ڊاڪٽر عبدالرئوف مغيري
20 سيپٽمبر 1996 تي مظلومن، هارين، مزدورن ۽ شاگردن نه وسندڙ ڏينهن آهي ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن تي انهن کان پنهنجو محبوب اڳواڻ کسيو ويو.غريب عوام جي دشمنن اهو پئي سوچيو ته جيڪڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو ڪجهه وقت زنده رهيو ته اسان جو ظلم، جبر ۽ بربيت باقي نه رهندي سو اڄو ڪي ڏينهن تي مٿس لڪي وار ڪيو ويو.
مير مرتضي ڀٽو مسڪين ماڻهن جي حقن ڳالھه ڪئي، کين حق وٺڻ لاءِ بيدار پيو ڪيو ۽ ووٽ جي اهميت کان آگاهه پئي ڪيو، شعور دشمنن اهو ڄاڻي ورتو ته جيڪڏهن عام ماڻهو کي ووٽ جي اهميت جي خبر پئجي وئي ۽ هن پنھنجا حق گھرڻ شروع ڪيا ته اسان جي ڪوڙي حڪمراني جو تختو هڪ ڏينهن اونڌو ٿيندو.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾18 سيپٽمبر 1954ع تي اک کوليندڙ شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو ڄمندي ئي ڄام هو، ساڻس سينٽ ميري اسڪول راولپنڊي ۾گڏ پڙھندڙ شيخ رشيد جيڪو هاڻ عوامي مسلم ليگ جو سربراهه پڻ آهي تنھن هڪ ڏينھن اسڪول ٻاهران مير مرتضيٰ ڀٽو کي چيو ته تون تمام گھڻو حسين آهين اسڪول جون شاگردياڻيون پڙهائي بجاءِ تون ڏي ڏسنديون آهن اسان سانورا ماڻھو ته مري وياسين.! اهڙي خوبصورت نوجوان جڏھن هن ملڪ جي آمريت سان ٽڪر کاڌو ته سر تريءَ تي کڻي گھميو ۽ هن جلاوطني جهڙي اذيتناڪ حالتن جي به پرواھ نه ڪئي.مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ شھزادو هو جنھن هـارورڊ يونيورسٽي لنڊن مان 1976ع ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي ۽ پنھنجي والد جي خواهش تي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آڪسفورڊ مان به پڙھائي ڪئي, سو خوبصورت نوجوان جڏھن پنھنجي جوڀن جي عروج تي آيو, ۽ ڏيھه وريو ته انھن ڏينھن ۾ 5 جولاءِ 1977 تي جنرل ضياءَ جمهوريت تي راتاهو هڻي ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي لاڙڪاڻي واري گھر المرتضيٰ هائوس مان گرفتار ڪيو ويو.
ذوالفقار علي ڀٽو جيل مان پنھنجي دوست غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ غلام مصطفي کوکر کي چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز تمام بهادر ۽ جذباتي آهن، هنن کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍيو وڃي, جڏهن اها ڳالهه مير مرتضيٰ سان ڪئي ته مير مرتصيٰ صاف انڪار ڪندي چيو ته اسين ملڪ نه ڇڏينداسن. غلام مصطفي جتوئي ذوالفقار علي ڀٽو کي ٻڌايو ته مير مرتصيٰ۽ شاهنواز ملڪ ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، جنھن تي ذوالفقار علي ڀٽو ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان منھنجا سچا دوست آهيو ته منھنجي پٽن کي ملڪ کان ٻاهر موڪليو، ڇو جو مونکي يقين آهي ته جرنل ضياء مونکي آزاد نه ڪندو، ڪٿي هنن کي به نقصان نه پھچائي ان لاءِ هنن کي جيترو جلدي ٿي سگھي ٻاهر موڪليو وڃي، پوءِ غلام مصطفيٰ ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جي زور ڀرڻ تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ شاهنواز جلاوطني اختيار ڪئي، ڪي پي ڪي جو رهواسي ان وقت جو ڊي سي سھيل احمد سيٺي به گڏجي جلاوطن ٿيو.
مير مرتضيٰ ۽ شاهنواز ڀٽو ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي والد جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪئي، آمريڪا، لبنان، شام، فلسطين ۽ روس سميت ٻين ملڪن جي بادشاهن سان رابطا ڪيا، مختلف ملڪن جي بادشاهن آمر ضياء تي ذوالفقار علي ڀٽو جي آزادي لاءِ زور به ڀريو پر آمر ضياء ڪنھن جي نه ٻڌي ۽ 4 اپريل 1979 تي ايم اي قصوري جي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ کيس ڦاهي چاڙهي ڇڏيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو آمر ضياء خلاف ٻاهرين ملڪن ۾ ڀرپور تحريڪ هلائي ۽ ان کان پوءِ 1993 واري اليڪشن ۾جلاوطن هجڻ باوجود شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ تي حصو ورتو جنھن جي چونڊ مھم سندس امڙ بيگم نصرت ڀٽو هلائي، لاڙڪاڻي ۾ پيرين اگھاڙي در در وڃي پنهنجي موڀي پٽ مير مرتضيٰ کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، ان وقت مير مرتضيٰ جي سان مقابلي ۾پيپلزپارٽي طرفان حاجي منور عباسي هو جنھن کي هن شڪست ڏني هئي.
اليڪشن کٽڻ بعد 3 نومبر 1993 تي مير مرتضيٰ ملڪ واپس اچڻ جو اعلان ڪيو، سندس اعلان بعد ساڻس محبت ڪندڙن سندس آجيان جون تياريون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ 1993 واري اليڪشن پيپلزپارٽي ملڪ اندر ڀرپور نموني کٽي حڪومت ٺاهي ورتي ۽ سندس ڀيڻ بينظير ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم بڻجي وئي.
ڀيڻ وزيراعظم هوندي به ميرمرتضيٰ جي آجيان جون تياريون ڪندڙ ڪارڪنن کي وقتن به وقتن تنگ ڪيو ويو، 3 نومبر 1993 تي ميرمرتضيٰ ايئرپورٽ لٿو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وني بينظير ڀٽو جي امڙ بيگم نصرت ڀٽو پنھنجي دلير پٽ جي ڪارڪنن سان گڏجي آجيان ڪري 70 ڪلفٽن وٺي اچڻ لاءِ جئين پھتي ته سنڌ پوليس ۽ ايئرپورٽ انتظاميا بيگم نصرت ڀٽو ۽ ڪارڪنن جي رستا روڪ ڪئي، ڪيتران ئي ڪارڪنن رستي تان موٽايو ويو ۽ ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪري مختلف جڳھين تي بند ڪيا ويا. بيگم نصرت ڀٽو کي ايئرپورٽ اچڻ جي اجازت نه پئي ڏني وئي پر بيگم نصرت ڀٽو ۽ ڪارڪن پنھنجي محبوب قائد جي استعمال لاءِ ايئرپورٽ جون سڀ رڪاوٽون ٽوڙي اندر پھچي ويا، مير مرتضيٰ ڀٽو سنڌ امڙ جي ڌرتي جئين ئي لٿو ته سڀ کان پهرين ڌرتي ماءُ کي چمي ڏئي, سلام پيش ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي غمن سان گهاريندڙ امڙ بيگم نصرت ڀٽو کي پيرين پئي ڳلاٽڙي پائي سيني لاتو، پ پ حڪومت ضياءَ واري زماني جي ڪيسن ۾ کيس گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو.
مير مرتضيٰ جيل مان آزادي بعد سڄي ملڪ ۾وڏا جلسا ڪيا، جلسن ۾ ماڻھن تمام گھڻي شرڪت ڪري مير سان پيار جو اظھار ڪيو، ڳوٺن جي اوطاقن ۽ شھرن جي چونڪن چوراهن تي عوام پاڻ ۾ ڪچھريون ڪري چوڻ لڳو ته اسان جو والي وارث، ڀٽو جو جانشين، غريب مسڪين جو ڀرجلھو اچي ويو آهي.
عوام جي دلين جي دڙڪن مظلومن جي ساٿي مير مرتضيٰ ڀٽو کي پنھنجي ئي ڪراچي واري گھر اڳيان 20 سيپٽمبر 1996 تي ڇھن ساٿين سميت گوليون هڻي پنهنجي چاهيندڙن کان الڳ ڪيو ويو پر هو غريب عوام ۽ سندس جي چاهيندڙن جي دلين مان ناهن ڪڍي سگھيا.شھيد مير مرتضي ڀٽو جي قتل سان انصاف لاء سندس نياڻي ناليواري ليکڪه بيبي فاطمه، سندس پڳدار پٽ جونئير ذوالفقار علي۽ ملڪ جو مظلوم عوام خون سان انصاف لاءِ منتظر آهن.










