معاشري ۾ فلسفي جو ڪردار

طفيل مگسي
سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي هن تيز رفتار دور ۾ فلسفي جي اهميت کي ڄاڻڻ وارا هن وقت اٽي منجه لوڻ جي برابر رهجي ويا آھن.پر ان جو اهو قطعي مقصد ناهي ته انساني زندگي ۽ فلسفي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق ناهي بلڪ اهو تعلق ته انسان جي وجود سان گڏ جنم وٺي ٿو.۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهو تعلق مضبوط ٿيندو ويندو آھي.پر فرق صرف ايترو آھي ته جيڪو ڌيان ٻين علمن تي ڏنو ويندو آھي.ايترو فلسفي تي نه ڏنو ويو آھي.حالانڪ فلسفي کانسواء ٻيا سمورا علم بلڪل ائين آھن جيئن رت جي بنا انساني جسم.فلسفو جنهن کي اسان انگريزي( philosophy ) سڏيون ٿا.جنهن جي شروعات ته ان وقت ٿي هئي جڏھن دنيا ۾ انسان پهريون ڀيرو اک.کولي ۽ پنهنجي وجود ۽ ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ سوال ڪرڻ شروع ڪيا.جڏھن هن ويچار ڪيو ۽ ذھن پيدا ٿيڻ وارن خيالن جي جوابن ۽ غور وفڪر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ وارن خيالن جي مدد سان انسان ڪائنات جي خالق کي سڃاتو لفظ 《philosophy》 اصل ۾  (Greek ) لفظن (philo ) ۽ (sopia )جو مرڪب آھي.جنهن جي انگريزي ۾ معني آھي(  love of wisdom  ) يعني علم ۽ حڪمت جي چاهت ۽ جستجو.مذھبي نقط نظر کان ڏٺو وڃي ٿه اسلام به علم جي حاصلات جو حڪم ڏيئي ٿو.۽ لفظ“اقراء“سان قرابن جي ابتدا ٿيڻ کان هي ڳاله چٽي ٿيئي ٿي ته علم جي طلب ۽ جستجو جي اهميت تي اسان جو مذھب زور ڏيئي ٿو.دنيا جي اعتبار کان ڏٺو وڃي ته ( knowledge ) ڄاڻ جي عمل تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏيڻ وارو دائرو فلسفي جو آھي.پر افسوس ته سچ فلسفي جي نانء کان ته ڪافي ماڻھو واقف هوندا پر تمام ئي گهٽ ماڻھو اهڙا هوندا جيڪي فلسفي جي درست معني ۽ انداني زندگي ۾ ان جي ڪردار کان واقف هوندا.جيڪڏھن ائين چئجي ته فلسفي جو بنياد انسان جي سوچ ۽ شعور آھي ته غلط نه ٿيندو.انسان جي سوال ڪرڻ جي صلاحيت ئي هن ڳاله جو ثبوت آھي ته ان ۾ علم ۽ حڪمت جو چاه ۽ شوق موجود آھي.هو ڪن شين کان اڻڄاڻ آھي ۽ انهن جو علم حاصل ڪري هو پنهنجي وجود جي حقيقت سڃاڻڻ چاهي ٿو.دنيا جي تخليق جي مرعلق ڄاڻڻ چاهي ٿو.انساني فطرت جي انهن سڀني پاسن تي صرف فلسفو ئي غور ويچار ڪري تو ۽ ائين هڪ فلاسافر باقي ماڻھن کان مختلف ڏيک ڏيئي ٿو.ان جي رويي ۾ ظاهر ٿيڻ واري تبديلي جو سبب اصل ۾ هي آھي ته اهو علم کي صرف انفرادي مفاد جي حاصلات جو وسيلو نٿو ڄاڻي بلڪ ان علم جي مدد سان هو مختلف حقن کي ڄاڻڻ چاهي ٿو ۽ ڪنهن به شيء کي صرف پنهنجي عقل جي ڪسوٽي تي پرکي ڪري ئي درست يا غلط تسليم.ڪري ٿو.جيڪڏھن فلسفي جي شاخ“اخلاقيات“جي ڪئي وڃي ته اها شاخ انسان ۽ معاشري جي تعلق ۽ معاشرتي زندگي جي گڏيل تعاون جي مسئلي تي روشني وجهي ٿي.ڇوته فلسفي جي نظر کان جيڪڏھن انساني زندگي فقط کائڻ پيئڻ سمهڻ جاڳڻ يا مستي ڪرڻ جو نالو ناهي.ڇاڪاڻ ته اهي سمورا پاسا ته جانورن جي زندگي ۾ به موجود آھن.سوال هي پيدا ٿيئي ٿو ته اها ڪهڙي شيء آھي جيڪا انسان کي جانور کان مختلف بڻائي ٿي؟بيشڪ فرق آھي مثال اخلاقيات جو درست يا غلط جو فرق ڪرڻ .حق ۽ باطل جي باري ۾ سوچ سمجه ۽ انهن سمورين شين تي هڪ باشعور انسان ئي ويچار ڪري سگهي ٿو.جيڪڏھن اهو چاهي ته ان فرض کي ڪجه دير جي لاء وساري ڇڏي ته انسان ۽ جانور جون خاصيتون ڪافي هڪجهڙيون آھن.انسان جي فڪر جو انداز ۽ انساني شعور جي خوبي بيشڪ کيس کي باقي سموري مخلوقات کان افضل بڻائي ٿي.ارسطو ان کي هيئن بيان ڪري ٿو( Main is the social animal ).
هڪ معاشري ۾ رهندي اسان کي هڪ ٻئي جو احترام ڪڏھن ته پنهنجين ضرورتن ۽ مختلف معاشرتي دٻاء جي ڪري ڪرڻو پوندو آھي.جيئن ڪنهن آفيس يا اداري ۾ آفيسر جو ڪرڻو پوندو آھي.ڪڏھن احترام جو سبب فرضن جي ادائيگي به هوندو آھي.
مقصد ته اخلاقيات فلسفي جي اها شاخ آھي جيڪا انهن سمورن مسئلن تي روشني وجهي ٿي ۽ انهن جي حل جي لاء به رستا ڪڍي ٿي.“اخلاقيات“نه صرف انساني روين ۾ تبديلي جو سبب بڻجي ٿي بلڪ معاشرتي خامين کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي روڪ به ڪري ٿي.هڪ پاسي اسٽيٽڪس زندگي ۾ تسلسل پيدا ڪرڻ جو رستو ڪڍي ٿي ته ٻيئي پاسي فلسفي جي ٻين علمن جي چانچ جو طريقو به ڏسي ٿي.صرف اخلاقيات تي ڳاله ختم نٿي ٿيئي بلڪ دنيا ۽ ان سان لاڳاپيل رازن کي ڄاڻڻ جي لاء به فلاسافي خدمتون انجام ڏيئي ٿو.ڪائنات جي وجود جي متعلق سوالن جا جواب فلسفي جي شاخ(   ) ڳولي ٿي.فزڪس جيان صرف نظرن جي سامهون موجود شين جي باري ۾ ڄاڻ ميٽافزڪس جو مقصد ناهي.بلڪ ڪائنات جي تخليق ۽ ان سان لاڳاپيل ڪيترن ئي سوالن جا جواب اصل ۾ ميٽا فزڪس جا بنياد آھن.
اڄ تمام ٿورڙا ماڻھو آھن جيڪي فلاسافي جي اهميت کي سمجهن ۽ فلسفي کي اڪثر واندن ماڻھن جو شوق سمجهن ٿا جنهن جو سبب هي آھي ته اهي ماڻھو فلاسافي کان اڻواقف آھن.ڇوته ادڪول جي سطح تي اڄ تائين فلاسافي واري مضمون کي اهميت نه ڏني وئي آھي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو