لاقانونيت جو راڄ

عزيزه حنا عباسي
سنڌ سونهاري جي ڌرتي جيڪا پيار,امن,محبتن جي احساسن علم ادب ,مهمان نوازي,۽ صوفين بزرگن,اوليائن جي ڌرتي مشھور ھئي اھا اڄ وحشت بربريت,لاقانونيت,قبيلائي جھيڙن جي ڪري مشهوري ماڻي رھي آھي ,افسوس ته ان ڲالھ جو آھي جتي سنڌ انيڪ مسئلن جو شڪار اڲيئي آھي,اتي ويتر روزانو ٿوري ٿوري ڲالھ تي,حق سچ چوڻ جي ڲالھ تي,غلطين کي نمايان ڪرڻ جي ڲالھ تي به ماڻهو ماريندي دير نٿي ڪئي وڃي,تعليمي ادارن ۾ به ڪير محفوظ ناهي ڪٿي نياڻين کي سر عام اغوا پيو ڪيو وڃي ته ڪٿي ماريو ٽياس تي ٽنگيو ٿو وڃي ,ڪٿي پسند جا پرڻا موت جو سبب بڻجيو وڃن ته ڪٿي زمينن جي ملڪيت تي قتلام ٿي رھيا آھن ,ھي صوفين جي ڌرتي جو اھو رخ آھي جيڪو ڏاڍو ڀيانڪ آھي,ڇا ته اسان جي سنڌ ھئي,پيار محبت,ادب ,احترام سان مالا مال,ڪٿي ڪڏھن ڪو ورلي واقعو ٿيندو هو,جو ٻڌندا هئاسين ها البت وڏيرن جا اڪثر قصا مشهور هئا ته عورتن کي ملڪيت ڦٻائڻ عيوض يا ماريو وڃي ٿو,يا قيد ڪري خلاف شرع قرآن پاڪ سان حق بخشايو وڃي ٿو,ان معاملن جي تمام سٺي نشاندهي ميڊم نور الهدي شاه صاحبه ۽ ٻيا سنڌ جا مهان اديب پنهنجي لکڻين پنھنجي ڪهاڻين ذريعي ڪري چڪا آھن,جنهن تي ان کي به ڪافي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو,پر هن وقت صورتحال تمام خراب ٿي چڪي آھي,هڪ طرف ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ ,جيڪو به ڪن با اثر ماڻھن جي چرچ تي زور ورتل آهي ,جيڪي معصوم ٻچن کي ب بخش نٿا ڪن تازو سنڌ مان گهڻا ننڍڙا ٻار به اغوا ڪيا ويا آهن جيڪو هڪ تمام وڏو ظلم آهي,ٻئي طرف بحريه ٽائون ۽ ھاڻي سڄي ڪوهستاني پٽي کان علاوه هر هنڌ هر جاء تي ناجائز قبضا ڪيا پيا وڃن ۽ انهن زمينن کي غير مقامي ماڻهن سان وڪرو ڪيو پيو وڃي,,تازو سنڌ جي سونهن ڪارونجهر جبل به وڪجي رهيو آهي اهو سڀ ڪير پيو ڪري؟,ٻيو ته ٺهيو پر هت ته هاڻ صحافي حضرات به محفوظ ناهن ننڍڙيون ٻارڙيون. ۽ عورتون به به محفوظ ناهن,تازو پني عاقل ڀرسان پسند جي پرڻي تان ٿيندڙ ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ هڪ ڌر طرفان ٻئي ڌر جي ڲوٺ تي سڌيون گوليون وسايون ويون,ٻڌڻ ۾ اهو آيو ٻه ڄڻا قتل ٿيا ۽ بيگناه ٽي عورتون اغوا به ڪيون ويون,هاڻي ته اهو سنڌ ۾ رواج پئجي ويو آهي ڪنهن جي گهر ٻئي جي ڪڪڙ به ويئي ته ٻه ٽي قتل ,ڪنهن جي ٻنيء ۾بي زبان جانور ويو,ٻه ٽي قتل, ڪنهن کي گھٽي مان لنگھڻ تان اعتراض ته ڪڏهن وڻ وڍڻ تان ڪنڌ ڪپجي ويا ڄڻ انسان نه پرجانور پيا ڪسجن,الله رحم ڪري هي ڪهڙو ناحق آ هي اسان جو سماج ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي,ڇا ڪو قانون ڪونھي ڪو انصاف ڪرڻ وارو ڪونهي ڪو نوٽيس وٺڻ وارو به نه رهيو آهي جيڪر ڪو داد فرياد ٿئي,غريب عوام اڲ ئي حڪمرانن جي پاليسين جي ڪري مهنگائيءجي ڪن ۾ ڦاٿي پئي آھي پيٽ ڀرڻ لاء اٽي جي سورن ۾ آهي اها ڪهڙن ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏي, ڪنهن در دانهن ڏي, ڪاش ڪو ٻڌائي سگهي..

پهنجو تبصرو موڪليو