سنڌ سان عدالتي مقررين ۾ به ويساهه گهاتيون!

ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

چوڻي آهي ته پڙهڻ، وڙهڻ، ڏيڻ، سهڻ يعني اُهي عمل جن جو تعلق ذاتي بهادري سان هجي ٿو، سي عمل دل جي مٿان هوندا آهن. اهي عمل ڪرڻ لاءِ وڏي دل کپي ٿي. تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به ملڪ اندر ڪا تڪليف جي گهڙي درپيش آئي آهي ته ان ۾ پوري ملڪ جي ڪهڙي صوبي مان ڪهڙي عوام ڪيترو پاڻ ملهايو آهي، اُن لاءِ هر باضمير شخص ڄاڻي ٿو. سنڌي ۾ هڪ ٻي چوڻي ڏاڍي مشهور آهي ته جيڪڏهن جانور ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۽ پاڇي هيٺان ويهي ٿو ته اُهو جانور به انهي ڇانوَ جا احسان ۽ ٿورا مڃي ٿو پر افسوس جو اڄ جو انسان جنهن ۾ هر قسم جو عقل هوندي به سڀ ڪجهه وساري ويٺو آهي. مختلف وقتن تي سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون ڪيون پيون وڃن ۽ سنڌي ماڻهن کي مختلف اشوز تي اُٿاري روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. ان لاءِ آئون سال 1988ع جي دور کي ياد ڪندي جنرل اسلم بيگ پاران ڪيل ڪارروائين کي ياد ڪريان يا جنرل ضياءُ جي ڏاڍ ۽ جبر جو تذڪرو ڪريان يا وري سال 2005ع ۾ جنرل مشرف جي انائن کي ننديان، جن نه رڳو سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون ڪيون پر قانون ۽ آئين جي تاريخي لتاڙ به ڪئي. ايستائين جو هنن عدالت عظميٰ جي ججن سميت ان وقت جي چيف جسٽس کي گهر اندر نظربند ڪرائي ڇڏيو ۽ ملڪ اندر هڪ تاريخي ڏڦيڙ پيدا ڪيو. جنهن دوران مڪ ته ڇا پر عالمي سطح تي آڱريون کڄيون هيون پر نتيجي ۾ انهي آمر کي به ناڪامي نصيب ٿي. وقت جي رفتار سان هن ديس ڌڻين سان مختلف وقتن تي ظلم ٿيندا رهيا آهن. ڪڏهن ڪراچي جا سنڌي ڳوٺ مسمار ڪري اُتي بلڊر مافيائن پاران پنهنجا پروجيڪٽ ٺاهيا پيا وڃن ته وري ڪڏهن ڪراچي جي پسگردائي جي هزارين سالن کان رهندڙن کي بي گهر ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. گڏوگڏ سنڌ دشمن منصوبن جهڙوڪ بحريه ٽائون جي نالي سان هن ديس ڌڻين کي بي گهر ڪيو پيو وڃي ته وري ڪڏهن اهل ۽ قابل ماڻهن کي نااهلي جو ليبل لڳائي اُهي احسان فراموش ماڻهو جن کي هن ڌرتي ڌڻين ان وقت مٿي ڄاڻايل عملن جو مظاهرو ڪري پنهنجي هنج ۾ ويهاريو. جيءُ ۾ جايون ڏنيون ۽ يقينن اڄ به سنڌي ماڻهو انهن احسان ڀُلائيندڙن کي دل ۾ پنهنجي تهذيب ۽ روايتن جي حد اندر عزت واري نگاهه سان ڏسن ٿا پر افسوس ته ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اُهي ماضي جا سال ۽ هلندڙ دور ۾ اڄ سوڌو چور دروازي جو سهارو وٺي سنڌي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون ڪن ٿا.

تازو ڪجهه وقت کان ظاهري طور تي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل پاران عدالت عظميٰ اندر سينيئر ججن جي مقرري بابت هڪ نالو اکين ۾ ڪنڊو ٿي چُڀي رهيو آهي. حالانڪه انهي عمل پٺيان اُها ئي پيداوار ملوث آهي. جن ماضي ۾ هن ديس ڌڻين کي بنا ڪنهن جواز ڪنهن ڌار صوبي جي ڊمانڊ ڪئي ته وري ڪڏهن ڪراچي  حيدرآباد لاءِ الڳ قانون ٺاهڻ جون خواهشون ڏيکاريون پيون وڃن ته ساڳئي وقت اڄ ڪالهه وري انهن کي بنگالين جون زمينون به ياد اچي ويون آهن. سي ئي ماڻهو آهن جن کان سپريم ڪورٽ اندر هڪ سنڌي جج مقرر ٿيندي هضم نه ٿي رهيو هو. مون گذريل مختلف ڪالمن ۾ به اهو واضح ذڪر ڪيو هو ته ماضي ۾ ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو. جڏهن خود حاضر چيف جسٽس جناب گلزار احمد سنڌ هاءِ ڪورٽ مان چيف جسٽس جو مدو پوري ڪري سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج طور مقرر ڪيو ويو هو يا وري مختلف وقتن تي جيڪي سنڌ يا ٻين صوبن مان چيف جسٽس جو مدو پورو ڪري آيا، تن کي ته ڏاڍو شان ۽ شوڪت سان عدالت عظميٰ اندر رکيو ويو پر اڄ ان وقت انهن ساڳين ماڻهن جن ماضي ۾ هن ديس ڌڻين سان بي وفائي جو ثبوت ڏنو، انهن مان وفاقي وزير قانون فروخ نسيم جيڪو ڪراچي جي پيداوار گڏوگڏ پرويز مشرف واري دور جي به هڪ نشاني آهي. تنهن کان سنڌ ڄائي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ جي عدالت عظميٰ ۾ مقرري هضم نه ٿي رهي هئي، جنهن خلاف گذريل ڪجهه وقت کان نه رڳو پوري مڪ جي بارن اندر هڪ بي چيني پکڙيل آهي پر گڏوگڏ سنڌ جو هر باشعور ماڻهو انهي عمل کي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ٿيندي ڏسي رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ معزز جسٽس جيڪو سينيارٽي جي لحاظ کان پنجين نمبر تي جج هو. هن جي مقرري جون سفارشون ڪيون ويون ۽ گڏوگڏ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي قابليت تي به آڱريون کنيون ويون. گڏوگڏ وفاقي وزيرن به پنهنجي وسان سنڌ ڄائي بابت ڪونه گهٽايو آهي. حالانڪه انهن وفاقي وزيرن جو اهڙي آڱر کڻڻ سان خود پنهنجون چار آڱريون انهن جي پنهنجي ڪردارن جو اِشارو ڏئي رهيون آهن.

آئون سنڌ جي ججن يا وڪيلن جي قابليت جو ذڪر ڪندس ته تمام گهڻي گهرائي ۾ وڃڻو پئجي ويندو. اصل ۾ ڳالهه عهدن جي ناهي، هتي معاملو اِهو آهي ته اسلام آباد جي عدالت عظميٰ ۾ انهي سنڌ ڄائي جج جنهن شايد تاريخ ۾ تمام چيف جسٽس صاحبان کان وڌيڪ عرصو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور ذميواريون نڀايون آهن ۽ سندس ڪارڪردگي ڪنهن به باشعور فرد کان ڳجهي ڪونهي، ان ۾ سنڌ اندر رهندڙ ڪنهن به ذات ۽ پات سان ٿيندڙ بي واجبين، ناانصافين تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ هجي يا عدالتي سسٽم کي مضبوط ۽ منظم طريقي سان هلائڻ هجي، گڏوگڏ ماتحت عدالتن اندر ميرٽ تي مقرريون هجن، سي عمل کير ۽ کنڊ کان به وڌيڪ چٽا آهن. اسين پاڻ چڱي طرح سمجهي سگهون ٿا ته سنڌ ڄائي لاڙڪاڻي جي چيڪي زمين مان جنم وٺندڙ، ننڍڙن ننڍڙن سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان پنهنجي محنت سان ڊگريون حاصل ڪري هن اعليٰ عدالت تائين فرض نڀائيندڙ جسٽس احمد علي شيخ کي ڪهڙي ڏوهه ۾ پهريان ته مقرر به ڪونه پئي ڪيو ويو ۽ بعد ۾ جڏهن پوري ملڪ جي وڪيلن هڪ آواز اٿاريو ته پوءِ کيس ايڊهاڪ جج طور مقرر ڪرڻ جون آڇون سامهون آيو. تنهن وقت ئي انهي فرض شناس سنڌ ڄائي جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن هڪ ليٽر اماڻيو ته کيس ايڊهاڪ تي مقرري قبول ناهي ۽ قانوني طور سينيارٽي جي لحاظ کان کيس مستقل جج مقرر ڪيو وڃي. جيڪو اجلاس به ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي گذريو. 9 ميمبرن مان پنجن جي راءِ اِها آهي ته ايڊهاڪ طور جسٽس احمد علي شيخ کي مقرر ڪيو وڃي. گڏوگڏ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت چئن ڄڻن راءِ ڏني ته اِهو ايڊهاڪ وارو فيصلو غلط آهي.

مون عرض پئي ڪيو ته آخر چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ مستقبل جج طور ڪهڙي ڏوهه ۾ مقرر نٿو ڪيو وڃي. پاڻ سڀ باضمير ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪندڙ ته اِهو سمجهي سگهون ٿا ته سچ وڏو ڏوهاري آهي ۽ هتي هڪڙي ٻي اهم ڳالهه مون کي نه ڪرڻ گهرجي پر جڏهن اسان جي هن معاشري ۾ خاص طور گذريل ٽن سالن کان ملڪ اندر جيڪو ڪجهه وهي ۽ واپري پيو ۽ جيڪي صيبتون قسمت ۾ لکجي آيون آهن، خاص ڪري معاشي طور هي ملڪ ٽن سالن کان ڌِڪجي پوئتي وڃي پهتو آهي، جنهن تي منهنجون اکيون رت جا ڳوڙها ٿيون ڳاڙين. جڏهن غربت جا پيڙهيل ماڻهو هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهن، جيڪو به حڪمرانن جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي، چيف جسٽس احمد علي شيخ صاحب جي سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج طور مقرري نه ٿيڻ به اهڙي قسم جي غلط پاليسين جي هڪ ڪڙي آهي، آئون ڄاڻان ٿو ته هن سنڌ ڄائي جنهن جي تربيت به اصولن واري رهي آهي، تنهن پاران اڄ اُهي ماڻهو جيڪي هن کي عدالت عظميٰ ۾ مستقل طور جج رکڻ جا مخالف آهن، انهن کي هڪ تڪليف اها به آهي ته هو سنڌ جو هڪ سينئر ۽ قابل ترين جج آهي ۽ ٻي تڪليف اِها به کين اٿن ته هن اصول پرست چيف جسٽس ماتحت عدالتن ۾ مقررين بابت ميرٽ کي ڪڏهن به نظرانداز ڪونه ڪيو آهي.

اسين ڄاڻون ٿا ۽ زنده مثال موجود آهي ته ماتحت عدالتن اندر اٽي ۾ لوڻ برابر ڪنهن غريب مسڪين جو وڪيل ٻار جج طور مقرر ٿيندو رهيو آهي. باقي پوري ملڪ جي ماتحت عدالتن ۾ پاڻ کي ڪنهن جسٽس، جج جو پُٽ پوٽو يا ڏوهٽو ڌيءَ وغيره نظر ايندي يا وري ڪنهن وڏي نالي واري چمڪندڙ وڪيل صاحب جو ڪو صاحبزادو يا صاحبزادي اوهان کي تعارف ۾ ملندي.

مون کي ذاتي طور ڄاڻ آهي ته پنهنجي ٽائيم دوران جيڪا تاريخي مقرري ۾ ميرٽ ڪئي آهي، تنهن کي دنيا جي تاريخ ياد ڪندي. هن وقت صورتحال وڃي اِها رهي آهي ته هن سنڌ ڄائي کي خود سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جيڪو قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪري ٿو، سو انهي عدالتي نظام ۾ مايوسي پيدا ڪرائي، اڄ پوري ملڪ جي وڪيلن سوڌو سنڌ جي وڪيلن جيڪي اڳ ئي تمام سنڌ دشمن منصوبن خلاف پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري ڳالهائي ۽ پاڻ ملهائي رهيا آهن. هڪ دفعو ٻيهر انهن سان تعصباڻو رويو رکي کين احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هن وقت به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سپريم ڪورٽ ۾ بنا ڪنهن جواز جي مقرري نه ٿيڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت سنڌ پاران به وفاقي وزيرن جي ڏنل بيان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، ساڳئي وقت پوري ملڪ جي وڪيلن جي سڏ تي ٽي ڀيرا احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ پوري ملڪ اندر عدالتي ڪاروهنوار ٺپ ڪرايو ويو پر اڄ جڏهن مون شروعاتي سٽن ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر ڪيو، جن 1988ع کان 2005ع سوڌو اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون ڪيون ۽ سنڌ دشمنيون ڪرڻ ۾ ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، اهي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سان زيادتيون ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿيندي ڏسجن ٿا.

هن وقت آئون سنڌ جي تمام ساڃاهه وندن، سول سوسائٽي، اديبن، دانشورن، پنهنجي قلمڪارن ساٿين کي چوندس ته هو پنهنجو ڪردار ادا ڪري سنڌ جي وڪيلن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين کي ناڪام بنائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. گڏوگڏ هن ڏکي گهڙي ۾ سنڌ جي قومپرستن کي به اهڙي نازڪ اِشو تي گهرائي سان سوچيندي سنڌ جي وڪيلن سان هڪ آواز ٿي بيهڻ گهرجي ته جيئن انهي سنڌ ڄائي چيف جسٽس احمد علي شيخ سان انصاف ٿئي. تازو گذريل ڪجهه ڏينهن پهريان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ پاران ايڊهاڪ جج طور مقرر ٿيڻ کان انڪار ته ڪيو ويو پر ساڳئي وقت سپريم جوڊيشل ڪائونسل اهڙي انڪار بعد به سندس نالو مستقل جج بدران ايڊهاڪ طور رکڻ جي سفارش موڪلي، بعد ۾ فيصلو به اهڙو ئي آيو ۽ صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ مستقل جج طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو