سنڌي شاعري جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس

ليکڪ خاصخيلي لطيف راولاڻي
ورھاڱي کان سنڌي ادب پنھنجو پاڻ ملھايو آھي برطانوي دور کان موجوده دور تائين اسان جي اديبن ڏاھن سنڌ جي ھر موضوع تي ڪتاب لکيا آھن تحقيق ڪئي آھي ان ۾ ڪافي ڪتاب اديبن پي ايڇ ڊي جي مقالي جي حوالي سان لکيا آھن ھڪ طرف انھن کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ملي ٿي ته ٻئي پاسي ادب جي خدمت به ٿئي ٿي جو اھم موضن تي ادب اسان کي پڙھڻ لاء ملي وڃي ٿو ۔اھڙيون ڪوششون ڪافي عرصي کان جاري آھن ۔خاص طور تي تخليق ۽ تاريخ تي اسان کي تمام گھڻو مواد ملي ٿو جنھن جي موجوده دور ۾ گھرج پڻ آھي ته عوام کي تحقيقي مواد ڏنو وڃي ۔انھي کيتر ۾ اسان جي پراڻي دوست جيڪو ماستري کان پرنسپل جي عھدي تائين پھتو ۽ ھي ناياب ڪتاب تخليق ڪيائين سنڌي شاعري جي شروعات برطانوي دور کان به اڳ جي آھي ۽ ان تي تحقيق به ٿي آھي ۔جنھن ۾ اسان کي قاضي قادن جو نالو سرفھرست ملي ٿو ۔۽ ان کان پوء ٻيا ڪافي سنڌي فارسي شاعرن جي ھڪ ڊگھي لسٽ ملي ٿي جن شاعري ۾ نالو ڪمايو آھي ۔ھي ڪتاب تحقيقي مقالو صرف برطانوي دور کان پاڪستان جي ڄمڻ تائين جو آھي ۔جنھن کي اٺن بابن ۾ ورھايو ويو آھي ۔جنھن ۾ فن۽ فڪر جي حوالي سان ذڪر ٿيل آھي فن ۽ فڪر تمام ڏکيا ۽ ڏاھپ جا موضوع آھن جن تي لکڻ ۽ ان کي سمجھڻ لاء به فڪر گھرجي جيڪو ان جي گھرائي تائين پھچي سگھي ۔ڪنھن ڏاھي چيو آھي ته ۔ڪڏھن نه ھلندي فن تي ٺيڪيداري فن نه ڪنھن جو غلام آھي فن نه ڪنھن جو ھاري ۔دنيا ۾ انسان پاڻ ته مري ويندو آھي پر ان جو فن ۽ فڪر ھميشه زنده رھندو آھي ۔اسان وٽ اھڙا ھزارين مثال ۽ شخصيتون آھن جي موجود نه آھن پر انھن جو فن ۽ فڪر اسان وٽ موجود آھي ۔ڪتاب به اھڙي ڪرامت آھي جو ڪتاب جو ليکڪ دنيا مان ھليو ٿو وڃي پر ان جي تخليق ھميشه جي لاء زنده رھندي آھي ۔شاعري جي شروعات جماليات کان ٿئي ٿي جنھن کي شاعر پنھنجي رنگ ۾ رڱي پيش ڪن ٿا جيڪا پوء اسان تائين پھچي ٿي ۔شروعاتي ڏاڪو اھو ئي ھوندو آھي ۔دنيا جي فلاسافرن انسان کي ھڪ سماجي حيوان سان ڪري لکيو آھي جيڪو بعد ۾ شعور جا ڏاڪا چڙھندي ترقي ڪندو انسان ٿيو ۔ڪتاب ۾ شاعري جون صنفون بيان ٿيل آھن پر ان ۾ ڪافي شيون رھجي پڻ ويون آھن جن جي نشاندھي نه ٿي آھي خاص طور تي جڏھن مرثيو ۽ رباعي جو ذڪر آھي ته اتي مولود منقبت جو ذڪر ھئڻ گھرجي ۔ان کان پوء نظم ۽ آزاد نظم تي به لکيو ويو آھي ۔آخر ۾ رومانوي ۽ مزاحمتي شاعري جو ذڪر ٿيل آھي ۔جنھن ۾ انگريز دور ۽ 47ع کان اڳ جا ڪھڙا مزاحمتي شاعر ھئا ۽ مزاحمتي شاعري ڪھڙي ھئي ان جو به ڪو تفصيلي احوال ھن تحقيقي مقالي ۾ ذڪر ڪونھي ۔شاه لطيف کان خليفي ني بخش جي ڪيڏاري جو تفصيلي ڇيد شامل آھي ۔انگريز دور ۾ حرن جي مزاحمتي تحريڪ دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آھي ان تي شاعري به ٿئي ھوندي ان تي به نظرثاني ڪئي وڃي ھا ته بھتر ٿئي ھا ۔ڪتاب جي آخري صفحي تي مڪمل ڪتابن جي لسٽ ڏني وڃي ھا ته بھتر ٿئي۔ٻي کوٽ جيڪا مون محسوس ڪئي ته اسان وٽ سنڌي ادب ۾ ڪتاب شايع ڪرڻ کان پھرئين ڪتاب جي شروعات ۾ ارپنا يا انتساب ضرور ڏنل ھوندو آھي اھو ھن تحقيقي ڪتاب ۾ نه ھو ۔ڪتاب ڪل 432 صفحن تي مشتمل جنھن جي قيمت مناسب رکي وئي آھي ھن تحقيقي مقالي کي ڪتابي صورت ۾ ساحل پبليڪيشن حيدرآباد وارن آندو آھي جيڪو ڪتاب تاريخ جي شاگردن لاء ابتدائي سمجھاڻي جي طور تي ڪاگر ثابت ٿيندو ته اھي ھن ڪتاب مان ادبي ۽ تاريخي تخليقي مواد حاصل ڪري سگھن ٿا ۔اھڙا تحقيقي ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنھنجو خاص مقام رکن ٿا ۔ڪتاب جو ٽائٽل ڪتاب جي مواد جي نشاندھي ڪندو آھي ته ٽائٽل جي حوالي سان ان ۾ ڪھڙو مواد آھي پر افسوس ھن ڪتاب جي ٽائٽل تي سنڌو ندي جا نظارا سکرجي پل ۽ ڪا تاريخي عمارت ڏکاريل آھي جيڪا ڪتاب جي مواد جي صحيح عڪاسي ڪونه ٿي ڪري ۔

پهنجو تبصرو موڪليو