعمال ٿيڻ نـ گھرجي ھن وقت جيڪي بـ سياسي پارٽين جا اڳواڻ آھن اھي جيڪڏنھن سمجھن ٿا تـ سندن سان غلط ٿيو آھي تـ اھي قانوني ويڙھ ڀلي ڪن عدليا جو درکڙڪائين ٽريبونلز ۾ وڃن باقي ھي روڊ رستا بند ڪرڻ اسيمبلين جي آڏو بيھڻ ڪنھن کي حلف کڻڻ نـ ڏيڻ جا اعلان ڪرڻ اھو سڀ ڪجھ ملڪ سان سچائي نـ پر ملڪ جي عوام کي وڌيڪ مصيبتن ۾ وجھڻ برابر آھي اسان دشمن ملڪ انڊيا ھميشا اھو چاھيندو آھي تـ پاڪستاني عوام ھميشا پاڻ ۾ اندروني اختلافن جي ور چڙھيل ھجن اھي چاھيندا آھن تـ پاڪستان ۾ خانا جنگي وارو ماحول ھجي تـ جيئن پاڪستان کي عالمي ليول تي اھي اڪيلو ڪري عالمي دنيا کي پاڪستان کان پري ڪري انھن کي اڪيلو ڪيو وڃي اسان جي ھنن ٿورين ٿورين ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين تي جھيڙي لاء سندرو ٻڍي ويھڻ جو فائدو عالمي ليول تي انڊيا کي پھچي ٿو جيڪي عالمي سيڙپڪارن کي اھو چئي پاڪستان اچڻ کان روڪيندا آھن تـ پاڪستان جون حالتون غير مستحڪم آھن انجي ڪري اتي ڪاروبار ڪرڻ معنا اوھان جا سيڙپ ڪيل پيسا برباد ڪرڻ برابر آھي پاڪستان جي سياستدانن جون ڪرسي لاء ڪيل ويڙھ کي غلط رنگ ڏئي انڊيا پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ لاء ايندڙ عالمي تاجرن کي روڪي کين انڊيا ۾ اچڻ جو چوندا آھن انجي ڪري سڀني سياسي پارٽين کي ھڪ ٿي ڪري سمورا سياسي اختلاف ھڪ پاسي تي رکي ملڪ جي معيشت کي سڌارڻ اليڪشن بعد ٺھندڙ حڪومت کي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي پاڪستان جي معيشت کي سڌارڻ گھرجي مان اھو نٿو چوان پي ٽي آ وارا حڪومت نـ ٺاھين جيڪڏنھن انھن وٽ نمبر پورا آھن تـ اھي وزارت عظما جي اليڪشن کان ويندي اسپيڪر سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۽ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺي پنھنجا اميدوار ميدان ۾ لاھي ن ليگ ۽ پ پ پ ايم ڪيو ايم جي اتحاد کي جمھوري طريقي سان مقابلو ڪري ھارائي سگھن ٿا تـ پوء احتجاج کان وڌيڪ بھتر طريقو ھوندو باقي اسان کٽيون تـ صاف شفاف چونڊون ٿيون آھن جيڪڏنھن ٻيا کٽي اچن تـ ڌانڌلي جي واويلا اھو ڪرت ھاڻي ملڪ جي لاء ملڪ جي عوام لاء فائديمند نـ آھي

پهنجو تبصرو موڪليو