سنڌين کي ڪنھن ڌارئي دشمن جي ضرورت نہ آھي

دلشاد ڀٽو
سنڌ جي سياست جو محور کپي ۽ نہ کپي يا منظور ۽ نا منظور کان ٻاھر نڪري نہ سگھيو آھي. نہ ڪو Vision ,نہ ئي ڪا Direction. ڪنھن بہ سياسي پارٽي .قومپرست اڳواڻ.دانشور وٽ سنڌ کي مسئلن جي دلدل مان ڪڍڻ لاء ڪا سؤ سالا رٿابندي تہ ٺھيو پر پنجن سالن جي بہ رٿابندي ڪانھي.نہ عقل ۽ نہ وري ادراڪ. ڏھائين ۽ سالن کان ساڳي رڌم ۽ سر تار پر اڳواڻن. دانشور. اديبن. ڏاھن. مفڪرن. شاعرن. سياسي ۽ ساڃاھ وندن کي اھا خبر ئي ڪانھي تہ جيڪڏھن کپي تہ ڇو ۽ نہ کپي تہ ڇو نہ کپي؟ جیڪڏھن منظور تہ ڇو ۽ نا منظور تہ ڇو نا منظور؟ ھڪڙي قومپرست پارٽي جي اڳواڻ کان ڪنھن صحافي پڇيو تہ ڪالاباغ ڊيم جي سائيٽ ڪٿي آھي.جواب ڏنائين تہ ايڏانھن پنجاب ھوندي.سالن جا سال ڪالا باغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال تي سياست ٿيندي رھي.سالن جا سال سنڌ جي آزادي ۽ سنڌ ۾ پورھيت انقلاب تي سياست ٿيندي رھي.سالن جا سال سنڌ جي ماڻھن لاء روٽي .ڪپڙا ۽ مڪان تي سياست ٿيندي رھي.سالن جا سال ملڪ ۾ جمھوريت جي بحالي لاء سياست ٿيندي رھي.سالن کان سنڌي ٻولي کي خطرو تي اديب ۽ دانشور ڳڻتي ۾ ڳرندا رھيا.مني صدي کان سنڌ جي ورھاڱي تي لساني سياست ۽ خون خرابو ٿيو اردو ڳالھائيندڙن.پنجابين ۽ پٺاڻن وچم نفرتون.لساني فساد ۽ جنگ.ھي سڀ Agenda ء Issues مردار Out dated آھن.سنڌ سان سياسي.انتظامي.معاشي بنيادن جھيڙا.سنڌ سان جتي ملڪ جي حاڪمن.اسٽيبلشمينٽ ظلم ۽ نا انصافي ڪئي اتي اسان پاڻ بہ سنڌ سان گھٽ ويڌن نہ ڪئي.اسان سنڌ ڌرتي کي پنھنجو وطن ۽ ماء سمجھو ئي نہ آھي.اسان سڀ ڀل سرڪاري عھدي تي ھجون.ڪامورا ھجون. صحافي. اديب. دانشور. شاعر.وڪيل.قومپرست اڳواڻ ۽ ڪارڪن. سماج سڌارڪ ويندي زندگي جي ڪھڙي شعبي سان تعلق رکون پر سوال ٿو پيدا ٿئي تہ اسان سنڌ لاء ڇا ڪيو آھي؟ دل تي ھٿ رکي سوچيو تہ اسان جتي بہ ويٺا آھيون جھڙي بہ حيثيت رکون ٿا اسان سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نہ ڇڏي آھي.پٽيوالي کانوٺي سيڪريٽري تائين.سول جج کان ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس تائين.سپاھي کان آئي جي تائين.وزير اعلي.وزير.مشير سڀ سنڌي پر پوء بہ پاڪستان ٺھڻ کان ھن وقت تائين سنڌ ترقي ڪرڻ بجاء تباھ ٿي وئي آھي.ان تباھي جو ذميوار نريندر مودي.واجپائي.نواز شريف ۽ عمران خان آھي ڇاڪاڻ تہ سنڌ تي ڪڏھن بہ ذوالفقار ڀٽو.ممتاز ڀٽو .مصطفي جتوئي.بينظير ڀٽو. زرداري. اربابن. مخدومن. پاڳارن.سردارن. ڀوتارن. شيرازين ۽ نوابن جي حڪومت نہ رھي آھي.انھن سنڌ کي تباھ ٿوروئي ڪيو آھي.گذريل پندرھن سالن کان سنڌ تي مطلق العنان اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ زرداري جي حڪومت نہ آھي جنھن پندرھن سالن جي حڪومت ۾ وفاق ۽ سنڌ جي بجيٽ جا ھزارين ارب روپيا ڪرپشن ڪري کائي چٽ ڪيا.نريندر مودي ۽ عمران خان سنڌ جي تعليم.صحت ۽ ترقياتي ڪمن جي بجيٽ کائي ويو.شھرن جي بجيٽ بہ انھن کاڌي.ادارا بہ انھن تباھ ڪيا.پوليس ۽ عدالتي نظام ۾ سڌارا بہ اھي آڻڻ نٿا ڏين.زرداري آصف.بلاول زرداري.مراد شاھ ۽ نثار کھڙو سنڌ جي تباھي جا ذميوار ٿوروئي آھن.اسين تہ بابا پنجاب ۽ وفاق جا غلام آھيون.غلام قوم آھيون.ڪوڙو بيانيو Fake Narrative . مطلب اسان سنڌين جي ڪا ذميداري ڪانھي تہ سنڌ جي اھنجن جي گھٽتائي لاء وس آھر سوچون ۽ جدوجھد ڪريون.مرض تڏھن ختم ٿيندو جڏھن انجو سبب Cause ختم ٿيندو.پاڪستان اندر سنڌ ٻيو نمبر وڏو صوبو آھي.ارڙھين ترميم موجب سنڌ جي پاڪستان کان آزادي واري اعلان کانسواء وٽس ھڪ آزاد ملڪ جيترا اختيار آھن.ھر قسم جي قانونسازي ڪري سگھن ٿا.وسيع مالياتي بجيٽ آھي.پر بجيٽ يا ڪاغذن ۾ استعمال ٿئي يا ليپس ٿي وڃي ٿي.ان جو ذميوار بہ ڀارتي وزيراعظم آھي.گھمڻ ڦرڻ.سياسي جلسن.ڪتابي ۽ ادبي ميلن تي ڪروڙين روپين جي بجيٽ اڏائڻ ھيڏانھن ماڻھو بکن تي مرن ٿا.روڊ. اسپتالون. اسڪول. سرڪاري بلڊنگون تباھ ۽ ڪرن ٿيون پر عوام جي ڀلائي وارن ڪمن تي پئسا خرچ نہ ڪبا .سنڌ تي تاريخ جي بدترين حڪمراني آھي جتي ڪرپشن جو راڄ آھي.بدترين نا انصافي ۽ بدامني آھي.مھانگائي عوام کان جيئڻ تہ ڇا مرڻ جو حق بہ کسي ورتو آھي.پر سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي ڇاڪاڻ تہ پ پ ۽ سنڌين جي حڪومت آھي.ان خلاف لکبو ء ڳالھائبو يا حقن لاء آواز اٿاربو تہ سنڌين جي حڪومت ڊھي پوندي.پنھنجن جي بدنامي ٿيندي.پ پ حڪومت جي نااھلي.ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد ڪبي تہ پنجاب ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وھڻ برابر آھي.سنڌ جون تقريبن سڀ قومپرست.وفاق پرست GDA سميت سياسي ڌريون. اديب. دانشور. شاعر.وڪيل ۽ نام نھاد سول سوسائٽي خاموش آھي.ڇاڪاڻ تہ سنڌ ۾ پ پ جي جمھوري حڪومت آھي.سڀني کي راضي رکيو ويٺي آھي.ٿورو گھڻو سڀني کي چوڳو ملي ٿو.
سنڌ جي اھنجن تي وڌ ۾ وڌ تڪليف سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ ۽ سندس ساٿين کي آھي.جن سياسي جمود کي ٽوڙي زرداري مافيا خلاف طبل جنگ وڄائي سکر کان ڪراچي تائين پيادل مارچ شروع ڪيو.وک وک تي پيادل قافلي جا والھانہ استقبال ٿيا.زرداري فيصلہ ڪندڙ قوتن کي اھو باور ڪرائيندو رھي ٿو تہ سنڌ جا ماڻھو سندس حڪمراني مان خوش آھن تڏھن تہ چپ ڪيو ويٺا آھن. پر سيد زين شاھ جي جدوجھد سندس ان دعوي کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو.تنھنڪري سيد زين شاھ جي پيادل مارچ جي رڳو زرداري کي تڪليف نہ ٿي آھي پر زرداري جي کيسي خرچي Pocket money تي گھر ھلائيندڙ قومپرست ڌرين کي بہ تڪليف ٿي وئي.شاھ صاحب جي طبيعت ناسازي باوجود ساٿين جي اڻٿڪ ۽ جذبي سان سرشار جدوجھد کان خائف زرداري مافيا حڪومت ڊجيٽل آدمشماري تي کڻي APC جو ڳاڙھو ٻوڙ ڪيو.سڀني کي کڻي دعوت ڏني.سڀني کي خبر آھي تہ گذريل پنجاھ سالن کان سنڌ تي پ پ جي حڪومت آھي پوء بہ سنڌ جي ماڻھن کي اٽو.لٽو ۽ اجھو نہ ملي سگھيو.برساتن ماڻھن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا.اڃا بحالي نہ ٿي.سستي ڪڻڪ وارو اٽو 140 روپيا ڪلو تي پھتو.گدامن مان اربين روپين جي ڪڻڪ ڪوئا کائي ويا.ھر وقت پ پ جي قيادت سنڌ ۾ غير قانوني رھندڙ بنگالين.بھارين.برمين.افغانين ۽ ٻين پرڏيھين کي ڊوميسائيل ۽ شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏيڻ جا مطالبا پئي ڪري ۽ ووٽ وڌائڻ لاء تقريبن سڀني کيڪارڊ ٺاھي ڏنا وري ساڳي پ پ جي حڪومت آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي قومپرستن کي پلاء کارائي ڪنھن کان پئي مطالبا ڪري.اصل ۾ سڀئي سنڌ کي تباھ ڪرڻ واري عمل ۾ پ پ سان گڏ آھن.رڳو SUP جي جدوجھد کي ڪائونٽر ڪري انجو اثر زائل ڪرڻ لاء اي پي سي ۽ پريس ڪلب ڪراچي تہ ڪجھ ماڻھن جي بک ھڙتال رٿي وئي آھي.سيد زين شاھ ۽ سندس ساٿين کي جس ھجي جن سمورين رڪاوٽن.بيماري تڪليف باوجود جدوجھد جاري رکي.جيئن مرڪز ۾ عمران خان پي ڊي ايم جي چور سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ کي للڪاريو آھي ائين سنڌ ۾ اڪيلو سيد زين شاھ ۽ سندس پارٽي زرداري مافيا جي طويل عرصي کان مسلط ڪرپشن.حرامخوري.بدعنواني ۽ بدانتظامي خلاف پر عزم جدوجھد ڪئي آھي.سنڌ ۾ ايستائين تبديلي نہ ايندي جيستائين سنڌي پاڻ تبديل نہ ٿيندا ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنڌ ۾ تبديلي ۽ ترقي آڻڻ جو سوچين ٿا تہ ٻئي طرف وري بہ سنڌي آھن جيڪي رڪاوٽ بنجن ٿا ۽ پير ڪڍي ڪمزور ڪن ٿا.ان ڪري سنڌين کي ڪنھن ڌارئي دشمن جي ضرورت ئي نہ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو