سنڌ جي عوام کي پاڻي ڦڙي لاءِ ترسائيندڙ حڪمران صاحب خان ڀٽي

هڪ طرف ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ جي عوام کي پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسايو پيو وڃي، ڀارت پاڻي روڪي يا نه روڪي پر سنڌ جو پاڻي ضرور روڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جو پاڻي بند ٿيڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي رهي آهي ۽ سمنڊ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ به پيدا ٿي وئي آهي، مٺو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ زمين ڪلر جي ور چڙهي رهي آهي، جنهن سبب زمين زراعت جي لائق ناهي رهي، جن علائقن ۾ پاڻي پهچي رهيو آهي، انهن علائقن ۾ ته زراعت کي هٿي ملي رهي آهي پر جن علائقن ۾ پاڻي نه پيو پهچي انهن علائقن ۾ زراعت مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي، انهن علائقن مان بدين شهر به هڪ آهي، بدين ۾ ماڻهو پاڻي جي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ بدين جو عوام پاڻي جي لاءِ روڊن تي نڪري آيو آهي.
پر افسوس جو نه ته سنڌ جي حڪمرانن جي ڪن تي ڪا جونءَ چري رهي آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت بدين جي عوام جي جائز مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کڻي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو بدين جو عوام اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته کين سياسي انتقام جو نشانو بڻائي رهيو آهي، هاڻ ان ۾ ڪيترو سچ آهي اهو ته بدين جو عوام ۽ سنڌ جا حڪمران ئي ڄاڻين ٿا، پر هڪ ڳالهه ته سڀني کي خبر آهي ته بدين ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. بهرحال هي ته رڳو سنڌ جو هڪ شهر آهي، ٻيا به کوڙ سارا علائقا آهن، جن ۾ پاڻي نه هئڻ سبب زراعت مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي، زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، ڀارت ته رڳو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏکي رهيو آهي پر جڏهن کان ملڪ ۾ ڊيم ٺهيا آهن، انهن ڏينهن کان سنڌ جي درياهن ۾ پاڻي بدران مٽي اڏامي رهي آهي ۽ حڪمران ان ڳالهه ۾ خوش آهن ته هنن پاڻي کي گڏ ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي،
جيڪڏهن اوهان ماڻهن کي اُڃ ماري پاڻي گڏ ڪندو ۽ زراعت کي تباهه ڪري پاڻي جمع ڪندو ته ان سان عوام کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ جيڪڏهن عوام کي پاڻي مليو ئي نه ته پوءِ زراعت کي ڪيئن هٿي ملندي ۽ ملڪ ۾ خوراڪ جي گهرج ڪيئن پوري ٿيندي؟ آخر ڇو رڳو سنڌ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، آخر ڇو پنجاب ۾ ماڻهن اڄ ڏينهن تائين پاڻي جي کوٽ جي دانهن ڇو نه ڪئي آهي؟ آخر پنجاب ۾ ڪهڙو الادين جو ڏيئو آهي، جنهن جي ذريعي پنجاب جون زميون سرسبز ۽ آباد آهن، آخر اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جن جي ڪري پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي موجود هوندو آهي، آخر ڊيمن ٺهڻ جو اثر رڳو سنڌ تي ڇو پيو آهي؟ ڊيمن جي ٺهڻ سان پنجاب ۾ ان جو اثر ڇو نه پيو آهي؟ اهي ئي سڀ سوال آهن، جن سان سنڌ جي عوام ۾ محرميون پيدا ٿي رهيون آهن پر ان باوجود نه ته سنڌ جي حڪمرانن کي ڪا پرواهه آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت سنڌ جي اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻي رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪشمير مسئلو بڻجي ويو آهي، جيڪو ڪافي عرصي کان حل نه ٿي رهيو آهي، جيڪي ماضي ۾ ڊيم ۾ ٺهيا آهن، انهن ته سنڌ ۾ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن اڃا ٻيا به ڊيم ٺهيا ته پوءِ سنڌ ۾ جيڪو پاڻي ڍڪ اچي رهيو آهي، اهو به بند ٿي ويندو؟
وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ته ڌارين کي آباد ڪري سنڌين جي آبادي جي توازن کي بگاڙڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ هاڻ وري سنڌ جي پاڻي کي بند ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي، هڪ طرف ڀارت جون ڌمڪيون ته ٻئي طرف وري پنجاب جي زمين کي آباد ڪري سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻايو پيو وڃي، آخر اهو سلسلو ڪيستائين هلندو؟ آخر حڪمران هڪ صوبي کي نوازڻ لاءِ ٻين صوبن ۾ محروميون پيدا ڪري ڪهڙو ثبوت ڏيڻ چاهين ٿا، آخر حڪمران هوش ۾ ڪڏهن ايندا؟ آخر طاقت جي استعمال سان مظلوم قومن کي ڪيستائين دٻايو ويندو؟ آخر حڪومت ڪڏهن سنڌ جي عوام جو مطالبو قبول ڪندي ۽ سنڌ جي آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪندي؟ آخر ڇو سنڌو درياهه جي انچ انچ تي ڊيم اڏڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃڻ؟ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت سمنڊ سنڌ جي زمين کي ڳڙڪائي رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي آبادي جي توازن کي هڪ سازش تحت بگاڙي سنڌ ۾ غير ملڪين کي آباد ڪري آبادي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ته پيدا ٿيو آهي ، ان سان گڏ بي روزگاري به تمام گهڻي وڌي وئي آهي، جيڪڏهن اسان پاڻي جي کوٽ کي آبادي سان ڀيٽ نه ڪنداسين ته پوءِ اهو ممڪن ئي نه آهي ته پاڻي جو مسئلو ڪڏهن حل ٿي سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته جيستائين آبادي کي ڪنٽرول نه ڪيو ويندو، تيستائين بيروزگاري سميت ٻين مسئلن ۾ گهٽتائي جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي.
ان لاءِ حڪمرانن کي گهرجي ته ڌارين کي آباد ڪري ملڪ جي اصلوڪن رهواسين جي حقن تي ڌاڙو نه هڻن، ڇاڪاڻ ته اها به هڪ چوري آهي؟ حڪمران مظلوم قومن جا حق نه ڦٻائن، ڇاڪاڻ ته ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ سان وفاق مضبوط نه ٿيندو؟ وفاق ان وقت ئي مضبوط ٿيندو، جڏهن مظلوم قومن کي انهن جا پنهنجا حق ڏنا وڃن، هڪ ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ آبادي جو توازن بگاڙيو ويو آهي ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهن سان سنڌ جون زميون بنجر ٿي رهيون آهن. هونئن ته سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي پر بدين ۾ پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ آهي، بدين جي سامونڊي پٽي ۽ پوڇڙي وارن علائقن  ۾ پيئڻ ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ تمام گهڻي آهي،جڏهن ته پاڻي چوري خلاف به رهواسي احتجاج به ڪري رهيا آهن، مطلب ته هڪ طرف پاڻي جي کوت آهي ته ٻئي طرف وري پاڻي چوري به ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو مٿان کان ئي پاڻي تمام گهٽ اچي رهيو آهي ۽ جيڪو آبادگار ڏاڍو ۽ بااثر آهي، اهو پنهنجون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کڻڻ تي مجبور ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اهي سمورا مسئلا ان وقت ئي حل ٿي سگهن ٿا، جڏهن حڪومت انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدا قدم کڻي.
جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنڌ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي ها ته اڄ سنڌ جي پاڻي کي بند ٻڌڻ جون سازشون نه ٿين ها، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ مخالف ته رڳو اهو جواز پيش ڪن ٿا ته پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ڊيم ٺاهڻ ضروري آهي ۽ خاص طور تي پنجاب ته ڪالا باغ ڊيم جو تمام گهڻو حامي آهي ، اهو ئي سبب آهي جو پنجاب سان تعلق رکندڙ وڏن وڏن عهدن تي رهنڊڙ بااثر شخص سرعام ڌمڪيون ڏيندا آهن ۽ غدار جو سرٽيفڪيٽ ورهائيندا آهن ته جيڪو به ڪالا باغ ڊيم جي خلاف آهي، اهو ايجنٽ آهي ، اهو رڳو ان ڪري چيو ويندو آهي جو اهي ماڻهو پاڻ ئي ايجنٽ هوندا آهن ۽ اهڙا ماڻهو ڪنهن جا سڄڻ ناهن هوندا، انهن کي رڳو پنجاب جو مفاد ئي پيارو آهي، جنهن سبب سنڌ جي پاڻي واري حصي تي قبضو ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن.ڪڏهن سرڪاري قوتون ته ڪڏهن وري سياسي قوتون سنڌ جي پاڻي تي ڊيم اڏڻ جون وڏيون وڏيون ڌمڪيون ڏيندا آهن، هن وقت ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، جيڪڏهن ڊيم ٺهيا ته ان سان سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو، جيڪڏهن حڪمرانن کي ملڪ ايڏو پيارو هجي ها ته ملڪ جا درياهه وڪرو نه ڪن ها ۽ نه ئي اڄ اهڙي پاڻي واري صورتحال پيدا ٿئي ها،
جيڪڏهن حڪمران واقعي ملڪ ۾ پاڻي جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ سنجيدا آهن ته پوءِ سڀ کان پهرين ڌارين کي آباد ڪرڻ واري تڏ پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏن ۽ ڌارين کي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪلن ته جيئن وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻي سگهجي ، باقي رهي ڳالهه سنڌ جي عوام کي پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسائڻ جي ته اان سان سنڌ جي عوام کي ته نقصان ٿيندو ئي ٿيندو پر ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو