شاھ عبدالطيف يونيورسٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جي مقرري‎‎

ڪاشف نوراني
ھڪ پراڻي ادني قلمڪار جي ڪيپيسٽي ۾ جي حيثيت سان منھنجي اھا ڪوشش ھوندي آھي ته ڪنھن سحر انگيز شخصيت جي سڀني پهلوئن کي رپورٽ ڪيان جيئن منھنجي ڏنل رپورٽ جي انٽرو ۽ ايڪسٽرو ھڪ ٻئي تي ئي ختم ٿين. اسان جو سڀ لکڻ ان محبت جو اظهار ئي هوندو، جيڪا اسان پنهنجي اندر ۾ سانڍي ويٺا ھوندا آھيون. دل جي خوبصورت ھئڻ جو سبب اھي رشتا ھوندا آھن جن ۾ شفيق انسانن جو رشتو ھڪ اھم ڪردار نڀائي ٿو.جن جو مثبت رويو سندس ڪمال شخصيت جو ڪارڻ ھجي ٿو. شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي به ھڪ خوبصورت شخصيت جو مالڪ آھي. جنھن کي تازو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر جي عھدي جي اضافي چارج سان ان ڪري نوازيو ويو آھي جو ھو اعلي تعليمي ادارن ۾ پيدا ٿيل صورتحالن کي پنھنجين مڙني صلاحيتن سان پنھنجي اصلي حالتن ۾ آڻڻ لا۽ اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. زيبسٽ ھجي، آئي او بي ايم ھجي يا آئي بي اي ھجي، ڊاڪٽر امانت جلباڻي جو ڪردار ھڪ ڪميٽڊ تعليمي ماھر جيان رھيو آھي. سنڌ ڌرتي جنھن پنھنجي ذرخيزي کانسواءِ انمول ھيرن جھڙا بھادر اٽل فيصلو ڪندڙ ۽ پنھنجي قوم لاءِ ان ٿڪ محنت ڪندڙ انسان پيدا ڪيا ؛ھن جن جي بي لوث خدمتن جي ڪري ان خطي جي ماڻھن کانسواءِ سموري دنيا جي انسان نيڪي جا گھڻ ڳائن ٿا ۽ سندن پنھنجي وطن ۽ دنيا جي انسانن لاءِ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا، تن انسانن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي جو نالو، ھڪ حقيقت جو نالو آھي. شھيد ذلفي ڀٽي جي وستي جو ھي باشندو، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ تعليمي ۽ انقلابي نظريي جي تبليغ لاءِ پهتل ڊاڪٽر جلباڻي کي جيڪو ميدان مليو آهي ان ۾ کيس مختلف ڳالهين کي سڌو ڪرڻو آهي.
ڪجھ جھونا استاد ٻڌائين ٿا ته ڪو زمانو ھوندو ھو جو ھر ماڻھو پنھنجي شعبي سان نظرياتي لڳاءُ رکندو ھو ان بعد آھستي آھستي سنڌ جي تعليمي وايو منڊل تي عام ماڻھن جي وابستگين جا ٽي مک انداز اڀري آيا، نظرياتي وابستگي، جذباتي وابستگي ۽ مفاداتي وابستگي. ڪيترا ئي اھڙا استاد آھن جن جي پنھنجي شعبي سان سان نظرياتي وابستگي آھي يعني ھو پڙھڻ ۽ پڙھائڻ کي پنھنجو دليل منشور سمجھن ٿا ۽ سندن نظر ۾ صرف اھا ڳالھه ھوندي آھي ته سندن موجوده مفاد ڪٿان پورو ٿي سگھي ٿو. نظرياتي پوئلگ پيدا ڪرڻ ۾ ليڊر جو وڏو ڪردار ھوندو آھي جيڪڏھن ڪو ليڊر نظرياتي ھوندو ته ھو اھڙا ئي ڪردار پيدا ڪندو.
منھنجي معلومات موجب ھڪ مضبوط تعليمي پروفائيل رکندڙ ڊاڪٽر جلباڻي شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي بنياد وجھڻ وارو اھو ڪردار آھي جنھن 1978 کان 1998 تائين ھن يونيورسٽي کي ٺاھي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو. اڄ سندس تعليمي خدمتن سان قائم ٿيل اھا ئي يونيورسٽي کيس پڪاريو ۽ ھن پنھنجي ھن اداري کي پنھنجي ساڳي راھن تي آڻڻ لا۽ اتي پھچي ويو آھي. مون ذاتي طور تي ڊاڪٽر جلباڻي کي آبزرو ڪيو آھي ته مون اھو محسوس ڪيو آھي تہ خدا جي ھن جُڙيل ڌرتيءَ جي پُٺيءَ تي پکڙيل اربين انسانن ۾ ڪو ڪو ماڻھوءَ موتي داڻو ھوندو آھي، پوءِ اھو ڀلي دنيا جي ڪھڙي به ڪاري ڪُنڊ يا غار ۾ جنم وٺي. شھر ھجن يا ٻھراڙيون، بلند پھاڙن جي چٽانن واريون چوٽيون ھجن يا سمنڊ جا ٻيٽ، ٻيلا ھجن يا گھاٽا جھنگ، اھو امَلھه ماڻڪ جھڙو ماڻھو جتي به ڄمندو ۽ وڌي وڏو ٿي، ھڪ ”درِ يتيم“ موتيءَ وانگر پنھنجو پاڻ مڃائيندو آھي. ڊاڪٽر امانت جلباڻي پنھنجي مُدبرانه، ھوشمندانه، اڪابرانه، اعلى عظمت، صلاحيت، قابليت ۽ البيلي انداز سان ڪنھن به قسم جي بگڙيل، بکريل، بيڪار ۽ بدمزاج معاشري کان بي پرواھ، مُنھن موڙي بيزار ٿي، ڄڻ اونداھين آسمان وچان چوڏھينءَ جي چنڊ جيان، آب ۽ تاب سان نکري، نروار ٿي بيھندو آھي. اھڙو عظيم انسان پنھنجي تعليمي صلاحيتن جي بنياد تي ڏيھه جي ڏُليل، ڏُتڙيل، ڏڪاريل، ۽ ڏکايل انسانن لاءِ باعث رحمت، ھر حال ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي، ڀرجھلو، آسرو، غمخوار ۽ مددگار بنجي بيھندو آھي. شاعر ڪشنچند بيوس چوي ٿو تہ،،،،
جلي جي ٻين کي سھائو ڏين ٿا
لکين گھور تن تان پتنگا ٿين ٿا
بحرانن جي ور چڙهيل شاھ لطيف يونيورسٽي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سماجي طور تي يتيمي جي زندگي گھاري رھي آھي، انهيءَ صورتحال جي پيش نظر ڊاڪٽر جلباڻي جي مقرري ھڪ نئين تبديلي ڏانھن رخ ڪرڻ جي ڪوشش آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو