سياسي ڇڪتاڻن جا ملڪي ترقي تي پوندڙ اثر

خدابخش بروھي
گذريل ھڪ وڏي عرصي کان سياسي بحرانن ملڪ ۾ ميخون کوڙي ڇڏيون آھن جيڪو ملڪ کي ڏينھون ڏينھن معاشي طور ڪمزور ڪندو وڃي ٿو پيو ٿو ، ھن 21 صدي ۾ جتي اسان جمھوريت جي جيڪا دعوا ڪري حام ھڻي بيٺا آھيون اتي اسان واري ان جمھوريت کي دنيا عملي طور لولي لنگڙي سمجھي ٿي ڇوتہ اھا اسان واري جمھوريت باقي دنيا کان نہ رڳو الڳ ٿلڳ مختلف آھي پر عملن 50 سال پوئتي بہ آھي اسين ھر اسٽيج تي جيڪا جمھوريت جا ساز کڻي ھر وقت جيڪو راڳ آلاپيون ٿا ان جا وزن، بحر ڪافيہ، ردفيہ صنفون باقي دنيا جي جمھوري وصفن کان ڪافي مختلف آھن اھو ان ڪري جو ھتي نہ عدليا کي آزاد فيصلا ڪڙڻ ڏنو ويو آھي نہ ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتن کي آزادي سان ڪو ڪم ڪرڻ ڏنو ويو آھي نہ ادارن ۾ مطمعن ڪندڙ ملڪي ترقي ۽ تعمير يا عوامي امنگن پٽاندڙ ڪا ھم خيالي يا ھم آھنگي رھي آھي الٽو ھتي ٿيو ايئن آھي ھڪڙيون سياسي چونڊيل حڪومتون ختم ڪيون ويون آھن وري حڪومتون ٻين جي حوالي ڪيون ويون آھن وري اھو ٿيو آھي ڪنھن حڪومت کي پنجن سالن تائين رھڻ نہ ڏنو ويو آھي سو ٿيو ايئن آھي جو ملڪ کي گذريل 76 سالن ۾ جيڪا ترقي جي حوالي سان جيڪو فائدو ٿئي ھا يا جيڪو ٽارگيت اچيئو ڪرڻ کپي ھا سو ناھي ڪري سگھيو نہ وري ھتي جي سياستدانن ۾ ھن سائنسي دور ۾ ڪا تبديلي ڪا نواڻ يا برداشت يا سگھ جو مادو پيدا ٿي سگھيو آھي، جيڪي ھميشہ ھڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ خاطر غير جمھوري طريقا استعمال ڪرڻ کان باز نہ رھيا آھن ان ڪري سندن اھيئي پراڻا پير ڪڍڻ وارا دقيانوسي طريقا استعمال ڪرڻ حڪومت ۾ اچڻ شرط انتقامي ڪاروايون ڪرڻ حريفن کي سماجي اخلاقي ڊيمورالائيز ڪرڻ معاشي نقصان ڏيئي ڪيسن ۾ ڦاسائڻ وارا پراڻا حربا استعمال واري روايت اڃان تائين ختم ناھن ٿي سگھيا اھڙن روين جو اپنائڻ ۽ استعال عام سياسي حريفن جي وچ ۾ عام جام رھيو آھي وري ھڪ وڏي ڳالھ ھن جديد دور ۾ ھر اليڪشن تڪراري رھي ٿي ان جو وڏو سبب اھو آھي جتي دنيا اليڪشنن کي مڪمل غير تڪراري ڪرڻ خاطر اليڪٽنگ مشينن کي متعارف ڪرايو آھي اتي اسان ان جي برعڪس اليڪشن ڪرايون پراڻي طريقن سان ڪريون ٿا پوء ان سبب ھتي ھميشھ ڌاڌلين جي ڀرمار رھي آھي پوء اھو ٿي رھيو آھي ھتي تقريبہ اليڪشنون شفاف نہ ٿيون آھن نہ وري عوامي راء جو ڪو عزت احترام ٿـئي ٿيو آھي ان کي ھميشھ لتاڙيو ويو آھي ۽ موٽ ۾ ھر اليڪشن تي اڱريون کڄنديون رھيون آھن تھنڪري ان سڄي مشڪوڪ اليڪشني وايومنڊل تان نہ رڳو عوامي اعتماد ڀروسو کڄي ختم ٿي ويو آھي پر ماڻھن ۾ ووٽ نہ ڏيڻ وارو رجحان تيزي سان پيدا ٿي رھيو آھي ساڳي وقت اليڪشن ھارايل پنھنجي ھار کي تسليم قطعي طور ڪونہ ڪندا آھن جن جا احتجاج مظاھر اليڪشن ٿيڻ کان وٺي شروع ٿي حڪومتن جي خاتمي تائين جاري ساري رھندا آھن ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي جو ھن ملڪ خداد کي آئي ايم ايف ورلڊ بينڪ ۽ ٻين ادارن وٽ ڪشڪول مدد جي ضرورت پئي آھي نتيجتہ ملڪ معاشي ترقي کان ڪوھون پري رھيو آھي ساڳي وقت زراعت، تعليم، صحت، معدنيات، سياحت ثقافت ۽ ٻين کوڙ سارن حوالن سان ڏٺو وڃي تہ ملڪ ڪو تعميري ترقي ناھي ڪري سگھيو انڪري اسان جي موجود پوزيشن دنيا جي ترقي آفتا ملڪن کان ڪافي پوئتي آھي اھڙا ڪافي ملڪن آھن جن جا مثال موجود آھن جن تيزي سان ترقي ڪئي آھي اتي ھارايل اميدوارن پنھنجي حريفن کي مبارڪون ڏين ٿا رڳو چائنا اسان جو پاڙيسري ملڪ آھي ان جو ھڪڙوئي مثال ڪافي آھي، اسان وٽ اھو سڀ ڪجھ ان ڪري ٿيو آھي ھتي اسانجي سياستدان ۽ ادارن ۾ ڪنھن حد تائين ھم آھنگي نہ ھجڻ جي برابر آھي انھن جي وچ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪا حد يا ڪو پيراميٽر وضع يا مقرر ٿيل ناھي پوء ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي گذريل ڪجھ سالن کان ملڪي ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي آھي جيڪو بجاء گھٽجن جي وقتہ بوقتہ وڌندي رھندي آھي ھتي سياستدانن کي سياسي رڪاوٽون ۽ عدالتن کي فيصلن ڪرڻ ۾ رڪاوٽون ٿيڻ جون شڪايتون رڪارڊ ٿيون آھن اھا ڇڪتاڻ اڪثر ڪري سياستدانن، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليہ وچ ۾ هوندي آهي، پر سياستدان پارليامينٽ تائين پهچڻ جي خواهش ۾ پنهنجا سڀ اصول آدرش آداب ۽ وقار داء تي ھڻي ڇڏيندا آهن اھي سياسي ماڻھو عدالتي فيصلن تي اسٽيبلسميٽ جي اثر انداز ٿين جا بيان پرنٽ، اليڪٽرونڪ ميڊيا تي بيان ڪندا رھيا آھن يا خود سياسي ماڻھن اسٽيبلشميٽ عدالتي فردن جون اسٽيجن تي تقريرن ۾ اھڙيون ميارون شڪايتون ڪيون آھن پر ھتي سياسي قوقن پارليامينٽ جي پاور جو صحيح استعمال نہ ڪيو آھي نہ وري ھتي سڀني اسٽيڪ ھولڊرن ۾ جيڪا داعمي ھم آھنگي ھجن گھرجي اھا ٿي سگھي آھي مڃون ٿا تہ حقيقت ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور پارليامينٽ آهي پارليامينٽ جيڪڏهن چاهي تہ ھر شئي ان جي دائري کان ٻاهر نٿي وڃي سگهي، پر ان لاءِ جرئت ۽ نظم ضبط جي ضرورت آهي، جنهن جو ھن وقت وڏو فقدان آھي ان جو مثال تازو لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان جي نظآم ۾ بھتري آڻڻ جي حوالي ان بيان مان ڪري سگھجي ٿو جنھن جو چوڻ ھو تہ هو ڪنهن بہ اداري ۽ حڪومت سان ويڙھ نٿا چاهين، پر جيڪڏهن عدالتن جو احترام ناهي تہ پوءِ اسان کان ڪا بہ اميد نہ رکو ڪنهن کي بہ دٻاءُ ۾ اچڻ نہ گهرجي، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿيڻ گهرجي، مون سميت هر جج کي وڪيلن جو احترام ڪرڻو پوندو. ھن گذريل ڏينھن پنجاب جوڊيشل اڪيڊمي جي پري سروس ٽريننگ ڪورس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ ادارن جي ويڙھ مداخلت، ججن تي دٻاءُ، وڪيلن جي هڙتال ۽ اُن ۾ هڪ رنڊڪ ۽ ڌمڪي آهي جيڪڏهن عدالتن جو احترام نہ ڪيو ويو تہ پوءِ اسان کان اها توقع نہ رکو، ظاهر آهي تہ اها ويڙھ ئي ملڪ جي تباهي جو سبب آهي. هن اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي تہ هو ڪنهن بہ تنظيم يا حڪومت سان وڙهڻ نٿو چاهي ۽ نہ ئي ڪنهن سرڪاري اداري يا اداري جي بي ٽيم ٿيڻ چاهي ٿو. ها، يقيناً ججن کي اهڙو هئڻ گهرجي،جيئن ھر ڪنھن جو قانون تائين پهچ سولو ٿي سگھي. جسٽس ملڪ شهزاد جو اهو چوڻ بہ درست آهي تہ ھر فورم تي پاڻ ۾ وڙهڻ سان ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ۽ هو وڙهندڙن کي احتياط ڪرڻ جو مشورو ڏيندي ٻڌائي ٿو تہ ڪير وڙهڻ چاهي ٿو ۽ ڪير پنهنجي بي ٽيم ٺاهڻ چاهي ٿو؟ ھاڻ ھتي سندس بيان جو جيڪڏھن ٿلھي ليکي تڪ تور يا وزن ماپ ڪبي تہ خبر پوندي تہ سندس بيان ادارن ۾ ٽڪرا گھٽائڻ ججن کي بغير خوف کان ڪم ڪرڻ جو مشورو آھي پر ان لاءِ قابليت، مهارت ۽ همت ضروري آهي ۽ساڳي وقت سڀني اسٽيڪ ھولڊرن کي پيغام بہ آھي ھو مٿين بيان جي تناظر ۾ ڪو تعميري قدم کڻن جيئن ملڪ کي پيش اندروني رڪاوٽون داعمي طور ختم ٿين ۽ ملڪ ترقي ڪري سگھي.

پهنجو تبصرو موڪليو