مزدورن جي حقن جي حفاظت

مزدورن جي حقن جي حفاظت

لڪشا ڪمليش جڳرو
ڪارخانن ۾ ملازمن کي وقت تي پگهار نه ملڻ، گهٽ اجرت، ڊگها ڪم جا ڪلاڪ ۽ غيرمحفوظ حالتن جهڙا مسئلا انساني حقن جي خلاف ورزي آهن، جيڪي انهن جي زندگي تي ناڪاري اثر ڇڏين ٿا. ملازمن کي وقت تي پگهار نه ملڻ سبب اهي مالي مسئلن، نفسياتي دٻاءَ، ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا، جڏهن ته انهن جي روزمره جي ضرورتون، جهڙوڪ ٻارن جي تعليم، گھر جي خرچن ۽ طبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو. ڪيترائي ملازم گهٽ اجرت تي سخت حالتن ۾ ڊگها ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا، پر انهن کي سندن محنت جو مناسب معاوضو نه ٿو ملي، ۽ اضافي ڪلاڪن لاءِ ڪو معاوضو به نه ڏنو وڃي ٿو، جيڪو انساني حقن ۽ اخلاقي قدرن جي خلاف آهي. اهڙيون حالتون انهن جي جسماني ۽ ذهني صحت کي نقصان پهچائين ٿيون، جڏهن ته باس يا مينيجمينٽ جو خراب رويو، جيئن بدتميزي ۽ مسئلن جي حل ۾ سنجيدگي نه ڏيکارڻ، ملازمن جي بيچيني ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو. مزدورن کي مناسب اجرت ملڻ سان نه رڳو انهن جي زندگي بهتر ٿئي ٿي، پر معيشت ۾ به سڌارو اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندن خريداري طاقت وڌڻ سان معيشت کي فائدو پهچي ٿو.
انساني حقن جي عالمي پڌرنامي مطابق، مزدورن کي منصفاڻي اجرت ملڻ سندن بنيادي حق آهي، جيڪو باوقار زندگي لاءِ ضروري آهي. تاريخي طور، صنعتي انقلاب دوران مزدورن کي انتهائي گهٽ اجرت تي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن خلاف مزدورن تحريڪون شروع ڪيون ۽ ليبر لا ٺهرايا ويا. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) جو قيام پڻ مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ اهم قدم هو. بدقسمتي سان، اڄ به ڪيترن ئي ملڪن ۾ مزدورن کي مناسب اجرت ۽ ڪم جا محفوظ حالتون مهيا نٿيون وڃن. وقت تي معاوضو نه ملڻ ۽ جبري ڪم جي خلاف سخت قانونسازي، اجرت ۾ مساوات، ۽ مزدورن جي حقن بابت شعور اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مزدورن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت، سماجي ادارن، ۽ عالمي تنظيمون گڏجي ڪم ڪن، جيئن انهن کي سندن حقن کان محروم نه رکيو وڃي.
مناسب اجرت ۽ محفوظ ڪم جا حالتون نه رڳو مزدورن جي نفسياتي ۽ جسماني صحت کي بهتر ڪن ٿيون، پر سماج ۾ انصاف ۽ برابري کي پڻ فروغ ڏين ٿيون. وقت تي پگهار ڏيڻ، ڪم جا ڪلاڪ مقرر ڪرڻ، ۽ ليبر يونينز کي مضبوط ڪرڻ مزدورن جي زندگي کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. باس ۽ مينيجمينٽ جي تربيت، ۽ قانوني تحفظ ذريعي ملازمن کي ان ظلم کان بچائي سگهجي ٿو، جيڪو انهن کي غيرمحفوظ ڪم جا حالتون ۽ گهٽ اجرت سبب منهن ڏيڻو پوي ٿو. مزدورن کي سندن حق ڏنا وڃن ته جيئن هو پنهنجي زندگي خوشحال نموني گذاري سگهن، ۽ ڪارخانن جي ڪارڪردگي به بهتر ٿئي. اڄ جي معاشري ۾ مزدورن کي بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ، نه رڳو سندن زندگي تي منفي اثر ڇڏيندو، پر سماج جي ترقي کي به روڪيندو، تنهن ڪري سڀني ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مزدورن لاءِ بهتر مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي.ڪارخانن ۾ ملازمن سان ٿيندڙ زيادتين جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وقت تي پگهار ڏيڻ، مناسب اجرت ۽ بهتر ڪم جا حالتون فراهم ڪرڻ سان نه رڳو ملازمن جي زندگي بهتر ٿيندي، پر ڪارخانن جي پيداوار ۽ ڪارڪردگي ۾ پڻ سڌارو ايندو. خوشحال ملازم، خوشحال ڪارخانو ۽ خوشحال سماج جو بنياد آهن.منصفاڻي اجرت انساني حقن جو بنيادي حصو آهي. جيڪڏهن هر انسان کي پنهنجي محنت جو مناسب معاوضو ملي، ته نه رڳو سماج ۾ انصاف قائم ٿيندو، پر ماڻهن جي زندگي به بهتر ٿيندي. اسان سڀني کي گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته دنيا جي هر مزدور کي سندن حق ملن.

پهنجو تبصرو موڪليو