قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا

نوشھروفيروز (مشتاق مري) عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ڏئي ڇڏي. نوشھروفيروز جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالوحيد شيخ جي عدالت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار رستم علي 30 سال قيد ۽ 60 هزار ڏنڊ، غفور گل، نصير احمد وڳڻ کي عمر قيد ۽ 50، 50 هزار رپين جي سزا ٻڌائي آهي. واضح رهي ته 6 سال اڳ درياخان مري ٿاڻي تي فريادي ذاڪر حسين وڳڻ ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته ڳوٺ عبدالخالق وڳڻ لڳ زمين تي ڪاهيل فصل رستمم غفور گل ۽ نصير احمد وڳڻ وارا ڀيل ڪرائيندا هئا ان جي روڪڻ تان هنن منهنجي ڀاءُ مقتول رضوان علي وڳڻ کي پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اڄ ٻڌڻي دوران فريادي جي وڪيلن ابرار حسين چانڊيو ۽ اياز گوپانگ پنهنجا دليل ڏنا. عدالت دليل ٻڌڻ بعد قتل  جو ڏوھ ۽ 13 ڊي جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار رستم کي 30 سال قيد 60 ھزار ڏنڊ ۽ جوابدار غفور گل ۽ نصير احمد وڳڻ کي 25/25 سال عمر قيد ۽ 50/50 ھزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو