عفت عمر پنهنجي ڌيءَ جي مڱڻي جون تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون

لاهور (ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪارا، ماڊل ۽ ميزبان عفت عمر پنهنجي ڌيءَ جي مڱڻي جو اعلان سوشل ميڊيا تي ڪيو آهي.اداڪارا تازو ئي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ٽي تصويرون شيئر ڪيون آهن.هن پوسٽ جي ڪيپشن ۾ عفت عمر لکيو ته منهنجي ننڍڙي ڇوڪري جي مڱڻي ٿي وئي آهي ۽ مان باضابطا طور تي ساس بڻجي وئي آهيان.عفت عمر طرفان شيئر ڪيل تصويرن ۾ اداڪارا جي ڌيءُ ۽ ناٺي جو چهرو مڪمل طور تي نظر نٿو اچي.تصويرن ۾ عافيت عمر جي ڌيءُ ۽ ناٺي جو رڳو هٿ، سائڊ پوز ۽ پٺي ڏسي سگهجي ٿي.تصويرن مان معلوم ٿئي ٿو ته اداڪارا جي ڌيءَ نور جهان جي مڱڻي هڪ انگريز سان ٿي آهي.هتي قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته عفت عمر منفي تبصرن کان بچڻ لاءِ هن پوسٽ جو ڪمنٽ سيڪشن بند ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو