لطيف سائينءَ وٽ ماروئڙن سان محبت جو اظهار.!

ناشاد شوڪت شنباڻي.
مارو يا ماروئڙا پنهنجي ڌرتيءَ تي رهي ڪري پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪندڙ، بک بدحاليءَ ۾ رهي ڪري ٻين تائين اناج ڀاڄيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون پهچائيندڙ، مسڪين حاليءَ ۾ پاڻيءَ لاءِ ترسي ٺوٺ ڌرتي تي گذاريندڙ کي چئجي ٿو. مارو سادا سٻاجها گهڻو ڪري ٻني ۽ مال تي ئي گذارو ڪن ٿا. جن وٽ ”آڻِينِ ڪي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏيهاڻِي، سُومِرا!“ وارو فسلفو آھي، محلن يا ٿڌن ڪمرن جي ٿڌاڻ کان ڪوهين ڏور ڀٽن جي دڙن تي گذاريندڙ اُهي ماروئڙا جيڪي وڏن وڏن طعامن بدران لسي جي لپ ۽ کير جي خوراڪ سان زندگي گُذاريندا رهن ٿا، پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ماروئڙن جو سنڌڙيءَ سان ۽ سنڌڙيءَ جو ماروئڙن سان ساهہ رهيو آھي. دنيا جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي ڌرتيءَ جي اهڙن ڪردارن کي ساراهيو آھي، جن گمنامي ۾ رهي ڪري به وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. دنيا جي ٻين شاعرن کي پاسي تي رکي جڏهن اسان حضرت شاهہ عبدالطيف ڀٽائيءَ ؒ جي شاعري کي پڙهي پرکي ڏسئون ٿا ته اسان کي هر جاءِ تي لاکيڻي لطيف وٽ ماروئڙن سان محبتن ۽ دعائن جو اظهار ملي ٿو. ماروئڙن سنگهارن جي ڏکن کي ۽ سُڪي ويل ڌرتي کي ڏسي لطيف سائين آسائتو ٿي ڪڪرن کي عرض ڪندي فرمائي ٿو ته:

سارَنگَ! سارَ لَهيجِ، اَلله لَڳِ اُڃِيَنِ جِي
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ تي، اَرزان اَنَّ ڪَريجِ
وَطَنُ وَسائيجِ، ته سَنگھارَنِ سُکُ ٿِئي.

اي سارنگ! اي مينهن الله ڌرڻيءَ جي واسطي ماروئڙن جي سار لهجن، پٽن کي پاڻيءَ سان سرسبز ڪري ماروئڙن کي اَنّ فصل لاءِ ٻني پُسائي ڏيج، اي مينهنَ! اي سارنگ پياسو وطن وسائيج ته سنگهارن ماروئڙن کي ڪو سُک ملي.
لطيف سائينءَ وٽ ماروئڙن لاءِ محبت ته ڏسو، ڪيڏي نه لاکيڻي لطيف کي وطن ۽ وطن واسين جي سار آهي.
لطيف سائينءَ وٽ ڌرتي واسين لاءِ عجيب فلسفو آھي، هو پنهنجي وطن جي دريلي ڪيفيتن کان آگاهہ آهي جنهن جي ڪري مارن جي سڪل پٽن کي ساوڪ سان سرشار ڏسڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هو مينهن کي ڌرڻي جا واسطا ڏيئي سنگهارن جي سُک لاءِ هر دم سڏي ٿو

اڄ پڻ اُتر پارَ ڏي، ڪڪرَ ٿو ڪري،
روضي پاڪ رسول جي، پلٽِيو پٽَ ڀري،
وِڄُن ساڻ وَري، ته سنگهارن سکُ ٿئي..

اڄ اُتر پار ڏي ڪڪر ڪري، رسول پاڪ جي ملڪ ۾ پلٽجيو ٿو پلٽجي، يعني مديني ملڪ جا ميدان ڀري ڇڏيان اٿائين، جيڪڏهن اُهو ڪڪر وڄن ساڻ ورِي منهنجي پٽن تي اچي ته منهنجي مارن سنگهارن لاءِ به سک ٿي وڃي، جيئن ڪڪرن اُتي مهر ڪئي آھي جيڪڏهن هتي به ساڳي مهر ڪري ته سنگهارن جون مرڪون موٽي اينديون.
لطيف سائينءَ هونءَ ته هر سُر ۾ ماروئڙن کي ڪٿي نه ڪٿي ياد ضرور ڪيو آھي، پر جهڙيءَ طرح سر سارنگ ۾ مارن جي پٽن کي وسائڻ ۽ مارن جي ڏکن کي ميٽجڻ جي لطيف سائين جيڪا دعا ڪئي آھي، اُها لطيف سائينءَ جي مارن سان محبت جو بي پناھ پيار ڀريو اظهار چئبو.

اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪڪر ڪيائين
مندائتي مينهن جي رت نہ روڪيائين
پلر پلٽايائين سنگهارن سک ٿيا.!

برسات کان پوءِ جي منظرنگاريءَ جي سونهن کي لطيف نهايت خوبصورت نموني پيش ڪيو آھي. اڄ ڪڪر اُتر پار ڏي ڪيائين، مندائتي مينهن جي رت نه روڪيائين. جيئن ئي پلر پلٽيائين ته ويچارن سنگهارن جن مينهن لاءِ دعائون ٿي ڪيون، اُنهن لاءِ سک ٿي ويا، اُها لاکيڻي لطيف جي مارن سان چاهت آھي جو انهن جي سکن لاءِ دعائون ڪيون اٿائين.

پهنجو تبصرو موڪليو