عطائي صحافي،ڇا ھاڻ چرس وانگر لِڪ ۾ ھلندا؟؟؟

ايڊووڪيٽ صالح ميمڻ
اڄ ڪلھ جي نان پروفيشنل صحافت اھا ٿي وئي آھي ته جيڪڏھن ڪو زندا ماڻھو صحافين آڏو ويھي پني تي لکيل مواد پڙھي چوي ته آئون قتل ٿي ويو آھيان، مون کي فلان ڊاڪٽر غلط انجيڪشن ھڻي ماريو آھي ۽ آئون قبرستان ۾ دفن ٿي ويو آھيان ته صحافي حضرات ڪو به ڪراس ۾ سوال نه ڪندا ۽ لکي ڇڏيندا ته فلان شخص جو موقوف آھي ته ھو چوي ٿو ته ھو قتل ڪيو ويو آھي، وري جڏھن اھڙن نان پروفيشنل صحافين \ رپورٽرن کان پڇبو ته توھان ھڪ زندا ماڻھوءَ جو سندس مرڻ بابت بيان ڪيئن ھلايو ته چوندا ته اھو ان جو موقوف ھو، وري ڪجھ رپورٽر مري ويل ماڻھن جا بيان به ھلايو ڇڏين، ڪجھ سال اڳ مرحوم مريد خاصخيلي 7 سال اڳ فوت ٿي ويو ھو سنڌ جي ھڪ وڏي اخبار ۾ ان جي نالي سان سندس(مرحوم مريد خاصخيلي) جو  ڊيڪوريشن واري ڌنڌي خلاف بيان شايع ٿيو، جڏھن مرحوم مريد خاصخيلي جا پُٽ ان اداري ۾ ڊوڙي پھتا ۽ چيائون ته اسان جو پيءُ 7 سال اڳ فوت ۽ دفن ٿي ويو آھي اسان سان ته خواب به نه ٿو ڳالھائي توھان جي نمائندي سان ان ڪيئن ڳالھايو آھي؟ اخبار جي انتظاميه ان رپورٽر کي اھڙي غير ذميداري ۽ لاپرواھي ڪرڻ تي تڙي ڪڍي ڇڏيو ھو، ان مان به سبق نه سکيو، ھاڻ اگر ڪو اچي چوي ته ھن جو قاتل ڊاڪٽر گلاب ڪشميري آھي ته عطائي صحافي ان جو به بيان ھلائي ڇڏيندا ۽ چوندا ته اھو ان جو موقوف آھي، صحافي جو ڪم آھي جيڪو جيئن چوندو اھو ھو لکندو، تحقيقات ڪري اھو ڏسڻ ته ھمراھ زندا آھي يا مري ويو آھي، اھو ادارن جو ڪم آھي، حجام به ڪنھن استاد وٽ سالن جا سال ڪم سکي تيار ٿيندو آھي پوءِ ئي ڪنھن جي ڏاڙھي ڪوڙيندو آھي، رازو به پھرين تغاري کڻندو آھي پوءِ رازو ٿيندو آھي، بورچي به رات وچ ۾ بورچي ناھي ٿيندو. مگر رات وچ ۾ گھٽ پڙھيا ماڻھو رپورٽر \صحافي ٿي انڌيون ۽ اونڌيون خبرون لکي سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ وارا ڪم رات وچ ۾ سکي وٺندا آھن ۽ اخبارن ۽ ٻيئن ادارن جا ڪارڊ وٺي اَڻ رجسٽرڊ پريس ڪلبن جا ميمبر ٿي پاڻ کي صحافين\ رپورٽرن جي صفن ۾ شامل سمجھي پاڻ کي ھيرو پيا سمجھندا آھن، ھاڻ ته خبرن کي ڪمپوز ۽ ايڊٽ ڪري ٺاھي ڏيئڻ جا به دڪان کلي ويا آھن، انھن دڪانن جا اشتيھار به ھلايا پيا وڃن، پرنٽنگ پريس وارو روٽا مشين ڊڪليئريشن کان سواءِ نٿو رکي سگھي، عطائي صحافين جي آفيسن ۽ دڪانن تي اُٺ جيڏا وڏا بورڊ لڳا پيا آھن، چانھ، پيسٽ ۽ پتي وڪڻڻ وارا سيلز مين به صحافي ٿي ويا آھن ته ڪاٻاڙي وارا به صحافي ٿا سڏائين، موٽر سائيڪل جو مستري به صحافي آھي ته ھوٽل جو بيرو به صحافي آھي، گاڏي تي ڪيلا وڪڻڻ وارو به صحافي ته چنگچي رڪشو ھلائڻ وارو به صحافي ٿو سڏائي، ھڪ صحافي ته اھو به انڪشاف ڪيو آھي ته پوليس ڪنھن کي منشيات ھلائڻ جي اجازت ڏيئڻ کان اڳ چوندي آھي ته پھرين صحافين کان اين او سي وٺي اچو، اھا صحافت جي شعبي ۾ گھڙي آيل ڪجھ عطائي صحافين جي لاءِ فخر جي ڳالھ ٿي سگھي ٿي، جيڪي ايئن چوندي گد گد ٿيئن ٿا، انھن کي روڊ تي بيٺل ڪنھن ريڙھي واري کان سرِ عام ڀتو وٺندي ته ٽڪي جو شرم نه ٿو اچي پر پورھيو ڪندڙ ھوٽل واري جي چانھ به مفت ۾ پيئڻ تي ٻڏي مرڻ جو خيال نه ٿو اچي، اگر ڪي پاڻ کي صاد پاڪ سمجھن ٿا ته انھن کان سوال آھي ته پريس ڪلبن جي عمارتن جا ڪرايا آخر ڪٿان ٿا اچن؟؟ پريس ڪلبن جا روٽين جا خرچ ڪٿان ٿا ھلائين؟؟ انھن جون شاھ خرچيون ڪيئن ٿيون پوريون ٿيئن، ڪڏھن ڪراچي ڪڏھن حيدرآباد ته ڪڏھن دادو ڪيئن ٿا پھچن؟؟ انھن جا نه پريس ڪلب رجسٽرڊ ادارا آھن نه اھي پاڻ ڪنھن مجاز سرڪاري کاتي ۾ اِن رول آھن، نه انھن جي گھربل تعليمي قابليت آھي جو پاڻ کي صحافي سڏائي گھن، سڄو ڏينھن سرڪاري آفيسن، احساسِ ڪفالت سينٽرن، نادرا آفيسن، سرڪاري اسپتالن جي اختيارين کي مختلف بھانن سان تنگ ڪندا رھن ٿا، سڄي سنڌ جو ڪو به شھر بچيل ناھي جتي ھڪ کان وڌيڪ پريس ڪلب نه ھجن، ٽنڊو غلام حيدر ٽائون ۾ ڪو به شھر نه آھي، ان ٽائون جي 7 وارڊن ۾ 7 پريس ڪلب آھن، وڏن صحافتي اداري به اتي  نمائندا رکي ڇڏيا آھن جتي ڪنھن به اخبار جو بنڊل نه ٿو پھچي. شھرن ۾ ڊوڙندڙ اڪثر موٽر سائيڪلن جي پليٽ نمبرن جي جائين تي Press جي پليٽ لڳل ملي ٿي، جڏھن ته ڊاڪٽر، ماستر، اسٽامپ وينڊر، وڪيل، ميڊيڪل اسٽورن وارا توڙي سمورا ٻيا پروفيشنل لائيسنس ھولڊر آھن ته پوءِ اڪثر صحافي يا رپورٽر سڏائيندڙ اِن رول ڇو نه آھن ۽ انھن جا پريس ڪلب رجسٽرڊ ڇو نه آھن؟ مدرسا ۽ اسڪول ته رجسٽرڊ آھن پريس ڪلب ڇو رجسٽر نه آھن؟ ھوٽلون، گاڏيون به رجسٽريشن کان سواءِ ھلي نه ٿيون سگھن، سنڌ ۾ ھزارين عطائي صحافي رجسٽريشن ۽ اِن رولمينٽ کان سواءِ ايئن ڪيئن پيا گلا کولي ھلن؟ سنڌ سرڪار ۽ ان جون مجاز اختياريون ان معاملي طرف آخر ڇو نه پيو سوچين؟؟ ھي ملڪ جي سالميت ۽ ماڻھن جي ھڪ ٻئي سان معاملن ۽ غلط رنگن واريون غير معروضي يا بيس ليس خبرون ڦھلائي سالميت، سلامتي ۽ امن امان لاءِ ڪيترا خطرناڪ ٿي سگھن ٿا؟؟ ان طرف ڪنھن اختياري، ھوم منسٽري، ڊي جي رينجرس، ڪور ڪمانڊر يا ٻيئن آخر ڇو ناھي سوچيو؟؟ سنڌ جي وڪيلن به ڇو ناھي سوچيو ته ھو وڪالت جو لائيسنس وٺي ججن جي آڏو بيھي سگھڻ لاءِ ڪيترن امتحانن مان گذري پاس ٿي نڪرن ٿا، صحافي يا رپورٽر کي پنھنجي ڪم جو لائيسنس حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن قانون سازي ڪرائي پابند ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ته ھُو جنھن نوعيت جو ڪم ڪن پيا ان ڪم جو انھن وٽ مجاز سرڪاري اداري مان باقاعدا خاص ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ لائيسنس جاري ٿيئڻ گھرجي، ڇا سنڌ جو ڪو قابل وڪيل عالا عدالت ۾ اھڙي ڪا پٽيشن فائيل ڪندو؟ جنھن ۾ اھا گھر ڪيل ھجي ته عدالت سڳوري سرڪار سڳوري کي حڪم جاري ڪري ته ميڊيا جي رپورٽرن کي به اِن رول ۽ پريس ڪلبن کي رجسٽر ڪيو وڃي؟ اسان ان شوءَ تي 3\4 سالن کان لکون پيا، مگر ڪنھن به انھن ڳالھين جو نوٽيس ناھي ورتو، شاباش ھجي ڪنڌ ڪوٽ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ کي جنھن سي آر پي سي جي سيڪشن 190 تحت پنھنجي اختيار تحت ڪنڌ ڪوٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ھڪ آرڊر پاس ڪيو آھي ته ڪنڌ ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ ڪي ھمراھ پاڻ کي ميڊيا جا رپورٽر سڏئي ماڻھن کان خرچيون وٺي رھيا آھن، انھن رپورٽرن وٽ صحافت جي پروفيشن لاءِ گھربل ڊگريون به چيڪ ڪيون وڃن، جن وٽ صحافت ڪرڻ لاءِ گھربل ڊگريون نه آھن، انھن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، اھڙو آرڊر پاس ٿيئڻ تي سوشل ميڊيا تي وڏا بحث ڇڙي پيا آھن، ڪو چوي ٿو پاڪستان جي تاريخ ۾ ھن کان اڳ ايئن ڪڏھن نه ٿيو ھاڻ ايئن ڪيئن پيو ٿئي؟ ۽ ڪھڙي قانون تحت ايئن ٿي رھيو آھي، يقينن ھي ھڪ وڏي خبر آھي جنھن سنڌ جي ھزارين صحافين\ ميڊيا جي رپورٽرن کي ڇرڪائي وڌو آھي ۽ اھي وڏي ٻڌ تر ۾ اچي ويا آھن ته ان مسئلي کي ڪيئن منھن ڏين؟؟

پهنجو تبصرو موڪليو