مسئلا حل نه ٿيڻ جا ڇا اسين به ذميوار آهيون؟ ميرحسن رند

تعلقو ٽنڊو غلام حيدر جي ماهوار ڪروڙين روپيه بجيٽ هوندي به تعلقه ٽنڊو غلام حيدر مڙني بنيادي سهولتن کان محروم ۽ چونڊيل سياسي نمائندن جا واعدا به وفا نه ٿي سگهيا. لالچ لوڀ ۽ مفاد ذريعي ووٽ حاصل ڪرڻ جا به عجيب طريقا آهن جڏھن اليڪشن ويجھي ايندي آهي ته سياسي کلاڙي غريب مسڪين عوام کي کوڙ سارا دلاسا ڏيندا آهن ته عوام جيڪا اسان کي ووٽ ڏيئي ايوانن تائين پهچائي ٿي ته پوء اسان جو به فرض آهي ته اسين ان عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهن جي ڏکن سورن ۽ دردن ۾ هميشه ساڻ گڏ هوندا سون ۽ گڏ رهندا سون  پر جڏھن اھي سياسي چونڊيل نمائيندا اليڪشن کٽي  ڪامياب ٿي ايندا آهن ته پوء ان سياسي ليڊرن کان اهي سڀ وچن وسري وڃن ٿا ۽ جيڪا بچي سچي  ڪسر به ان ئي مظلوم عوام مان ڪڍي ڇڏين ٿا. موجوده صورتحال سميت سسٽم جي خرابي ۽ عوام پاران بنا سوچ سمجهه جي تڙ تڪڙ ۾ پنھنجي ضمير سان فيصلا نه ڪرڻ جي سزا  ڀوڳيندي رهي ٿي ٻيو ته عوام طرفان بغير سوچي سمجهي پنهنجي مستقبل جا غلط فيصلا ڪرڻ ۽ جابري نظام موجود ھئڻ ڪري هلندڙ سسٽم ڪڏھن به صحيح نٿو ٿي سگھي. مون جيڪو ڏٺو آهي ته عوام کي صرف بيوقوف بنايو پيو وڃي جتي سياستدان مرلي ۽ ڪاري نانگ وارو ڪردار اپنائي رهيو آهي  ۽ عوام ان مرلي اڳيان نچي شو شو ڪرڻ وارو ڪردار ادا پئي ڪري. اسان کي ٿورو سوچڻو پوندو ته اسان پنهنجي مسئلن جا پاڻ به ته ذميوار آهيون. مان مثال ڏيندس ته جڏهن به ڪو ماڻهو ريڙهي تان هڪ ڪلو ٽماٽر يا فروٽ خريد ڪندو آهي ته هڪ هڪ شئي کي جاچيندو آهي ۽ پوءِ خريد ڪندو آهي پر افسوس ته اسين پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ وقت اهو جذبو وڃائي ٿا ويهون. اسين پنهنجي نمائندن جي چونڊ به ٽماٽرن کي جاچڻ واري جذبي سان ڪريون ته ڪافي مسئلا حل ٿي ويندا. سياستدان ڪھڙي به پارٽي سان وابسطه ھجي پر اھو صرف پنھنجن ذاتي رشيتدارن توڙي ها ها ڪرڻ واري کي خوش ڪرڻ وارو ڪردار ادا  ڪري ٿو جيتوڻڪ ٽنڊو غلام حيدر تعلقي کي تعلقي جو درجو ملندي 10 سالن کان مٿي وقت  گذري ويو آهي  پر ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ آبادي رکڻ واري هن تعلقي جا ماڻهو ساڳئي غلطي ورجائيندا رهن ٿا.  اڄ به ڪيترائي ڳوٺ موجود آهن جيڪي روڊن رستن کان مڪمل محروم آهن ۽ اڃان تائين برساتن جي پاڻي جي گھيرن ۾ آهن غريب مسڪين ماڻھن جي ڳوٺن کي روڊ رستا نه ھجڻ ڪري بيماري واري صورتحال ۾ ايمرجنسي ۾ ڪيترائي غريب مسڪين مريض تڙپي تڙپي مري ٿا وڃن ٿا. ٻھراڙي جي ڳوٺن جا رستا ناھن پر شھر سميت ۽ ان جي آس پاس وارا ڳوٺ به روڊن رستن کان محروم آهن ٽنڊو غلام حيدر ۽ انصاري شگر ملز کان مويا تائين روڊ کي ته خوني روڊ جو لقب ڏنو ويو آهي جنھن تان گذرندڙ ڳورھاريون عورتون اسپتال پھچڻ کان پھرين فوت ٿيو وڃن. ھڪ ته روڊ رستا ناھن ٻيو وري برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء نيڪال وارو سسٽم به موجود ناھي رهيو جنھن ڪري عوام سخت مايوس ۽ پريشاني واري عالم ۾ مبتلا آهي.ھتي اڄ به صحت جي اھا حالت آهي ٽنڊو غلام حيدر تعلقو ته ٿي ويو پر ٽنڊو غلام حيدر جي ايڏي وڏي سرڪاري اسپتال جتي ايمر جنسي ۾ ڪا به سهولت ميسر نه هجڻ افسوس جهڙو عمل آهي  اسپتال ۾ اھي تعلقي واريون ڪي به سھولتون ناھن ملي سگھيون ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريض اسپتال ۾ ئي تڙپي تڙپي مري ٿو وڃي .ھن تعلقي جي عوام  کي صاف پيئڻ لاء پاڻي به ناھي ملي سگھيو جنھن ڪري ڪيترائي ماڻھون ڪاري سائي  جهڙي خطرناڪ بيماري سميت مختلف پيٽ جي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهن ۽ ڪيترائي ماڻھون ڪاري سائي بيماري وگھي موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن ھن کان علاوا ھتي جون زمينون پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي جي سرعام چوري سبب تباھ ٿي ويون آهن جنھن جي ڪري آبادگار طبقو تباھ ۽ برباد ٿي چڪو آهي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر  جي معشيت مڪمل تباھي جي ڪناري تي آهي پر ڪنهن به ھن اھم مسئلي تي خاص توجه ناھي ڏني  سرڪاري خزاني مان ٺھيل تعلقه ٽنڊو غلام حيدر جون مختلف  اسڪيمون جيڪي ڪيئي سالن کان ناڪارا پيل آهن اھا ڪنھن جي عدم دلچسپي جو نتيجو آهي ٽنڊو غلام حيدر  جي تعليم به مڪمل تباھ آهي ڪٿي اسڪول زبون حالي جا شڪار آهن ته ڪٿي وري اسڪول مال جي واڙن ۾ تبديل آهن ايس ايم سي وارا فنڊ به ھڙپ ٿيو وڃن ۽ پڙھائي به نالي ماتر آهي ڪاليج سميت اسڪولن جي  مرمت لاء مليل سرڪاري خزاني واري رقم به ڪرپشن جي ور چڙھي وئي ملي ڀڳت وارو سسٽم عروج تي آهي ٽنڊو غلام حيدر تعلقي جون 8 يا 9 جي لڳ ڀڳ  يونين ڪائونسلون آهن ھر يونين تي يوسي چئيرمين مقرر آهن جنھن ۾ لکين روپيا فنڊ اچن ٿا اھي ڪٿي ٿا خرچ ٿين ڪا به خبر ناھي غريب مسڪين عوام يوسي جي چئيرمينن کي ڳولي پئي پر ھو اسڪرين تان مڪمل غائب آهن ھيل پيل برساتن ۾ به ڪجھ چيئرمينن کان سواء ڪو به غريبن جي مدد لاء منظر عام تي نظر نه آيو ۽ اڃا تائين ٽنڊو غلام حيدر جا ڪيترائي ڳوٺ اسڪول ۽ امام بارگاهون برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن جنهن لاء اڄ تائين ضلعي توڙي تعلقي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائيندن پاران ڪي به جوڳا اپاء نه ورتا ويا آهن وڏي افسوس جهڙي ڳاله آهي جو تعلقه ٽنڊو غلام حيدر جي عوام کان ووٽ وٺي چونڊيل نمائيندن پاران ڪي به وعده وفا نه ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو