عدالت پي ٽي ايم اڳواڻ کي پشاور جيل حوالي ڪري ڇڏيو

بنون(م ڊ) پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ ۽ قومي اسمبلي جي ميمبر محسن داوڙ کي عدالت پوليس رمانڊ ۾ اضافي جي درخواست رد ڪندي کيس پشاور جي سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. انسداد دهشتگردي فورس پاران کيس وڏي سيڪورٽي م بنون جي ڊيوٽي ميجسٽريٽ سامهون پيش ڪيو عدالت کيس جيل موڪليندي 19 جون تي وري پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏنو. ياد رهي ته 26 مئي تي خارقمر چيڪ پوسٽ تي مبينه حملي بعد هن پان گرفتاري پيش ڪئي هئي. 30 مئي تي عدالت هڪ هفتي جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو هو. قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن گوڙ ڪيو هو ته اسپيڪر سندس پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري پر هن نه ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو