سنڌ، ڪوڙ چوان ته پت وڃايان ..؟؟

رحمت الله ٻرڙو
ڪوڙ چوان ته پت وڃايان، هي بيت اسان ننڍي هوندي کان پڙھندا ٻڌندا آيا آھيون ۽ هن وقت ٻڌڻ ۾ته اچي ٿو ڪڏهن ڪڏهن باقي پڙهن ڪونه ٿا..!!!خبر ناهي الائي ڪهڙن سببن ڪري هاڻي اهي سبق جيڪي ماڻھونء کي اخلاقيات سيکاريندا هئا سي سماجي اخلاقيات مان ته وڃن پيا ميساربا پر هاڻي ته مٿي بيان ڪيل بيت ته ڪوڙ چوان ته پاڻ لڄايان جهڙو بيت مورڳو نصاب مان ئي ڪڍي ڇڏيو آھي.
سنڌ پنهنجي نگرانن جي هوندي ننڌڪي رهي آھي.!!
سنڌ نگرانن جي هوندي نيلام ٿيڻ جو شڪار رهي آھي.
اي سنڌ تي ايندڙ امڪاني ۽ يقيني حڪمرانون؟؟
اهو ٻڌي ڇڏيو سنڌ انچ انچ تي تي ڏکن سان ڀري پئي آھي.!!
سنڌ جو مسڪين عوام ڏک ڏوجهڙا ڏسي ڏسي هاڻي ڄڻ ته بدتر حڪمرانن ۽ ڪرٽ ڪاموراشاهيء جي ڏنل ڏنڀن کان بيزار ٿي سوچڻ تي مجبور ٿي پيو آھي.!!ان ڪري جيڪڏهن ڪو پاڻ کي حڪمران ٿيڻ لاء سوچي سنڌ جي عوامي خدمت عيوض سنڌ جي اقتداري منصب تي اچي پاڻ کي وڏوخدمت گار سمجهي وڏو وزير ٿئي ٿو ته پوء سوچي اچي ته هن کي ويهي پنهنجي انگلن ۽ عوام دشمن پاليسين کان مٿانهون ٿي سوچڻو پوندو.سنڌ جو عوامي مينڊيٽ ڪيئن به مليو آھي ،ڪيترو به مليو آھي، اهو توهان کي مليو آھي.سوچي سمجهي ان عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪندي سنڌ جي عوام جي اهنجن جو ڀرجهلو ٿيڻو پوندو.اڄ جي سنڌ سوچي ٿي ته اسان مٿان مسلسل پيپلز پارٽيء جي چوٿين دفعا حڪومت اچي پئي پر ماضي قريب تائين بلڪه ڏنل نگرانن جي گذريل ڪلهوڪي ڏينهن تائين سک ناهي ملي سگهيو.!!جي ڪو مليو آھي ته براء مهرباني عام سامهون ان کي بيان ڪيو وڃي.؟؟سنڌ جو چوٿون دفعو مليل عوامي مينڊيٽ هاڻي عوامي خدمت ۾ بدلڻ کپي؟؟سنڌ ڪرپشن جي قيسن جا قصا ٻڌي ٻڌي ڪرپٽ مافيا اها حڪمران طبقي مان هجي ،سياستدان يا ڪرپٽ سول بيوروڪريسيء مان هجي هاڻي ٿڪجي پئي آھي.!!سو اچو ته ايندڙ نئي سنڌ جي چونڊيل وڏي وزير لاءاهو ٻڌوته هو ڪرپشن جي ڪيسن ته ڇا پر الزامن کان به مٿانهون ڪردار هوندو؟سنڌ جو نئون ايندڙ وڏو وزير بلڪل به پنهنجي سياسي، عوامي توڻي ماضيء ۾ڪنهن عهدي تي هجڻ باوجود ڪرپشن جي الزامن جهڙي معاملن کان به مٿانهون پڻ هوندو.؟سنڌ اليڪشن کانپوء هن وقت تائين جيڪي نالا وڏي وزير ٿيڻ لاء ٻڌي ٿي انهن کي ماضيء ۾وڃي سوچي ٿي ته سندن وزارتن کي هلائڻ مهل ڪردار ڪو بهتر عوامي خدمت ۽ ادارتي ڀلائيء وارو تاثر قائم ناهي ڪري سگهيو.؟؟!!ان ڪري عوام هن وقت ايندڙ حڪمران ڌر جي قيادت کان سوال ڪرڻ جو حق بجانب حق رکي ٿي ته هاڻي سنڌ جو عوام گهڻي تڪليف سهڻ لائق ناهي!!هاڻي گهٽ ۾ گهٽ ڪو به ڪرپٽ ته پري جنهن تي ڪيس هلندا هجن يا ڪرپشن جي الزامن جي زد ۾ هجي سو گهٽ ۾گهٽ سنڌ جي وڏ وزارت لاء مناسب ۽ موزون نه ٿيندو.ان ڪري عوامي اهنجن ۽ سنڌ جي ادارتي ڪرپشن کان ويندي ڀڃ ڊاھ جو ڪو بهتر حل کڻي ايندڙ ڪردار هجڻ ضروري ٿي پيو آھي.؟؟ سو اچو ته سنڌ جو عوامي منڊيٽ کڻي ايندڙ معزز صوبائي اسيمبلي ميمبر صاحبو!!!
هڪ عزم ڪيون ته هاڻي سنڌ جي عوامي لٽ مار جو ازالو ٿيندو. هاڻي سنڌ مٿان ڪڙڪندڙ هر هڪ ڪرپشن جي ڪيس جو مڙس ٿي اسيمبلي فلور تي مقابلو پڻ ڪبو. اچو ته ايندڙ اسيمبلي ميمبر صاحبو، ۽ حڪمران حضرات گڏجي هڪ عزم ڪيون ته (جو ڪوڙ چوي سو پت وڃائي ،هتي هتي پڻ پاڻ لڄائي.)وري اصول تي برقرار رهندي سنڌ جيعوام ۽ ڌرتيء جي پٽ طور هڪ هڪ انچ جي حفاظت لاء ڪردار ادا ڪيو ويندو.؟؟ گذريل ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي چيف سيڪريٽري اينٽي ڪرپشن ڪميٽي جواهم اجلاس سڏائي سنڌ جي ڪرپٽ ڪامورن کي گرفتارڪرڻ جي شفارش ڪئي آھي. اوهان حڪمران ٿي ۽ اسيمبلي ميمبر ٿي اچو ٿاته توهان تي به فرض ٿو ٿئي ته سنڌ ۾ ٿيل ڪرپن جي ميگا ڪرپشنڪيسن جي فوري طور اسيمبلي فلور تان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيء جي بنياد تي جائزو احتساب ڪرڻ جو عزم ڪيو؟؟سنڌ جو ايندڙ وڏو وزير ڪير ٿو ئي خبر ناهي پر ان جي باوجود عوامي سطح تي اٿندڙ سوالن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آھيون جن جو حل ايندڙ وقت جي پنجن سالن لاء وڏي وزير کي پنهنجي حلف نامي ۽ کڻڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائي عزم ڪرڻو پوندو ته. سنڌ مان ڪرپٽ مافيا خلاف سخت اپاء کڻندو. سنڌ جي ادارتي بربادي يا ڀڃ ڊاھ جو ازالو پڻ ڪندو. سنڌ ۾ بدامنيءجو ٽوڙ پڻ ڪڍندو. سنڌ مان بيروزگاريء جي خاتمو جو عزم ورجائيندو. سنڌ ۾ سياسي نا اميديء جي خاتمي لاء سياسي ڌرين ۾ مفاهمتي ڪردارادا ڪندي پوري سنڌ جي ڏکن اهنجن جي خاتمي لاء اسيمبلي فلور کان عوامي بنياد تي سڀ کي ساڳي نظر سان ڏسندو. هر ٽن مهينن ۾ پنهنجي ماتحت هلندڙ سبني ادارن يا وزارتن جي بهتر ڪارڪردگيء جي رپورٽ عوام آڏو آڻيندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو