سوشلزم ۾ ئي انسانيت جي بقا جي ضمانت

طفيل مگسي
جڏھن کان انساني محنت تي استحصال جي شروعات ٿي.تڏھن کان سماج طبقن ۾ ورهائجڻ شروع ٿيو.۽ جهڙي ريت انساني محنت جي استحصال ۾ تيزي ايندي وئي.ان ريت طبقاتي فرق ۾ به واڌارو ٿيندو ويو.اڄ جيڪڏھن سڄي دنيا جي دولت ۽ ان جي ورهاست تي هڪ نگاه وڌي وڃي ته نابينن کي به نظر اچي ويندو ته ڪهڙي ريت فقط هڪ سيڪڙو ماڻھو دنيا جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ دولت تي ناجائز طور تي قبضو ڪيون ويٺا آھن (ان قسم جي صورتحال اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ سڀني ماڻھن جي سامهون آھي)جڏھن ته99سيڪڙو ماڻھو 10سيڪڙو دولت کام محروم ٿيندا پيا وڃن.
دولت جي ان اڻبرابري ۽ استحصالي ورهاست جو بنياد نفعي ۽ نفعي جي شرح تي قائم مڙھيل سرمائيداري معاشي نظام ۽ ان جون نيو لبرل ازم معاشي پاليسيون آھن.اهو دولت جو نظام هڪ اهڙو معاشي نظام آھي.جيڪو هڪ خاص انداز ۾ انساني محنت جو استحصال ڪري ٿو.ليڪن بقول ڪارل مارڪس “ گهڻ پيداوار “پيدا ڪري ٿو يعني“گهڻ پيداوار “ئي اهو بنيادي عنصر آھي.جنهن جي وسيلي سرمائيدار طبقو پنهنجن نفعن ۽ دولت ۾ مسلسل واڌارو ڪري ٿو.جڏھن ته محنت ڪش ۽ مزدورن کي بس ايتري مزدوري جي اجرت ڏني ويندي يا وڃي ٿي ته جنهن کان اهو پنهنجي بدن ۽ روح جو تعلق برقرار رکي سگهن ته جيئن نئين ڏينهن ٻيهر انهن جي محنت جو استحصال ڪري سگهجي.(جيتوڻيڪ سرمائيداري وسيلن جي پيداوار کان وڌندڙ پيداواراري صلاحيت ۽ خاص طور تي وڌندڙ استحصال ۽ جنم وٺڻ واري بيروزگاري جي فوج کان پنهنجي ان اصول کي به ڇڏي ڏنو آھي.هينئر ته مزدور کي ڏني ويندڙ اجرت کان بدن ۽ روح جو رشتو به برقرار رکڻ مشڪل ٿي ويو آھي.)بهرحال عمومي نفعي ۾ محنت جي استحصال.دولت جي اڻبرابري واري ورهاست ۽ غربت ۾ واڌاري جي ان ڀيناڪ راند کي سمجهڻ جي لاء ضروري آھي ته سرمائيداري جي پيداواري عمل کي سمجهيو وڃي.
فرض ڪيو ڪنهن جوتن ٺاهڻ واري فيڪٽري ۾ ھڪ مزدور ڏينهن ۾ پنج جوتن جا جوڙا تيار ڪري ٿو.سرمائيداري ۾ اجرت جي قانونن جي تحت پنج جوڙا جوتن جا تيار ڪرڻ جي ڀدلي هن کي محض هڪ جوتن جو جو جوڙو تيار ڪرڻ جي اجرت ڏني وڃي ٿي.جڏھن ته ٻيا چار جوتن جا جوڙا سرمائيدار جي لاء پيدا ڪري ٿو.۽ انهن چئن جوتن جي جوڙن تي جيڪا محنت لڳي ٿي ان جي اجرت مزدور کي ادا نتي ڪئي وڃي.۽ اهوئي محنت جو حقيقي استحصال آھي.جنهن جي بنياد تي سرمائيدارن جي نفعن ۽ دولت ۾ بي انتها واڌارو ٿيئي ٿو.جڏھن ته مزدور کي سندس جي برابر به اجرت نٿي ڏني وڃي.ائين دولت ڪجه هٿن ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿي.جڏھن ته اڪثريت جي زندگي غربت جي نهايت ئي اونهي چڪڻ ۾ چڪجڻ شروع ٿي وڃي ٿي.هڪ پاسي ته سرمائيدار و محنت يا سرمائيدار ۽ مزدور جو ثڪراء نظر اچي ٿو ته ٻيئي پاسي جسماني ۽ ذھني محنت جي بنياد تي مينيجرز ۽ مزدور ن جي اجرتن ۾ ٽڪراء ڏيک ڏيئي تو.بلوم برگ جي تازي رپورٽ جي مطابق امريڪا ۾ گذريل 40 سالن جي دوران آفيسرن يعني مينيجرز ۽ سي اي او جي پگهارن ۾ 900سيڪڙو تائين واڌارو ٿيوآھي جڏھن ته انهيء عرصي جي دوران عام محنت ڪشن ۽ مزدورن جي پگهارن ۾ فقط12سيڪڙو واڌارو ٿيو آھي.صرف اهوئي هڪ عمل آھي.جيڪو ان نظام معشيت جي طبقاتي ڪردار جي مڪمل تصوير پيش ڪرڻ جي لاء ڪافي آھي ۽ گڏ ئي ڪارل مارڪس جي جدلياتي ماديت جي بنياد تي ڪيل نظام سرمائيداري جي طبقاتي واستحصالي ڪردار ۽ ان جي نتيجن ۽ فطري و مادي بحرانن جا جيڪي سبب ڏيڍ صدي اڳ جي هئي.اڄ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ اها حقيقت جي روپ ۾ درسرئت ۽ سچ ثابت ٿي رهي آھي.
انهيء حقيقت جو شعور حاصل ڪندي 1917ع ۾ روس جهڙي پٺتي پيل ملڪ ۾ محنت ڪشن.هارين ۽ نوجوانن هڪ متبادل معاشي و سماجي نظام جو بنياد رکندي سوشلسٽ ۽ منصوبابند قدم کنيا هئا ۽ ان معاشي.سياسي ۽ سماجي اقلاب .پيداواري عمل کان نفعي جي عنصر جو خاتمو ڪندي پيدسوسر جي مقصد کي انسانن جي ضرورتن سان جوڙيو هو.
نفعي جي عنصر جو خاتمو ۽ انساني ضرورتن جي مقصد سان جنهن معاشي و سماجي منصوبابندي جو بنياد رکيو ويو هو.ان انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو محنت ڪشن جي محنت جو برابر صلوڏيندي هئي.سماج ۾ موجود طبقاتي فرق کي ڪافي حد تائين ختم ڪندي محنت انهن کي وقار ڀري زندگي گهارڻ جو حقيقي .وقعو ميسر ڪيو ودو هو.
ليڪن بدقسمتي سان ملڪ ۾ سوشلسٽن جي پورائي جو قومپرستاڻو نظريو ۽ آفيسرشاهاڻي طرز جي حڪومت سوويت يونين جي وکري وڃڻ جا اهم سبب بڻيا ۽ اهي منصوبابند معشيت کان هڪ ڀيرو وري سرمائيداري جي بحالي جو رستو صاف ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيا.جيئن ته ان ناڪامي تي هڪ الڳ مڪمل بحث ڪرڻ جي ضرورت آھي.پر سوويت يونين جي وکري وڃڻ سان سرمائيدار طبقي کي محنت ڪشن تي پنهنجي معاشي حملن کي تيز ڪرڻ جو اهم سبب ملي ويو.جنهن جي سامهون سرمائيداراڻي نظام جي حدن و قيدن ۾ رهي ڪري سڌارن ڪرڻ جي خواهشمند سوشل ڊيموڪريسي به ناڪامي جو شڪار ٿي ۽ سوويت يونين جي وکري وڃڻ کانپوء اها به نيو لبرل معاشي پاليسين جي سامهون ڪا سنجيده مزاحمت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي.انهن ئي سببن جي ڪري دنيا گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان نيو لبرل ازم جي تحت رد سڌارن جي هڪ جارحاڻي دور کان گذري رهي آھي.سوويت يونين جي وکري وڃڻ کانپوء 1992ع ۾ سرمائيدارن جي پٺون ۽ ڀاڙيتو معشيت دانن .تجزيي نگارن ۽ دانشورن( جيئن اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ 1947کان وٺي ڪري هينئر تائين اها ساڳئيء روش جيئن جو تيئن جاري آھي.هتي معشيت اوله ڏي پئي وڃي.جڏھن معشيدانن ان کي اوڀر ڏانهن پيا ڌڪين.تجزيي نگارن جي به حالت اها آھي ته اهي پنهنجو ڪو ٺوس تجزيو ڪرڻ جي بجاء ابتيون سبتيون قلابازيون کائيندا رهن ٿا ۽ دانشور حضرات ته پنهنجو مٽ پاڻ آھن.جيڪي عوام جي اهنجن کي گهٽائڻ جي لاء لکن ته ٿا ليڪن انڊر گرائونڊ بيورو ڪريسي ۽ انهن جي ثنا خواني ۾ پورا آھن).جي طرف کان سوشلزم جي ناڪامي ۽ مارڪسزم ڏجي خلاف طوفاني پروپيگنڊه جاري ڪئي وئي ۽ ان پروپيگنڊه جي سڀ کان وڌيڪ توپ ساڄي ڌر جي امريڪي نظريي دان “فرانس فوڪو مايا“هو.جنهن عقل جي انڌي ۽ شعور جي ڪچي 1992ع ۾“تاريخ جي خاتمي“جي غير سائنسي ۽ غير جدلياتي ٿيوري پيش ڪندي سوشلزم کي هڪ ناڪام نظام قرار ڏيندي سرمائيداري کي ئي انسانيت جو بهترين مستقبل قرار ڏنو.ليڪن نيو لبرل ازم جي شديد ترين معاشي حملن جي نتيجي ۾ وڌندڙ اڻبرابري ۽ طبقاتي ڀت فوڪو مايا کي به مجبور ڪيو ته اهو پنهنجي ماضي جي ٿيوري کي غلط قرار ڏيئدي سرمائيداري جي مخالفت ۽ سوشلزم جي حمايت ۾ ڳاله ڪئي.۽ چيائين ته اڄ جي دور ۾ سوشلزم.يا منصوبابند معشيت ئي متبادل معاشي و سماجي نظام آھي.جيڪو اڻبرابري .طبقاتي فرق.استحصال ۽ بيروزگاري سان گڏوگڏ ماحولياتي آلودگي جو به خاتمو ڪري سگهي ٿو.
يقينن فوڪوياما ٽن ڏھاڪن کانپوء ۽ درست تجزيي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھي.مگر هن وقت سڀ کان اهم سوال اهو آھي ته پاڻھيء خاتمي ڏانهن نه ويندي بلڪ محنت ڪش طبقي جي طاقت ۽ شعور ي مداخلت تي ان کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.سرمائيداري جي خاتمي ۾ جيتري دير ٿي رهي آھي اهو نظام ڌرتي جي گولي تي اوتري ئي بربريت پکيڙي رهيو آھي.انهيء ڪري ان منظم استحصالي نظام جي هجي يعني دنيا جي سڀ کان عظيم.طاقت“محنت جي طاقت“اڄ جي دور ۾ محنت ڪش طبقو ئي اهو فيصلو ڪندڙ قوت آھي.جيڪا ان نظام جو ڦيٿو هلائي رهي آھي ۽ اهائي قوت ان نظام جو هلندڙ ڦيٿو روڪڻ جي تاريخي ۽ نادي صلاحيت رکي ٿي.ان نظام جي حمتي خاتمي کانپوء هڪ منصفاڻو ۽ استحصال کان پاڪ معاشي نظام جي بنياد رکڻ جي محنت ڪش طبقي جي هٿ ۾ ئي آھي.جيتوڻيڪ اها طاقت وکريل.ڇڙوڇڙ ۽ ڪمزور ڏيک ڏئي رهي آھي.مگر سموري انساني تاريخ شاهد آھي ته انهيء طبقي جي طاقت غلام داري.جاگيرداري ۽ سرمائيداري کي ماضيء ۾ به شڪست ڏني هئي.مون يقين آھي ته مستقبل ۾ اها عظيم ۽ تاريخي طاقت گڏ و متحد ٿي هڪ نئين نظام.هڪ نئين دنيا جو بنياد رکندي.جتي انسان روزمره جي خوراڪ.صحت.تعليم.رهائش.روزگار ۽ ٻين سمورين ائساني ضرورتن جي پورائي جي انفرادي جدوجهد کان نڪري ڪري گڏيل طور تي تسخير ڪائنات جي سفر ڏانهن وڌندو.مڙھيل نظام جي خاتمي ۽ هڪ نئين نظام جي بنياد رکڻ جو نظريو ۽ جدوجهد ڪنهن چريي جو خواب ناهي بلڪ تاريخي.فطري ۽ سائنسي سڇائي آھي.جيڪڏھن اها سچائي ۽ حقيقت نه هجي ها ته پوء اڄ به انسان جهنگن ۽ غارن ۾ ئي آباد رهي ها.جيڪڏھن انسان پنهنجي گڏيل محنت جي بنياد تي اڄ جي ڊجيٽل دور تائين پهچي سگهي ٿو ته يقينن هن کي هتي بيهي ناهي رهڻو يا ته انقلاب جي وسيلي اڳتي وڌڻو آھي يا جي سبب بربريت جو شڪار ٿي وڃڻو آھي.اڄ سرمائيداري کي برقرار رکڻ جو رستو يقينن بربريت جو رستو آھي.جڏھن ته انسانيت جي بقا جي ضمانت فقط ئي فقط سوشلزم ۾ ئي ممڪن آھي.جنهن کي چاهي ڪو مڃي يا نه مڃي.ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي نادانن جي ذھن ۾ اهائي سوچ.ويهي چڪي آھي ته سوشلزم روس ۾ ئي ڪامياب نه ويو ته پوء وري ڪيئن ڪامياب ٿي سگهي ٿو.؟انهن نادانن جي لاء ايترو ئي عرض ڪندس ته دنيا سڄي جي عوام سوشلزم جي ڀيٽ ۾ سڀ نظريا آزمائي ۽ ڏسي چڪو آھي ۽ ڪنهن به نظريي ۾ ان عوام پنهنجو ڇوٽڪارو ناهي ڏٺو.ان ڪري سندن آخري حل وري به سوشلزم ئي آھي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو