سنڌ ۾ ٿيندڙ ميرٽ جي لتاڙ

تحرير حسن ناز سومرو

سنڌ ڌرتي تي انصاف نالي ڪابه  شيءِ موجود نه آھي ھتي ھر حڪم ۽ ھر ڳالھ ڏاڍي ماڻھو جي مڃي ويندي آھي باقي غريب ماڻھو انصاف لاءِ ڪوڪاري ڪوڪاري مري ويندو آھي پر انصاف پلئ ناھين پوندو سو ھن وقت سنڌ ۾ مختلف کاتن ۾ نوڪرين جي ڀرتيون جاري آھن سو خاص ڪري سنڌ پوليس اندر نوجوانن کان ڊوڙ، قد ۽ بت جي ٽيسٽ وٺڻ جو سلسلو جاري آھي سو جھڙي طريقي سان ھتي ميرٽ جي لتاڙ ڪئي پيئي وڃي ان تي فقط افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻھو اصل کان وٺي لاوارث بڻيل آھن ھنن جي دانھن فرياد ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونه آھي ۽ اھوئي سبب آھي جو ڌاريا سنڌ جي نوڪرين تي قابض ٿيندا پيا وڃن ۽ نااھل ماڻھن کي اڳتي آڻڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آھي سو گذريل ڏينھن لاڙڪاڻي ۾ به سنڌ پوليس جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ورتي ويئي سو اھا ٽيسٽ ته فقط نالي ماتر ھئي ڇاڪاڻ ته سليڪيٽيڊ ماڻھن جي لسٽ ته  اڳ ۾ ئي تيار ڪئي ويئي ھئي انھن سليڪٽيڊ ماڻھن ۾ ڪجھ تر جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جا ماڻھو چونڊيا ويا ھئا جڏھن ته باقي سليڪٽيڊ ماڻھو اھي ھئا جن ڪنھن نه  ڪنھن طريقي سان پئسا ڀري آرڊر ڪرايا آھن باقي اھل ۽ حقدار ماڻھو پاڻ کي ذليل ۽ خوار ڪرائي گهر موٽي آيا آھن سو اھڙن ماڻھن مان ڪالھ ھڪ نوجوان قرآن پاڪ ھٿ ۾ کڻي سوشل ميڊيا تي ويڊيو رکي آھي جنھن ۾ ھن جو چوڻ ھو ته آءُ پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ پوليس جي ٽيسٽ ڏيئي آيو آھيان ۽ آءُ پنجن منٽن ۾ گهربل حدف پورو ڪيو آھي جڏھن ته منھنجي فٽنس به پوري آھي پر پوءِ به مونکي رجيڪٽ ڪيو ويو آھي سو ان نوجوان جو چوڻ ھو ته مونکي ٽيسٽ وٺندڙ ڊي ايس پي ۽ ٻين اھلڪارن ڌڪا ڏيئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو سو ان ھاڻي آءُ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڏانھن به قرآن پاڪ کڻي ويندس ته  موسان انصاف ڪيو وڃي.سو اھا آھي اسان جي سنڌ ۾ ھڪ پوليس ڪانسٽيبل جي ڀرتي لاءِ ميرٽ جي لتاڙ جتي ھڪ سپاھي جي ڀرتي لاءِ سنڌ جي غريب ۽ مستحق ماڻھن جا حق ماريا پيا وڃن ته پوءِ ٻئي ڪھڙي وڏي پوسٽ آھي جنھن لاءِ سنڌ جي ماڻھن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويندو. افسوس آھي اسان کي انھن سنڌي آفيسرن جي سوچ تي جيڪي ميرٽ جون ڳالھيون ته وڏيون ڪندا آھن پر جڏھن ڀرتي جو وقت ايندو آھي ته انھن آفيسرن کان ميرٽ ته وسري ويندي آھي پر ڪرپشن ذريعي ايندڙ آمدني کي وڏي اھميت ڏني ويندي آھي.ھن وقت سنڌ ۾ بيروزگاري جو طوفان آيل آھي ھڪ طرف غربت ته ٻئي طرف ڪرپشن ۽ ٽئين طرف سنڌين جا حق غير سنڌين جي حوالي ته پوءِ آخر سنڌ جي ماڻھن جو ڪھڙو حشر ٿيندو.ھن وقت سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي جو اھو حال ھي جو ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آھن ۽ ھر ايندڙ ڏينھن تي ڪو مرد يا ڪا عورت خودڪشي ڪري پنھنجو انت آڻي ڇڏين ٿا پر افسوس جو اسان جي حڪومت ھر خودڪشي کي گهرو اڻبڻت جو نالو ڏيئي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي ٿي، جڏھن ته ھر خودڪشي اندر بک ۽ بدحالي جو وڏو داستان سمايل ھوندو آھي سو اڄ سنڌ اندر ھر ڪم پئسي سان ٿي رھيو آھي ۽ ھر سرڪاري کاتي ۾ ڪرپشن جا ڀانڊا ڀريا پيا آھن سنڌ ۾ غريب ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻھن سان مٽيجي ماءُ واروسلوڪ ڪيو پيو وڃي سنڌين جو نوڪريون پئسن ذريعي ڌارين کي ڏنيون پيون وڃن، سنڌ ۾ ڌارين جا شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل ۽ پي آر سيز سرعام ٺھي رھيون آھن ۽ بين الاقوامي ماڻھن کي پوليس کان وٺي ويندي وڏن وڏن عھدن تي مقرر ڪيو پيو وڃي ھتي ھر شيءِ پيسي سان وڪامي ٿي پوءِ اھا غريب جي عزت ئي ڇونه ھجي سو ھتي ھر سنڌي لاچار ۽ بي وس بڻيل آھي ھتي سنڌ اندر سرڪار جي واڳ ڏسڻ ۾ ته سنڌين جي ھٿ ۾ آھي پر افسوس جو انھن سنڌين کي ڪنھن به سنڌي جو حق نظر نه ٿو اچي سو اھڙن سنڌين کي ڇا ڪجي. شايد انھيءَ لاءِ ڪنھن سنڌي کان ماڻھن پڇا ڪئي ته ڀائو رات تنھنجي گهران چوري ٿي ويئي آھي سو ڪا دانھن يا ڪا فرياد ڪئي اٿئي يا نه. جنھن تي ھمراھ وراڻيو ته ادا ڪنھن کي دانھن ڏيان بس پنھنجي گهر جا ڪتا ڀاڙيا نه ھجن ھا ته چورن جي ڪھڙي مجال جو منھنجي گهر ۾ گهڙن ھا.سو اھا ھڪ حقيقت آھي سنڌ کي جيڪڏھن ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي اھو سنڌ جي انھن غدارن رسايو آھي جيڪي پئسي خاطر پنھنجو سڀ ڪجھ وڪڻڻ لاءِ تيار ھوندا آھن، جڏھن بين الاقوامي ماڻھو جيڪي فقط ان ارادي سان سنڌ ۾ داخل ٿيندا رھيا آھن ته ھو سنڌ ۾ داخل ٿي ڪري سنڌ جي ماڻھن تي حڪمراني ڪنداسين ۽ وري اھو لڳايل پئسو سنڌين جي ئي رت مان ڇڪي ڪڍنداسين پر افسوس جو اھا خبر اسان جي اعليٰ قيادت کي نه پئجي سگھي آھي، جيڪي ماڻھو پنھنجي زندگي ايئرڪنڊيشنس ۾ گذارين يا ھو پنھنجي زندگي فارين ڪنٽريز ۾ گذارين ته انھن کي ان مسڪين جي گهر جي ڪھڙي خبر جيڪو 500 روپيا ڏھائي ڪمائي ٿو سو اھا سوچ فقط ان ماڻھو کي ٿي سگهي ٿي جيڪو ان تڪليف مان گذريو ھجي.سو ھن وقت سنڌ اندر نوڪرين جا واڪ جاري آھن ھڪ سپاھي جي ڀرتي لاءِ 5 لک روپيو جڏھن ته ھڪ اي ايس آءِ لاءِ 20 لک روپيا ڊمانڊ ڪئي پيئي وڃي سو ايجنٽ به پنھنجا گراھڪ ڳولڻ ۾ رڌل آھن سفارشي ماڻھو به سفارشن جا ڍير لڳائي ويٺا آھن سو ھاڻي رھي ميرٽ جي ڳالھ ته ميرٽ آھي ئي ڪونه،  پر پوءِ به اسين سنڌ جي انھن بالا آفيسرن کي گذارش ڪنداسي ته ٻيلي خدا جي واسطي سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي، سنڌي ماڻھن کي اوليت جي بنيا تي نوڪريون ڏنيون وڃن نه ٻئي صورت ۾ ھي ڌرتي ڪڏھن به ڪنھن کي معاف نه ڪندي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو