سنڌ جي تعليم ڪير سڌاري ۽ سڌرڻ جا معيار ڪهڙا هجڻ کپن؟

رحمت الله ٻرڙو
سوال سنڌ ۾ تعليم جي بهتر معيار جو آھي ته ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿي؟۽ ڪندو ڪير؟جڏهن اها ڳالھ ڪجي ٿي ته پوء وري سوال اهو ٿو پئدا ٿي ته آخرڪار ڪروڙين نه پر اربين روپين جي بجيٽ هوندي ۽ وري عاملي ڊونرز ادارن کان ويندي عالمي بينڪ ۽ ايشين ڊوولپمنٽ بينڪ ۽ ٻين کوڙ سارن ملڪن جي تعليم بابت سهڪاري فنڊز باوجود تعليم سڌرڻ بجاء پنهنجو معياروڃي پئي ڪيرائيندي.!!
انهن سوالن اٿڻ ۽ پڇڻ بعد گذريل هفتي جون معمولي قسم جون خبرون سامهون رکون ٿا ته ڏسون سنڌ جي تعليم کاتي کي اتي ويٺل سول ڪامورو ۽ وقت جي وزارت تعليم ۽ حڪومت ڪهڙي نه واردات ڪن پيا سنڌ جي تعليم سان جنهن جو ننڍڙو مثال هيٺين ريت آھي.عالمي بئنڪ جو ڪرپشن سبب تعليم کاتي جي (سليڪٽ)پراجيڪٽ تي عدم اعتماد،ڪارڪردگي سڌارڻ ۽ منصوبا بند ڪرڻ جو الٽيميٽم!!
سنڌ ۾ تعليم جي بهتريء لاء 15 ڪروڙ 47 لک ڊالرن سان سنڌ ارلي لرننگ انهيسمينٽ ٿروڪلاس روم ٽرانسفارميشن ۾ ڪرپشن ۽ اڳرائي نه ٿيڻ تي عالمي بئنڪ ناراض.
ورلڊ بئنڪ جي سينيئر آپريشن مينيجر آر ايس يو چيف سميت آفيسرز سان جدا ملاقات ڪري ورتل سامان غائب هئڻ ۽ گاڏين جي الاٽمنٽ سميت ٻيا تفصيل ورتا.پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ڪنسلٽنٽ سميت ٻئي عملي کي هلندڙ مهيني جي پگهارنه ملي سگهي.هڪ ٻي خبر تعليم کاتي جي سيف اسڪولن ۾ ڪرپشن بابت آھي،سنڌ ۾ چئن ضلعن جي سيف اسڪولن ۾ 8 ارب روپين جي فنڊن ۾ گهوٻين جو انڪشاف،جاچ شروع.حيدرآباد،لاڙڪاڻي شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ سيف جي نگرانيء وارن اسڪولن کي 8 ارب 5 ڪروڙ روپيا جاري ٿيا.اسڪول مالڪن کي سبسڊي جي مد ۾ ڏنل گرانٽ جي آڊٽ ۾ مالي بي ضابطگين جي نشاندهي ٿي،تصديق ٿيل خرچن تي اعتراض.سيف ايم ڊي پوڻا 5 لک روپيا پگهار تي رکيل،عدالتي حڪم نذر انداز،عدالت 60 سالن کان مٿي عمر واري يا ريٽائرڊ ملازم ڀرتي نه ڪرڻ جا حڪم ڏنا پر سيف عمل نه ڪيو.موجوده ايم ڊي سيف قاضي ڪبير کي حد کان وڌيڪ فيور ڪئي وئي.آڊٽ دوران سيف نگرانيء ۾چئن ضلعن جي اسڪولن تي ٿيل 8 ارب روپين کان مٿي جي خرچن تي 10 کان وڌيڪ اعتراض داخل!!مٿين مثال طور ڏنل خبرون فقط هڪ هفتي جون آھن ۽ تعليم کاتي جي ڪجھ منصوبن جون خبرون آھن جن تي عالمي بئنڪ،ايشين ترقياتي بينڪ ۽ ڪجھ ٻين ادارن جي فنڊن ٿيندي آھي.باقي مجموعي طور تعليم کاتي پاران اسڪولن جي مرمت،تعليم جي بهتريء ۽ منصوبا بندي تي به اربين روپيا ساليانو بجيٽ رکي وڃي ٿي پر نتيجو بهتر ٿيڻ بجاء ابتڙ اچي ٿو.هاڻي سوال اهو آھي ته اهو سڀ ڪجھ ٿئي ڇو ٿو؟ڪري ڪير ٿو؟ ۽ ان جو زميوار ڪير ڪير آھي؟ڏٺو وڃي ته گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت ڪري رهي آھي،سنڌ جي خزاني جو وزير خود موجوده وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ پاڻ رهيو آھي،سنڌ جي چيف منسٽر شپ به وڏي عرصي کان سندس کي سونپيل آھي،وزارت تعليم جون واڳون سردار شاه وٽ رهيون آھن ڪافي وقت کان ۽ سندس دعوي به رهي آھي ته تعليم سڌاربي،تعليم سڌارڻ تي زور به ڏيندو رهيو آھي.پر افسوس جو خزاني وزارت کان ويندي،A G سنڌ،تعليم کاتي کان ويندي ورلڊ بينڪ،ايشيتن ترقياتي بينڪ جي فنڊنگ هجڻ باوجود تعليم سڌرڻ جو نالو ئي ڪونه ٿي وٺي ته ان جو زميوار ڪير ٿيو؟پنجاب،پنجاب جو تعليم جو وزير؟پنجاب جي تعليم کاتي جا آفيسرز؟
نه بلڪل به ان جا زميوار هتان جا اختيار ڌڻي ۽ تعليم کاتي تي مڙھيل ڪرپٽ مافيا.
هڪ ته تعليم تي جيڪ بجيٽ هجڻ کپي سا ڪونه پئي ملي؟
جيڪا نامناسب بجيٽ ملي ٿي تنهنجوبه حال سڀ جي سامهون آھي ته ھر ايندڙ ڏينهن ان بابت ڪرپشن جون خبرون اچن ٿيون.
مٿي سليڪٽ پراجيڪٽ تي ويٺل چيف بابت خبرون گردش ڪن ٿيون ته تعليم کاتي پاران سنڌ ۾ ھلندڙ 8 منصوبن جو انچارج ساڳيو محترم جنيد حميد سمون آھي.!!سليڪٽ چيف بابت اهي ڳالهيون سامهون آيون آھن ته نگران سيٽ اپ ۾ سندس بابت پروجيڪٽ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر ڪرپشن جون شڪايتون ان وقت جي وزراعلي، تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري تعليم محترما شيرين ناريجو کي لکت ۾ ڪيون پر ڪنهن به دانهن کي ڪونه ورنايو. رهندو ڪرپشن جي شڪايت ڪندڙ آفيسر عبدالحميد علواڻي کي بغير سبب ڄاڻائڻ جي پوسٽ تان هٽايو ويو!! اهڙي طرح سنڌ ايجوڪيشن جي ايم ڊي جي مقرري کي عدالت جي حڪمن کي پٺي ڏئي مهانگي پگهار۽ الائونس ڏئي مقرر ڪي ويو جيڪو پڻ ريٽائرڊ ڪامورو قاضي ڪبير پڻ آھي.ان حوالي سان اها ڳالھ ڪجي ته اهڙيون تعليم کاتي ۽ سنڌ جي مستقبل جي معمار سان ٿيندڙ زيادتن کان پوء ڪيئن چئجي ته سنڌ جي تعليم بهتر ٿي سگهي ٿي.
هن وقت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ،چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاه،وزير تعليم سردار شاه ۽ سيڪريٽري تعليم تي فرض ٿو عائد ٿئي ته مٿين ڪرپٽ مافيا کي فوري طور تي ايڪشن وٺي هٽايو وڃي ۽ فارين فنڊيڊ ادارن کي تسلي ڏئي مطمئن ڪيو وڃي.هن وقت سنڌ مان اعتماد وٺي حڪومت سنڌ جي اڳواڻي ڪندڙ صدر پاڪستان آصف علي زرداري،بلاول ڀٽو زرداري ۽ سيد مراد علي شاھ وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ٿو ڪجي ته ڪرپٽ تعليم دشمن آفيسرز ۽ زميوارن کي ڪيفر ڪردار تي پهچائي سنڌ جي تعليم بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.گڊ گورننس جو تصور ڪرپشن مافيا کي ٻنجو ڏئي قائم ڪري سگهجي ٿو نه ڪي هڪ ئي آفيسر کي 8 منصوبن جو انچارج ڪري ڪرپشن ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ سان .
سنڌ جي عوام هڪ نه ٻھ نه ٽي دفعا به نه چوٿون دفعو عوامي مينڊيٽ ڏئي توهان کي حڪمرانيء لائق ڪيو آھي تهبراء مهرباني عوامي اعتماد کي قائم رکڻ لاء سنڌ جي اهنجن ۽ ڏکن تي پها رکيا وڃن.
ٻي صورت ۾ عوامي رد عمل اوهان کي ههڙي عوامي مينڊيٽ سان ڪونه نوازيندو.ان ڪري هتي حقيقت اها آھي ته سنڌ جو عوام اوهان کي ووٽ ڏئي اوهانکي زميوار سمجهي ٿو ته توهان عوام جي حقن جا رکوالا به آهيو ته زميوار به.تعليم جي سڌاري لاء زميوار فقط تعليم کاتي جا سول آفيسرز يا منسٽري ئي ناهي،انهن سان گڏ،فنانس کاتي،ضلعي ٽريزي آفيسز،خود فارين فنڊيڊآفيسز جا ڪنٽري مينيجرز ۽ ريجنل هيڊ به ملوث ٿي سگهن ٿا.
ان ڪري هتي ان ڳالھ کي به غور هيٺ رکجي ٿو ته تعليم کاتي جي ڪرپٽ”مافيا سميت مٿي بيان ڪيل کاتن جن سان هنن جي مالي بي ضابطگين جو تعلق اچي ٿو ايستائين جو اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي انتظاميه کي ان سلسلي ۾ جاچ ھيٺ رکي هڪ وڏي تحقيقاتي فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي جوڙي زميوار ۽ ملوث ڪردارن کي بينقاب ڪري سزا ڏني وڃي ته جيئن ڪنهن ٻي کي اهڙو ڪڌو عمل ڪندي همٿ نه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو