سنڌ ۾ بجليءَ جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ سرڪار جي ناڪامي آهي.عقيل عباسي

هن سال مئي مهيني ۾ ئي هاڻي کان ئي 43 کان 45 پد گرمي سبب ماڻهو ته ماڻهو پر پکي به پريشان ٿي ويا آهن مٿان وري نيازي سرڪار جي لوڊشيڊنگ جو آزار ڪير روڪڻ لاءِ تيار ناهي.سنڌ ۾ قهر جهڙي گرميءَ جي شدت پوري ملڪ کان وڌيڪ گذري رهي آهي سنڌ جا شهر سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو، نوابشاهه، ڪشمور، ٺل، شڪارپور ۽ ٻيا شهر هڪ طرف گرمي جي آزار جا ستايل آهن ته ٻئي پاسي وري بجلي جي سيپڪو واپڊا جي ڀلاين کي ياد ڪري رهيا آهن ايتري قدر جو لاڙڪاڻي شهر جي اندر 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند لڳي پئي آهي پر اسان جا پيپلز پارٽي جا چونڊيل نمائندا الائي ڇو خاموش آهن هڪ اخباري بڪ اسٽال واري دوست بابر ڇڄڙو ٻڌائي ٿو ته مون ڏي هڪ ئي وقت اڍائي لک رپين جو بجليءَ جو بل آيو آهي  پر ڪو به مالڪي نٿو ڪري ۽ مان بار بار سيپڪو آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿلجي پيو آهيان.ساڳئي طرح ئي رابيل ڪتاب گهر جو مالڪ فيض محمد ڇڄڙو ڏانهن 48 هزار هڪ مهيني جو بجلي جوبل اچي ٿو ته اهي رڙيون ڪوڪون ڪندا رهن ٿا پر ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي دانهون ڪوڪون ڪري ڪري عوام تڙپي رهيو آهي پر ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ڪونهي.

سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ته هر سال ائين ئي ايڏي گرمي پد ۾ اهڙين گرمين ۾ بجلي جي آزار سبب روز روز احتجاجن،ڌرڻن،مظاهرن جا عادي بڻجي ويا آهن.انهن جي ٻڌڻ لاءِ ڪو تيار ئي ناهي ڇاڪاڻ ته ووٽ وٺندڙ گهري ننڊ ۾ ستل آهن جيئن احتجاج ڌرڻا به لڳئيندا ته  اهي نوجوان روڊن رستن تي پاڻ نڀائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ڏسڻ ۾ ايندا آهن.جنهن کانپوءِ ڪجهه بجلي جي عارضي طور تي  فراهمي برقرار رکي ويندي آهي. وفاقي حڪومت ۽ سيپڪو انتظاميه لاءِ ڪجهه گذارشون.

1.سڀ کان پهريان صارفين جي مسئلن جي حل لاءِ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ تعلقي ۽  ضلع سطع تي  غير جانبدارنه ٽيم جوڙي وڃي جيڪا صارفين ڏي آيل  ڊٽيڪشن بلنگ ،ناجائز بلن جي درستگي ڪري صارفين کي سهولت ڏني وڃي.واڌو بلن جي ڪٽوتي نه ڪرڻ سان به صارفين جي مسئلن ۾ اضافو ٿئي ٿو انهي لاءِ لڳايل واڌو بل هر صورت ۾ ڪٽي جائز بل جي ادائيگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ صارفين کي موقعو ڏنو وڃي.

2 .ٽرانسفارمر جي خراب ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور تي انهي جي تبديلي جو جوڳا انتظام ڪيا وڃن ۽ تيستائين ٽرالي ٽرانسفارمر مهيا ڪيا وڃن.

3. جن  به علائقن ۾ ٽرانسفارمر ناڪاره يا رڳو شو پيس جيان لڳل آهن يا روز بروز اهي ڏينهن ٻن ۾ خراب ٿين ٿا ته اهڙن ٽرانسفارمرن کي تبديل ڪرڻ گهرجي.گڏوگڏ يا وري جن ٽرانسفارمرن جي بار بار فيوز يا بش سڙي وڃڻ جو مسئلو آهي انهن کي به ٺيڪ ڪيو وڃي.

4.سيپڪو انهي ڳالهه کي به نظر انداز نه ڪري ته جن به علائقن ۾ اڳ ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر هئا اهي ڪن ناسمجهه واپڊا جي ماڻهن اهي لاهي پٽي ڇڏيا آهن اهي ساڳئي جاءِ لڳايا وڃن ۽ جن به علائقن ۾ بجلي جون تارون هيٺ لٽڪيل آهن اهي مٿي هنيون وڃن ڇاڪاڻ ته انهي سان علائقن جي ٻارڙن، رستي تان لنگهندڙ پيرسن مردن توڙي عورتن کي شديد تڪليف درپيش اچي رهي آهي.

5.بجلي جي اوچتو وولٽيج گهٽ وڌ ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي انهي سان صارفين جو لکين ڪروڙين رپين جومالي نقصان ٿئي ٿو ۽ ڪمزور بجليءَ جون تارون بجاءِ مضبوط تارون لڳايون وڃن .

6.بجلي جون يارهن هزار وولٽيج جون تارون ڪرڻ يا ڪمزور ٻين تارن ڪرڻ سبب ڪنهن به ماڻهو جي مري وڃڻ يا ٻئي نقصان  تي وفاقي حڪومت ۽ واپڊا سيپڪو اسپيشل فنڊ ذريعي انهن جي مالي سهائتا ڪرڻ جو پابند هجڻ کپي ۽ انساني جانيو بچايون وڃن.

7. وفاقي حڪومت يا واپڊا سيپڪو جي کليل ڪچهرين سبب صارفين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وڃي ٿي انهي لاءِ هر 15 ڏينهن يا  مهيني ۾ هڪ دفعو ضرور شهر جي مکيه هنڌ تي اهي کليل ڪچهريون لڳايون وڃن.جيڪڏهن انهن اهم ڳالهين تي وفاقي حڪومت ۽ واپڊا سيپڪو انتظام توجهه ڏئي ٿي ته ضرور انهي جا نتيجا اڳتي ڪجهه وقت ۾ ملڻ لڳندا ۽ بجلي جي چوري توڙي ٻين مسئلن مان نجات ملڻ لڳندي ۽ سنڌ جو صارفين به ٻين مثالي صارفين جيان پنهنجو اهم قومي فريضو سمجهي نڀائڻ لڳندو ۽ هيءُ سيپڪو هڪ فائديمند ادارو بڻجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو