جنرل مشرف ملڪ جو پهريون آرمي چيف رهيو آهي جنهن جي خلاف عدالت طرفان سنگين غدري ڪيس مڙھي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت فيصلو ٻڌائيندي موت جي سزا ڏئي ڇڏي آھي چوندا آهن ته جيڪو کڏ ٻين لاء کوٽيندو آهي ان ۾ دراصل پوندو پاڻ ئي آهي آمر مشرف نواز شريف جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري غداري ڪيس مڙهي ملڪ بدر ڪيو پر دنيا هيئنر ڏسي رهي آهي ته نواز شريف ڪهڙي به نموني ملڪ وريو وِزير اعظم ٿيو, پر آمر مشرف کي انجام تائين پهچائڻ وارو ڪردار سندن دنيا آڏو وائکو ٿي چُڪو آهي پاڪستان دنيا جي انهن جمهوري ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي جمهوريت کان وڌيڪ اقتدار تي جنرل قابض رهيا آهن, جنهن کان ٿيل غلطين جي ڪنهن کي ڪُڇڻ ۽ پُڇڻ جي سگھ نه هئي جڏهن هنن چاهيو ججن, عدالتن, سياستدانن کي پنهنجي لانگ بوٽن هيٺيان پئي لتاڙيو ۽ موجوده عدالتي فيصلن مان ماحول کي ڏسي اهو اندازو ضرورو لڳائي سگهبو ته ٿورو نه پر گهڻو ڪُجھ ٿيڻ وارو آهي, فيصلو دير آيو پر درست آيو موجوده چيف جسٽس جي سخت فيصلن ۽ پاڪ فوج جي جوابي بيانن سان ملڪ ۾ هيئنر حالتون سنگين صورتحال اختيار ڪري چُڪيون آھن ڪُجھ ڏينهن پهرين آرمي چيف جي مدت واري فيصلي تي ٿيل ڇڪتاڻ وارو ماحول اڃا ماٺو نه ٿيو آهي ته مٿان وري عدالتي فيصلي ۾ سابق آمر ۽ آرمي چيف جنرل مشرف کي ملڪ جو غدار قرار ڏئي ڦاسي جو حُڪم ڏئي هڪ تاريخي فيصلوڏنو آهي جيڪو ايئن کڻي چئجي جنهن ملڪ اندر عسڪري قيادت جو ورهين کان اثر رسوخ رهيو هجي ۽ ان ملڪ ۾ فوج خلاف ايندڙ فيصلا تاريخي ئي چئي سگهجن ٿا, جتي خاڪي وردي ڏسي هر عام ۽ خاص ماڻھون ڪنبندو هجي, ان جمهوري ملڪ جي اعلي عدالت طرفان سوبه هڪ آمر جنرل مشرف جيڪو, جنرل ايوب ۽ ضياءُ الحق کانپوء پاڪستان جو وڌيڪ طاقت رکندڙ جنرل ئي شايد ٿي گذريو هو جنهن پنهنجي وردي ۽ طاقت جي زور تي ملڪ ۾ آمريت مڙهي نواز شريف کي پنهنجو دشمن سمجهي سندن جي جمهوري حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو جنرل مشرف پنهنجي دور ۾ ڪهڙا غلط ۽ صحيح ڪم ڪيا ان جي بدولت اڄ سپريم عدالت جي ٽي رڪني بئنچ جنرل مشرف کي ملڪ جي ائين ٽوڙڻ ۽ غداري جي الزامن تحت ڦاسي جي سزا ڏني آهي جنهن فيصلي تي ملڪ جي فوجي ترجمان پاران پريس ڪانفرنس ۾ عدالتي فيصلي کي غلط قرار ڏئي مشرف جو ظاهري طور دفاع لاء پاڻ کي نروار ڪيو آهي, فوجي ترجمان جي بيان سان لڳي ٿو ته وڏن ادارن ۾ ٽڪراءُ وري ڪر کنيو آهي
جنرل مشرف پاڪستان جو ڏهون آرمي چيف هو جنهن12 آڪٽومبر 1999ع ملڪ ۾ فوجی قانون نافذ ڪري وزیر اعظم نواز شریف کي فوجي وردي جي زور تي استعيفي وٺي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو 20 جون2001ع تي ريفرينڊم ذريعي پاڻ کي ملڪ جو صدر چونڊرايو جنهن سان هو آرمي چيف سميت صدر جو عهدو پاڻ وٽ رکندي ملڪ جو چيف ايگزيڪيٽو بڻجي ويو مشرف نے 18 آگسٽ2008 ع دوران هن صدارتي عهدي تان استعيفي ڏني17 ڊسمبر 20199 ع پاڪستان جي هڪ خصوصی عدالت طرفان ڦاسي جي سزا ٻُڌائي آهي جنرل پرویز مشرف ڀارت سان ٿيندڙ ٻنهي جنگين 65 ۽71 ع ۾ پڻ حصو ورتو جڏهن 12 آڪٽومبر 1999ع تي نواز شریف طرفان جنرل پرویز مشرف کي هٽائي آئي ايس آء جي سربراہ جنرل خواجہ ضیاء الدین کي ملڪ جو نئون آرمي چیف مقرر ڪيو ۽ نئي آرمي چيف جي مقرري وقت جنرل مشرف ان وقت سريلنڪا جي دوري تي ويل هو جنهن نئين آرمي چيف جي مقرري واري فيصلي کان انڪار ڪندي ملڪ اندر پنهنجي سينيئر فوجي آفيسرن کي کي نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي هدايت ڏني جنهن تان نواز شريف جي جمهوري حڪومت ختم ڪري جنرل پرویز مشرف اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيو ۽ نواز شريف سميت تمام ڪابينا کي جيل ۾ واڙي ۽ وزيراعظم مٿان قتل جي سازش جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي نافذ ڪري ٽن سالن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو واعدو ڪيو ان دوران هن ن ليگ اندر وڏي پئماني تي فاروڊ بلاڪ ٺاهي ن ليگ مان ق ليگ پارٽي کي وجود ڏنو جنهن وسيلي هن اليڪشن بعد پنهنجي مرضي جي ڪابينا تشڪيل ڏني ان دوران نواز شريف کي ڇڏرائڻ لاء سعودي ولي عهد جي مداخلت تي نواز شريف کي ڏھ ورهين جي هڪ معاهدي تحت جلاوطن ڪيو ويو جنرل مشرف جي اقتدار دوران 11 سيپٽمبر 1999ع دوران آمريڪي ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٽاورن تي فضائي حملن کانپوء پاڪستان مٿان دٻاءُ وڌڻ لڳو آمريڪي حڪمرانن روايتي طور الزام هنيو ته القائده نالي دگشگرد تنظيم پاران حملا ڪيا ويا آهن جنهنجو سربراه اسامه بن لادن آهي جنهن جو سڄو نيٽ ورڪ پاڪستان ۽ افغانستان ۾ موجود آهي ان دوران آمريڪي سفير ونڊي چيمبر لين مشرف آڏو ست مطالبا رکيا جنهن ۾ پهريون مطالبو هو افغانستان تي پاڪستان جي حمايت سان چڙھائي جنهن کي جنرل مشرف دل وجان سان مڃي ورتو ان جنگ دوران جنرل مشرف هزارين پاڪستاني جهادين کي دهشتگرد قرار ڏئي آمريڪا حوالي ڪندو رهيو ۽ ڪروڙين رپيا امداد پڻ وصول ڪندو رهيو ڊسمبر 2003ع جنرل پرویز مشرف متحدہ مجلس عملسان هڪ معاهدو ڪيو ته هو ڊسمبر 200444 تائين وردي لاهيندو ليڪن هن واعدو وفا نه ڪيو ان دوران هن پنهنجي حمايتي قومي اسيمبلي ۾ سترهين ترميم منظور ڪرائي پاڻ کي باوردي صدر رهڻ جو حق بخشرايو جنرل مشرف جي اقتدار دوران پ پ جي چيئرپرسن بي نظير ڀُٽو جلاوطني ختم ڪري وطن واپس وري ۽ هُن کي جنرل مشرف پاران ڌمڪيون ڏنيون ويون ته دهشتگرد توکي نشانو بڻائي سگهن ٿا پر محترمه بي نظير واپس آئي نيٺ دشمنن وار ڪري بينظير ڀُٽو کي راولپنڊي جلسي جي واپسي بعد قتل ڪيو جنهن جو الزام پ پ طرفان جنرل مشرف تي مڙھيو پر هو جلاوطن هجڻ سبب پيش نٿي سگهيو بينظير جي قتل بعد 10سيپٽمبر 2007 ع تي نواز شريف جلاوطني ختم ڪري ملڪ وريو جهاز کي لينڊنگ جي اجازت نه ملڻ سبب نواز شريف واپس سعودي عرب موٽي ويو اهڙي ريت 3 نومبر 2007 ع دروان جنرل مشرف هڪ قانون نافذ ڪري عدليا جي آزادي تي وار ڪندي کين ججن کي پي سي او تحت ٻيهر حلف کڻايو جنهن سبب ججن سميت سول سوسائٽي مشرف جي شديد مخالف ٿي وئي ۽ مجبور ٿيندي پرویز مشرف 18 آگسٽ 2008 تي مستعفي ٿيڻ جو اعلان ڪيو جنهن کانپوء سينيٽ چيئرمين محمد ميان سومرو کي قائم مقام صدر مقرر ڪيو ويو صدارتي عهدو ڇڏڻ کانپوء ڪُجھ ڪلاڪن اندر هو برطانيه هليو پ پ طرفان بينظير ڀُٽو جي قتل ڪيس ۾ واپس آڻڻ لاء برطانوي سرڪار کي درخواستون ڪيون ويون جيڪي پڻ رد ڪيون ويون هاڻي ڦاسي جي فيصلي کانپوء مشرف جو دفاع اهي ڌُريون ڪري رهيون آهن جن هميشه مشرف جي غير جمهوري ريتن روايتن جي آڙ ۾ آئين ٽوڙائڻ ۾ مشرف جا سپورٽر رهيا هي اهو آمر هو جنهن وردي جي گهمنڊ ۽ غرور ۾ ملڪ جو ڌچيون اڏائي ڇڏيون ايم ڪيو ايم جهڙي ملڪ غدار سياسي پارٽي کي سگھ بخشي, جنهن اڪبر بُگٽي کي جبلن اندر جيئرو دفن ڪيو اڄ اسان جون جمهوري پسند پارٽيون مشرف جي دفاع لاء احتجاج ڪري رهيون آهن جيڪڏهن مشرف غدار ناهي ته ڇا ڀُٽو غدار هو جنهن پاڪستان کي دنيا جو مسلم پاور فل ملڪ بڻايو,جنهن پاڪستان کي دنيا جو پهريون نمبر آئين ڏنو, جنهن ڊاڪٽر قدير جهڙي عالمي سائنسدان معرفت ائٽم بم بڻايو ڇا ان جي همدردي لاء ڪڏهن ٻه لفظ چيا يا لکيا ويا آهن جيڪڏهن جنرل مشرف بي ڏوهي آھي ته پوء هن معاشري جو هر فرد بي ڏوهي آهي جنهن کي عدالتن ذريعي گهليو وڃي ٿو ڇو ته مشرف جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي واري روايت هاڻي ڀري آهي هي فيصلو عدالت جو دير آيد درست آيد ئي تصور ڪيو وڃي