محبت ۽ سڪ سڀنين جي ايڪتا!

عاجز انور لاشاري

ھر سال جيان ھن سال به ايڪتا ثقافتي عيد کي ملھائڻ لا۽ مختلف ادران پاران ڪيل اعلان ۽ صحافتي ادارن جو گڏجي پوڻ ھڪ سٺو سئوئڻ آھي ھن سال ايڪتا کي ڀرپور موٽ ملي پئي يقينن ھي ايڪتا قومي ڪاڄ سمورن جو پنھجو ئي ڪاڄ آھي ڪنھن ھڪ فرد يا زات جو نھ پنھجي ثقافت کي زنده رکڻ لا۽ سنڌي سٻاجھڙا غريب توڙي امير اسڪولن گھر گھر ڳوٺ توڙي نگر نگر گلي گلي ۾ ايڪتا بابت پروگرام ۽ ڏھاڙن جي مناسبت سان ايڪتا کي ملھائڻ لا۽ تياريون ويھ نومبر کان ئي شروع ڪيون ويون ھيون ان حساب سان نومبر کان ئي مختلف اسڪولن ۾ ايڪتا ملھائي ثقافت سان محبت جو اظھار توڙي ايڪتا سان يڪجھتي جو پوري دنيا کي ھڪ پيغام پڻ ڏنو آھي پر ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ بيروزگاري ۽ بک بدحالي جو وبا ۽ وائرس پوري سنڌ ۾ پکيڙ ڪري چڪو آھي واٽسپ ۾ ھڪ رپورٽ گردش پئي ڪيو ان رپورٽ کي موڪليندڙ مانائتو دوست ھو پر ان مختصر سٽن ۾ جيڪو لکيو اھو ھن ريت ھو ته عبدالرحيم ڪاتيار سرڪاري ھا۽ اسڪول تعلقي بلڙي شاھ ڪريم ۾ ايڪتا پروگرام بابت ھڪ محفل رٿيل ھئي جنھن ۾ درد ڪٿا ۽ الميو بيدردي سان لفظن ۾ سٿيو لکيو ويو ھو ان ۾ بيان ھن ريت ھو بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ سرڪاري ھاء اسڪول ۾ ھڪ ايڪتا بابت پروگرام ٿي گذريو جنھن ۾ تمام معتبر معزز مھمان پڻ آيل ھئا ان پروگرام ۾ اسڪولي شاگردن جي ڀرپور شرڪت به ھئي اھي شاگرد به ھن رٿيل پروگرام ثقافتي عيد ۽ پنھجي قومي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيڻ لا۽ آيل ھئا پر انھن وٽ غربت جو ھڪ عدد رڳو سرٽيفيڪٽ ھو بس اجرڪ نه ھئي ۽ نه ئي انھن وٽ سنڌي ٽوپي به ھئي پر ھو غريب بدقسمتي سان شاگرد ان ئي اسڪول جا شاگرد به ھئا پنھجي اسڪول ۾ ايڪتا واري رٿيل پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ انھن جو پنھجو حق به ھو پر بدقسمتي سان انھن شاگردن کي ان پروگرام مان اتي جي استادن ٻاھر ڪڍيو ايترو چئي ته اڄ پروگرام بابت اوھان کي آگاھي ڏنل ھئي چيو به ويو ھو ته اجرڪ ۽ ٽوپي پائي اچجو سو ان شاگردن وٽ ھڪ ئي جواب ھو ته اسان وٽ پئسا نه ھئا غريب آھيون اسانجا والدين ھن مھنگائي واري دور ۾ پيٽ گذر لا۽ ڏينھن رات مزودري پڻ ڪن ٿا پر مشڪل سان ھڪ وقت جي ماني کائي سگھندا آھيون واقعي ۾ اھو سچ به آھي ته ھن سردين واري موسم ۾ جسم کي ڍڪڻ لا۽ به غريبن وٽ ڪي گرم ڪپڙا ئي ناھن ته اھي غريب ڀلا اجرڪ يا ٽوپي ڪٿان ته وٺي اچن ھا بھرحال بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ سرڪاري ھا۽ اسڪول ۾ ٿيندڙ ايڪتا پروگرام مان اھي شاگرد نيڪال ڪيا ويا بعد ۾ واپس شايد شريڪ ٿيڻ لا۽ ڪٿان ڪا اجرڪ ٽوپي نه ملڻ سبب مايوس ٿي واپس گھر موٽي آيا چوڻ جو مقصد ته ايڪتا کي ملھائڻ لا۽ غريب شاگردن مٿان شرطن جا بوجه رکڻ سٺو عمل ناھي دلن کي رنجائي ايڪتا نه ملھائي ويندي آھي 1 ڊسمبر واري ڏينھن ھوئين به قومي ڪاڄ کي دام دوم سان پوري سنڌ ۾ ملھايو ويندو آھي پر سمورن کي ھٿ ٻڌي اپيل ڪجي ٿي ته ھن قومي ڪاڄ ۾ انھن غريب گھرن ۾ پلجنڌڙ غريب ٻارڙن جو وڌ کان وڌ خاص خيال رکجو جن غريب گھرن ۾ اجرڪ يا ٽوپي کي خريد ڪرڻ لا۽ پئسا جيڪڏھن ناھن ته انھن کي مجبور ڪرڻ جي بجا۽ انھن کي به پاڻ سان گڏ شريڪ ڪرائڻ لا۽ ڪو نه ڪو رستو ڪڍي وٺجو ڇو جو اسڪول ۾ ٿيندڙ اسيمبلي يا ڊريس نه پائي اسڪول اچڻ وارن شاگردن لا۽ اسڪولن ۾ قانون کي نافذ رکڻ اسڪولي ماحول لا۽ سٺو عمل به ھوندو آھي پر اھڙو قانون ايڪتا ملھائڻ دوران ڪنھن به شاگردن مٿان نه مڙھيو وڃي ڇو جو ايڪتا جو ڏينھن سال ۾ ھڪ ڀيرو ئي ايندو آھي ان خوشين واري ميلي ۾ سمورن کي گھمڻ جي اجازت يا شرطن تي پورو نه لھڻ بعد منع واري تفرقي کان پاڪ رکرايو ڇو جو سنڌ ۾ ڪيترائي اھڙا گھر آھن جيڪي سنڌي آھن جن جا گھر مختلف ڏکن مسئلن ۾ ورتل ھوندا آھن جن وٽ ٻيو ڪو به ھيلو وسيلو زريعو ئي ناھي ھوندو پر پو۽ بھ ھن ايڪتا واري ڏينھن کي ملھائڻ جي حب سڪ ۽ محبت جيڪا ھر دل ۾ پاليل ھوندي آھي رڳو امير ايڪتا کي ملھائين ضروري ناھي غريب ٻارڙا به بنا نون سٺن ڪپڙن جي به ملھائي سگھن ٿا انھن جي دل به يارنھن مھينن جو صبر ڪاٽي ٿي جيڪي شاگرد ٻارڙا بي صبري سان ھن ڏينھن جي انتظار ۾ مھين جو وقت ڪاٽين ٿا انھن کي ايڪتا ملھائڻ کان محروم نه ڪيو اسان وٽ ڳالھه ھوندي تي آھي اسان وٺي آياسين پو۽ اوھان ڇو نه وٺي آيا سو ائين ناھي غريب طبقو اڄ واري دور ۾ ڪسمپرستي واري حالن ۾ زندگيون پيو گذاريندو آھي ھزارين غم ڏک انھن غريب دلن جي ھزارين حسرتن ارمانن کي يارنھن مھينا پيا ڏنگيندا آھن پر جي ڪٿان مفت ۾ ڪنھن کي خوشي ملي ٿي ان ۾ اسان جون رنجشون يا ھٿ ٺوڪيا قانون ڇا لئه ايڪتا جا اسان يا اوھان اڪيلا ڌڻي ٿي انھن کان ايڪتا ملھائڻ واري به خوشي کي کسي وٺون ته باقي انھن جي زندگي ۾ ٻيو ڇا رھيو سو ھي ايڪتا اھا ايڪتا آھي جنھن ۾ اسان ھڪ ٻئي جو پنھجي دل ۾ احساس ۽ پيار کي زنده رکون ٿا ايڪتا سنڌواسين جي عيد آھي ھن عيد کي ملھائڻ لا۽ مٿان ڪي شرطن جا بوجھه غريبن جي ڪلھن مٿان رکي انھن کي عيد ملھائڻ کان محروم نه رکجو جڏھن به سنڌ خلاف سازشون پيدا ٿيون تڏھن ھر ھڪ سنڌي آواز اٿاريو ھوندو پو۽ انھن جو آواز اجرڪ ٽوپي پائي يا مٿي اگھاڙا پيرن اگھاڙا ڇو نه ھجن سو ھن ڀيرو بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ سرڪاري ھا۽ اسڪول ۾ ٿيندڙ ايڪتا تقريب مان اسڪولي شاگردن کي ان شرط تي جيڪڏھن ڪڍيو ويو آھي ته انھن وٽ پائڻ لا۽ فقط اجرڪ يا ٽوپي نه ھئي ان لا۽ ھو ايڪتا تقريب ۾ ويھي نٿا سگھن سو اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت پڻ ڪيون ٿا اپيل ته اڳ ئي ڪري چڪا آھيون ته ھن قومي ڪاڄ ۾ انھن کي به پاڻ سان گڏ کڻي لازمن ھلجو جن وٽ اجرڪ ٽوپي خريد ڪرڻ جيترا پئسا ناھن ھوندا اھي به ايڪتا کي ملھائي خوشين ۾ شريڪ ٿي سال ۾ ھڪ ڀيرو مسڪرائڻ جھومڻ جو پاڻ جيان ئي حق رکن ٿا اھو ان لا۽ جو ڀلي انھن وٽ کائڻ لا۽ اٽو ڀلي نه ھجي پئسا کيسي ۾ نه ھجن پر ھو سمورا ڏک ايڪتا کي ملھائي گھٽائڻ جي فقط ھڪ معمولي ڪوشش ئي ڪندا آھن بس ٻيو ڇا

پهنجو تبصرو موڪليو