سنڌ اندر پاڻي جي ھٿرادو کوٽ

تحريرعبدالمجيد بروھي 

سنڌ کي عالمي يتيم خانو ٺاھڻ سميت سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن ڳوٺن تي قبضا ڪرڻ بعد ھٿ سان سنڌ جي پرامن ماحول کي خراب ڪري سنڌ ۾ قبائلي جھيڙن کي وڌايو ويو آھي ڪجھ اھم اشوز آدم شماري جي سنڌ دشمن انگن اکرن کان ڌيان ھٽائڻ لاء سنڌ ۾ چئني طرفن کان ھٿرادو بحران پيدا ڪري سنڌ واسين کي ان ۾ الجھايو پيو وڃي تـ  جيئن سنڌ واسي انھن ھٿرادو اشوز ۾ الجھيل ھجن ۽ اھي ھمراھ پنھنجو ڪم ڏيکاري غلط انگ اکرن سان جڙيل آدم شماري کي مسلت ڪن پر سنڌ واسي ھن وقت سڄاڳ آھن اھي ڪنھن بـ صورت ۾ سنڌ دشمن ڪنھن بـ منصوبي کي ڪامياب ٿيڻ نـ ڏيندا سنڌ دشمن قوتن ھن وقت سنڌ کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي قبائلي تڪرار امن امان جي خرابي سنڌ جي وسيلن تي قبضا سنڌ کي عالمي يتيم خانو ٺاھڻ سنڌ ۾ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ سنڌ جي ڪوٽا تي ڌاڙا ھڻڻ اھي سڀ ظاھر ڪن ٿا تـ سنڌ دشمن متحرڪ ٿي ڪري سنڌ ڌرتي خلاف سازش ڪري رھيا آھن جنھن کي تمام سنڌ واسين کي گڏجي مقابلو ڪري ناڪام ڪرڻ گھرجي ھن وقت سنڌ اندر زرعي پاڻي جو ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري وفاق ان سازش ۾ ھڪ ٻيو وار سنڌ ۾ مٿان ڪيو آھي ھن وقت سنڌ ۾ پـجيتاليھ کان سٺ سيڪڙو پاڻي کوٽ آھي جون مھينو شروع ٿيڻ وارو آھي پر ھـن وقت تائين سنڌ جي تمام واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي ناھي ڇڏيو ويو سنڌ جي واھن ۽ شاخن مان واري اڏامي رھي آھي سنڌـجاـھاري آبادگار جيڪي جون مھيني ۾ ايري ڇھ جو ٻيڄارو پوکي ۽ رونبو ڪندا آھن اھي سخت پريشان آھن پاڻي کوٽ پيدا ڪري وفاق سازش تحت سنڌ کي نقصان پھچائڻ جي ڪوششن ۾ آھي وفاقي حڪومت کي ڄاڻ آھي تـ سنڌ ھڪ زرعي صوبو آھي تنھن باوجود اھي سنڌ جي حصي جو پاڻي ڪٽي رھيا آھن سنڌو دريا تي پابندي باوجود چشما جھلم لنڪ ڪئنال ٺاھيو ويو ان بعد اھو معاھدو ڪيو ويو جڏنھن سنڌ پاران چشما جھلم لنڪ ڪئنال تي سخت اعتراض واريا تـ ان وقت جي وفاقي حڪومت اھو معاھدو ڪيو تـ چشما جھلم لنڪ ڪئنال کي صرف ٻوڏ دوران آيا سنڌو ۾ گھرج کان وڌيڪ پاڻي ھجڻ جي صورت ۾ کوليوـويندو پر ٻين معاھدن وانگر وفاق پنجاب کيـخوش ڪرڻ لاء ان تي بـ عمل نـ ڪيائون سنڌ ۾ شديد پاڻي جي کوٽ باوجود چشما جھلم لنڪ ڪئنال کي پنجاب حڪومت کولي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي جن سان وفاقي حڪومت ۽ ارسا وارا مليل آھن ھن وقت سنڌو دريا مان پنجاب پنھنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي رھيو آھي جڏنھن تـ سنڌ کي سندس حصي کان بـ چاليھ سيڪڙو گھٽ پاڻي ڏين پيا اھو سراسر ظلم آھي جنھن خلاف تمام سنڌ دوستن جماعتن کي آواز بلند ڪرڻ گھرجي پر افسوس سڀ جا سڀ ان اھم اشو تي چپ سبي ڇڏيا آھن سواء پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽي جي جنھن پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي حڪومت کي وارننگ ڏيندي چيو آھي تـ اھي پنھنجو قبلو درست ڪن ۽ سنڌ کي  سندس حصي جو پاڻي بنا دير ڏنو وڃي ۽ چشما جھلم لنڪ ڪئنال کي فورن بند ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ لکين سنڌـواسين سميت پنجاب جي بارڊر تي ڌرڻو ھنيو ويندو ان کان علاواـڪالھ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پڻ پ پ پ پاران سنڌ ۾ـپاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ٺھراء پيش ڪيو ويو جنھن پي ٽي آء وارن مخالفت ڪئي آھي سنڌ واسين کي ھاڻي اکيون کولي ڏسڻ گھرجي تـ پي ٽي آء وارا ڪيترا سچا آھن سنڌ واسين سان پ پ پ اڪيلي سر لکين ماڻھون گڏ ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ڌرڻو ھڻي سگھي ٿي پر ان اھم اشو تي تمام جمعاتن کي پڻ انجو ساٿ ڏيڻ گھرجي پر جيڪڏنھن اھي سمجھن ٿا اھي پ پ پ وارن سان گڏ نٿا ھلي سگھن تـ پوء پاڻي جي چوري خلاف اھي پنھنجو الڳ اتحاد ٺاھي وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت سميت ارسا خلاف تحريڪ ھلائي سگھن باقي صرف پ پ پ وارن کي گاريون ڏيڻ ۽ پ پ پ خلاف اتحاد ٺاھن سان سندن کي ڪجھ پلئـ نـ پوندو سنڌ جي حقن خلاف سنڌ جي پاڻي جي چوري خلاف سنڌ دوست جماعتن کي تحريڪ ھلائڻ گھرجي اگر اڃا وڌيڪ خاموش رھيا تـ پوء سنڌ ۾ زرعي بحران بـ اچي سگھي ٿوـجنھن سان لکين ھاري پورھيت فاڪا ڪشي جي ماحول ۾ ڦاسي ويندا سنڌـزرعي صوبو آھي انھن جي زرعي زمينن کي بنجر بڻائڻ کان بچائڻ لاء سڀ گڏجي آواز اٿارن تـ جيئن پنجاب کي سنڌـجو پاڻي چوري ڪرڻ کان روڪي سگھجي .

پهنجو تبصرو موڪليو