لال شھباز قلندر رحمت الله جو 772 ھون عرس

وفا ولي محمد ڦل
مخدوم قلندر لعل شهباز عثمان مروندي عليه الرحمه جو اصل نالو عثمان آھي .سندن جي والد بزرگوار جو نالو ڪبير الدين آھي .شجره نسب ڪجه هن ريت ملي ٿو :سيد عثمان مروندي ولد ڪبيرالدين (لقب سيد ابراهيم) ولد شمس الدين ولد سيد نور شاهه ولد سيد محمود شاهه ولد سيد احمد شاهه ولد سيد هادي شاهه ولد سيد مهدي شاهه ولد سيد منتخب شاهه، ولد سيد غالب شاهه، ولد سيد منصور شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه ولد سيد امام جعفر رضي الله.#ولادت باسعادت: حضرت لعل شهباز قلندر عليه الرحمه جي ولادت باسعادت 538هه 1143ع تي ڳوٺ “مروند” ۾ ٿي. بعد ۾ سيوهڻ تشريف کڻي آيا.#تعليم و تربيت:پاڻ حافظ قرآن، جيد عالم، صرف نحو جو ماهرعظيمشاعر۽مصنف هئا#سفرنامو:
قلندر شهباز عليه الرحمه ڪيترن ئي ملڪن جا سفر پڻ ڪيا، عراق انڊيا،ايران کان ٿيندو آخري ڏهاڙن ۾سيوهڻ شريف ۾ رهيو. #وصال شريف:سندس وفات 650هه 1252ع تي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. اڄ به مزار شريف عام و خاص جي زيارت گاه بڻيل آھي .الله تبارڪ و تعالي اسان کي صالحن جي رستي تي هلڻ جي توفيق نصيب.فرمائي .آمين حضرت
لعل شھباز قلندر ج ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت سيد عثمان مروندي المعروف لعل شھباز قلندر رح جي عرس مبارڪ تي سندس پيغام آھي تھ سنڌ ڌرتي صوفين، درويشن ۽ عظيم بزرگ ھستين جي ڌرتي آھي ۽ حضرت لعل شھباز قلندر جي تعليمات ۽ سندس فلسو انسانيت جو درس ڏيندو آھي، حضرت لعل شھباز قلندر جو پيغام ڀائيچارو، محبت ۽ امن آھي. وڏي وزير چيو تھ ھر سال حضرت لعل شھباز قلندر جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ سميت سموري ملڪ بلڪ دنيا جي ٻين ملڪن کان لکن جي انگ ۾ زائرين حاضري ڀريندا آھن. ھن چيو تھ سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي، سيوھڻ جي سرزمين تي جيڪو قدم رکندو آھي اھو قلندري رنگ ۾ رنگجي ويندو آھي. حضرت لعل شھباز قلندر جي پيغام ۽ فلسفي کي بين الاقوامي سطح تي روشناس ڪرائڻ جي ضرورت آھي. تاريخ ثابت ڪيو آھي ت صوفي ڌمال نفرت ۽ انسانيت دشمنيءَ خلاف سبق آهي اسان اڄوڪي ڏينھن تي پڪو پھھ ڪريون تھ معاشري مان انتھاپسندي، دھشتگردي ۽ نفرتن جو خاتمو ڪيو ويندوڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿاجيڪو هميشہ ٻين ڪاڻ جيئي ٿو،ڇاڪاڻ تہ هن خوبصورت ڪائنات جو خالق رب پاڪ پنهنجي ڪلام پاڪ ۾ فرمائي ٿو ته، زندگي تہ سڀ ڪو گذاريندو آهي، پر ڀلارا انسان اهي آهن، جيڪي پنهنجن ماروئڙن، جهانگيئڙن جي درد، تڪليفن، اهنجن، ايذائن ۽ مصيبتن کي پنهنجو درد سمجهي انهن جي درد جو درمان بڻجندا آهن، ۽ منجهيل ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاء رات ڏينهن بنا ڪنهن فرق ۽ بغير لالچ جي پنهنجي جستجو جاري رکندا آهن، اهڙن سٺن ماڻهن مان سيوهڻ شهر جي نگري جا ٻه اهم ۽ خاص خاندان سان تعلق رکندڙ سڄي دنيا ۾ ڄاتل سڃاتل لڪياري سيد جا جانشين لال لجپال قبلا حضرت عثمان مروندي رح المعروف حضرت لال شهباز قلندر رحمت الله جا گادي نشين سيد الله بخش شاھ لڪياري المعروف( بودلو ) سيد گل محمد شاھ لڪياري المعروف سائين راجا سائين لڪياري خاندان جا چشم چارغ سيوهڻ شھر جي سرسبز سرزمين جي مٽي مان جنم وٺندڙ پڻ هڪ آهن جنهن هميشہ مسڪينن ۽ غريبن جي ڪم اچڻ ۾ زندگي گُزاري آهي اسان دعاگو آهيون، ته ﷲ پاڪ سائين جن کي هميشہ لاء خوش آباد رکي ته جيئن هو غريب مسڪينن جي مدد ڪرڻ ۾ هميشہ جيان اڳڀرو رهي سندس شخصيت تي شاهہ سائين جون هيء سٽون ئي ارپي سگهان ٿو تہ( ماڻهو سڀ نہ سهڻا، پکي سڀ نہ هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهوء منجهہ اچي بوء بهار جي ) قلندر شھباز جي عرس تي ھر سال جيان ھن سال سڀاڻي يعني اڄ کان زبردست ملاکڙو ـ قلندر جي ڌمال جي محفل راڳ ويراڳ ايراني سرگس ٿيٽر جھولا موت گھر سميت ڪيتريون محفلون مچنديون سڀاڻي( اڄ) سنڌ جو وڏو وزير يا گونر ڪامران ٽيسوري سيوھن درگاھ قلندر شھباز پھچي مزار قلندر تي چادر چاڙھي عرس مبارڪ جي شرعات ڪندا قلندر شھباز تي چءن ءي صوبن جا پرستار عقيدتمند۔ لکن جي تعاد ۾ پھچڻ شروع ٿي ويا آھن آخر ۾ دعا آھي الله پاڪ ھن مست لال شھباز قلندر کي جنتالفردوس ۾ اعلي ا مقام عطا ڪري آمين

پهنجو تبصرو موڪليو