محسن پاڪستان ڊاڪٽر قدير خان جو وڇوڙو

تحرير مير نادر علي ابڙو

پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻائيندڙ  ناميارو ائٽمي سائنسدان  ۽ محسن پاڪستان  ڊاڪٽر قدير خان به  لاڏاڻو ڪري ويو سندن جي سرڪاري اعزاز سان اسلام آباد ۾  تدفين ڪئي وئي سندن ڄمار 85 سال هئي ڊاڪٽر کي  ڪورونا به  ٿيو  ڊاڪٽر قدير خان کي 26 آگسٽ 2021 ع تي ليباٽري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي ڪجهه ڏينهن علاج بعد سندس طبيعت بهتر ٿي وئي هئي ۽ کيس گهر منتقل ڪيو ويو هو ٻيهر طبيعت  خراب ٿيڻ تي کيس ڪي آر ايل اسپتال پهچايوويو جتي هن 7 لڳي   4منٽن تي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ڊاڪٽرن موجب ڊاڪٽر قدير خان کي ڦڦڙن جي تڪليف هئي ڊاڪٽرن جي ٽيم کيس بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي  پر هن دم ڌڻي حوالي ڪيو ڊاڪٽر قدير خان جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌڻ بعد سڄي ملڪ ۾ سوڳ واري ڪيفيت ڇانئجي وئي ڊاڪٽر قدير خان پاڪستان جي قومي هيروز ۾ شامل هو جنهن ملڪ کي ايٽمي  بم جو تحفو ڏنو هن پاڪستان ڱي ايٽمي قوت بڻائي اسلامي دنيا۽ خطي جو اهم ترين ايٽمي ملڪ بڻايو ڊاڪٽر قدير خان جي لاڏاڻي کانپوءِ حڪومت کيس اسلام آباد جي فيصل مسجد جي احاطي ۾ سرڪاري اعزار سان دفنائڻ جو پروگرام تيار ڪيو پر جڏهن گهر وارن وصيت پيش ڪئي ته کيس اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبر ستان ۾ دفنايو وڃي  سندن کي وسيعت موجب ايڇ ايٽ قبر ستان  ۾ پوري اعزاز سان دفنايو ويو. جنازي نماز جي امامت پروفيسر ڊاڪٽر محمد الغزالي ڪرائي .جنازي نماز ۾ وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ جي ميمبرن سول ۽ فوجي عملدارن توڙي وڏي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪئي،  ڊاڪٽر قدير خان جي مڙهه کي  قومي جهنڊي ۾ ويڙهيو ويو. جنازي جي نماز کان اڳ هن کي پاڪ فوج جي دستي طرفان سلامي ڏني . نامياري سائنسدان ڊاڪٽر قدير  خان  جو جنم اپريل 1936ع ۾ ڀارتي شهر ڀوپال ۾ ٿيو.هن شروعاتي تعليم اتان ئي حاصل ڪئي. سندس خاندان 1947ع ۾ ورهانڱيءِ کانپوءِ هجرت ڪري مستقبل طور پاڪستان آيو. ڊاڪٽر قدير خان 1960ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي  مان سائنس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اعليٰ تعليم لاءِ جرمني جي شهر  برلن روانو ٿي ويو. برلن ۾ ڊاڪٽر قدير خان ٽيڪنيڪل يونيورسٽي  ۾ داخلا ورتي  ۽ هالينڊ جي يونيورسٽي آف ڊيلفٽ مان ماسٽرس آف سائنس  جي ڊگري حاصل ڪئي . انکانپوءِ ان بيلجيم جي يونيورسٽي  آف ليوون مان ڊاڪٽريٽ آف ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري ورتي. ان  کانسواءِ  ايمسٽرڊم  ۾ فزيڪلڊائنامڪس ريسرچ ليبارٽري جوائن ڪئي.1974ع پاڪستاني وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان يورينيم جي افزودگي جي معاملي تي رابطن  بعد 1976 ع  ۾ پاڪستان آيو.ڊاڪٽر قدير خان 31 مئي 1976ع تي انجنيئرنگ ليبارٽري قائم ڪئي هن اداري جو نالو پهرين 1981ع  ۾ فوجي آمر ضياءُالحق تبديل ڪري اي ڪيو خان ريسرچ ليبارٽري رکيو.

واضح رهي ته ڊاڪٽر  قدير خان  31 مئي 1976ع  ۾ ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي دعوت تي پاڪستان آيو ۽ ائٽم بم ٺاهڻ جو پروگرام شروع ڪيو. پاڪستان 1984 ۾ ايٽامڪ ڊوائس ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.ڊاڪٽر قدير خان 8 سالن جي مختصر مدي ۾   ايٽمي پلانٽ لڳائي سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.1998ع  ۾ ان وقت جي وزيراعظم ميان نواز شريف جي دور ۾ پاڪستان بلوچستان جي شهر چاغي ۾ ڪامياب ايٽمي تجربا ڪيا . ڊاڪٽر قدير خان نه رڳو پاڪستان  کي ايٽم بم ٺاهي ڏنو . پر ان سان گڏ ميزائل پروگرام به شروع ڪيو .  ڀارت جڏهن ائٽمي ڌماڪا ڪياته جواب ۾ پاڪستان به مئي 1998ع  ۾ ايٽمي ڌماڪا ڪيا.28 مئي تي سڄي دنيا تصديق ڪري ورتي ته پاڪستان ايٽمي پاور ٿي ويو.

 ڊاڪٽر قدير خان  زندگي جا آخري ڏهاڙا مسلسل نظربندي ۾ گذاريا. قومي هيرو کي 2004ع ۾ سرڪاري ٽي وي تي آڻي ، ايٽمي ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ جي ڏوهه جو اعتراف ڪرايو ويو. سرڪاري طور تي پنج سال نظر بند رهيو.ان کانپوءِ کيس  غير سرڪاري طور تي نظر بند ئي رکيو ويو هو ڪنهن عوامي تقريب ۾ نه وڃي سگهندوهو.ڊاڪٽر قدير خان هڪ انٽرويو ۾ چيو هوته ايٽم بم خونريزي لاءِ نه پر پاڪستان جي دفاع کي مضبوط ۽ ملڪ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ٺاهيو آهي هو هڪ مثالي انسان هو جنهن جون خدمتون سالن تائين پيون ڳائبيون.

پهنجو تبصرو موڪليو