صحافي گڏاڻي تي حملو: انصاف ڪيڏانهن ويو؟

غلام حسين لغاري
سال گذري چڪا آهن اسان پنهنجي ڪنهن به هڪ شهيد صحافي کي هن وقت تائين انصاف ڏياري نه سگهيا آهيون۔ڪجهه مهينا اڳ جان محمد مهر شهيد ٿيو اسانجا نمائشي احتجاج هلندا پيا اچن اسان وڏيريڪي ذهنيت جي مالڪ اسيمبلي ميمبرن وزيرن ۽ ڪامورن جي ميڙن ڪچهرين ۾ وڃي ويهون ٿا پر انهن کي قائل ڪري ناهيون سگهيا ته جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرائڻ ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تايئن پهچائڻ ۾ ڪا مدد ڪيو پر کين ڇو مجبور ڪريون جو مفاد ساڳيا آهن۔اسان نمائشي احتجاجن ڪرڻ ۽ نمبر ٺاهڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون۔
ميرپورماٿيلي جو صحافي نصرالله گڏاڻي به ساڳين قوتن جي حملي ۾ سخت زخمي ٿيو آهي جن قوتن ماضي ۾ سنڌ جي معتبر سند صحافت دوست صحافين ٻين کي ماضي ۾ شهيد ڪري چڪيون آهن يا پنهنجا عتاب ۾ آڻي چڪيون آهن۔جيڪڏهن انهن جا قاتل گرفتار ٿين ها ۽ کين واقع قرار سزا ملي ها ته شايد ئي ڪنهن کي جرئت ٿئي ها ۽ نصرالله گڏاڻي تي حملو ڪن ها۔ڪيڏي نه بي حسي آهي جو نصرالله گڏاڻي زخمي ٿيڻ بعد ٽي ڏينهن رحيم يار خان جي اسپتال ۾ خوف واري حالت ۾ تڙپندو رهيو پر بروقت آغا خان اسپتال تائين پهچائڻ لاء سرڪاري سطح تي ايئر ايمبولينس مهيا نه ڪئي وئي وري شابش هجي تر جي ان سماجي اڳواڻ ڪريم بخش لغاري کي جنهن پنهنجي کيسي مان يارهن لک رپيا ادا ڪيا ۽ ايڌي ايئر ايمبولنس وسيلي کيس آغا خان اسپتال پهچايو ۽ ڪجهه ڌرين پاران به سندس غيبي مدد ڪئي وئي جڏهن نصرالله گڏاڻي زخمي ۽ بيهوشي واري حالت ۾ ڪراچي پهتو ته هڪ اڌ صحافتي تنظيمن جا اڳواڻ سندس خيريت پڇڻ لاء اتي پهتا ۽ سنڌ سرڪار به معيار لاء اسپتال جو خرچ ڀرڻ لاء ليٽر جاري ڪيو آهي۔ نصرالله گڏاڻي اتر سنڌ جو باهمت ارڏو صحافي آهي جنهن اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ انهن جي رکوالن کي وائکو ڪيو۔ سنڌ جي ملڪيتن تي سگهارن ادارن جي ٿيندڙ قبضن جي به نشاندهي ڪري چڪو آهي۔ٻوڏن دوران حڪومتي بدنظمي ٿيڻ تي به هن رپورٽنگ ڪئي هئي جنهن ۾ به کيس گرفتار ڪيو ويو هو۔اخبارن جي وفاقي تنظيم سي پي ايس ايس گڏاڻي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي حملي آورن کي ڪيفرڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔حصيقت ۾ سنڌ صحافين لاء هڪ غير علائقي مثل آهي جتي صحافي انتقامي ڪارواين جي ور چڙهيل آهن جن جي زندگين ۽ ملڪيتن کي هر وقت خطرو رهي ٿو ۽ هو پنهنجا فرائض محفوظ طريقي سان نڀائي نٿا سگهن۔وفاقي حڪومت صحافين جي تحفظ وارو بل به پاس ڪري چڪي آهي پر انتي ذري جو به عمل ناهي ٿيو جنهنڪري صحافي آئي ڏينهن انتقام جو نشانو بڻجي رهيا آهن۔ماضي قريب طرف وڃبو ته ڪجهه سالن اندر ڪافي نوجوان صحافي طاقتورن جي گولين جو کاڄ بڻجي چڪا آهن نه صرف ايترو پر صحافين جي جائدادن تي قبضا ٿي چڪا آهن سندن فصل زوري کنيا وڃن ٿا۔اهڙن ڏوهارين کي حڪومتي ڌر جي سگهارن جو هٿ آهي۔ماضي قريب ۾ جيڪي به صحافي شهيد ٿي چڪا آهن تن ۾ هرهڪ شاهد سومرو ناظم جوکيو شان ڏهر منير سانگي عزيز ميمڻ , غلام اصغر کنڊ, ذوالفقار مندراڻي ,امير بخش بروهي, محمود چانڊيو, محمد عظيم لغاري شامل آهن ۽ افسوس جي حد اها آهي جو اسان ۽ اسانجي صحافي تنظيمن ۽ قانوني ادارن هنن شهيد ۽ متاثر صحافين کي ڪو به انصاف ڏئي ناهن سگهيا جو ٻين لاء ڪو سبق حاصل ٿئي۔سرڪار ته پنهنجي جاء تي پر صحافتي تنظيمن ۽ انهن جي سرواڻن وري متاثر صحافين جي پونئيرن وٽ پهچي سندن ڪا سارسنڀال لٿي آهي يا شهيدن کي ڪا اجتماعي ڀيٽا ڏني هجي۔
بهرحال نصرالله گڏاڻي تي ٿيل تازو حملو ڪنهن صدمي ۽ صحافين ۾ خوف وجهڻ کان گهٽ ناهي۔سنڌ جي ارڏن صحافين ۾ خوف طاري آهن ۽ هو پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪن ٿا۔سنڌ جي پوليس به وڏيرن جي ڪمدار بڻيل آهن ۽ کين تحفظ مليل آهي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي نصرالله گڏاڻي جا حمله آور توڙي شهيد صحافين ۽ صحافين کي خوف ۾ مبتلا ۽ سندن ملڪيتن تي قبضو ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي جيڪا ڳالهه انصاف جي تقاضا آهي۔رهيو سوال صحافي تنظيمن جو ته اهي صحافي ئي ناهن رهيا ته سنڌ صحافت دوست تنظيمون وري ڪهڙيون هونديون۔اهڙيون هڪ نه پر ڪافي تنظيمون قائم ٿي چڪيون آهن جن وٽ پيشيور صحافين لاء ڪو به مثبت پروگرام ناهي جو اهي پيشيور صحافين جي مالڪي ڪن۔ ٻٻرن کان ٻير نه گهرو جيڪي ٻير ڏئي نه سگهن۔وري به بزرگ صحافين جون دعائون ۽ پنجتن جو سهارو خداوندڪريم جو رحم و ڪرم ٿيندو نصرالله گڏاڻي کي وڏي زندگي ملندي۔اسان ماضي جي شهيدن کي انصاف ڏياري ناهيون سگهيا ته نصرالله کي ڪٿان انصاف ڏيارينداسين۔انصاف خدا ڪندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو