سعودي عرب جي 20 جي صدارت ڪندڙ پهريون عرب ملڪ بڻجي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جاپان کان جي 20 جي صدارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهريون عرب ملڪ بڻجي ويو جڏهن ته مستقبل ۾ عالمي سطح تي ان جي وسيع ڪردار جي اميد بحال ٿي وئي آهي. غير ملڪي خابرو ايجنسي اي ايف پي جي رپورٽ مطابق سعودي عرب آچر واري ڏينهن جي 20 جي صدارت سنڀالي ورتي ۽ جاپان صدارت تان هٽي ويو سعودي عرب ايندڙ سال 21 نومبر کان 22 نومبر تائين رياض ۾ عالمي سربراهي ڪانفرنس جو ميزباني ڪندو. سعودي پريس ايجنستي ايس پي اي مطابق سعودي عرب جي 20 جي صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ رياض ۾ عالمي سربراهي ڪانفرنس ٿيندي. سعودي عرب پنهنجي صدارت دوران جاپان طرفان شروع ڪيل منصوبن کي جاري رکڻ ۽ عالمي سطح تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سليمان ان پيش رفت کي عالمي اتفاق راءِ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ منفرد موقعو قرار ڏنو آهي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب 100 کان وڌيڪ پروگرامن ۽ ڪانفرنسن جي ميزبانيڪندو جنهن ۾ وزيرن جا اجلاس به شامل هوندا. گلوبل سوشل انشيٽيو نالي ٿنڪ ٽينڪ جي صدر ڊينس اسنوور ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جڏهن سعودي عرب جي 20 جي صدارت شروع ڪندو ته هو پهريون عرب ملڪ هوندو جيڪو ان تنظيم جي سربراهي ڪندو. هن جو چوڻ هو ته اها صدارت سعودي عرب لاءِ هڪ امتحان آهي ڇاڪاڻ ته عالمي سطح تي موسمياتي تبديليون، آبادي جي مسئلن سميت ٻيا کوڙ سارا مسئلا جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته سعودي عرب گذريل هڪ سال کان صحافي جمال خاشقجي جي قتل کان پوءِ شديد تنقيد جو نشانو بڻيو ۽ سعودي حڪومت کي انساني حقوق جي خلاف ورزي قرار ڏنو پيو وڃي ۽ اهڙي طرح عالمي سطح تي شديد دٻاءُ جو شڪار آهي پر هن تازي فيصلي سان سعودي عرب کي هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي ساک بحال ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. انساني حقن جي تنظيمن جي 20 ميمبر ملڪن تي زور ڏيندي رهي آهي ۽ ان جو مطالبو آهي ته هو سعودي عرب تي دٻاءُ وڌائين ڇاڪاڻ ته هو ڪيترن ئي عورتن، صحافي ۽ سياسي مخالفين کي جيل موڪلي تشدد جو نشانو بڻائين ٿا يا انهن کي قتل ڪرائي ڇڏين ٿا. هڪ تنظيم جي تازي رپورٽ مطابق سعودي عرب ۾ گهٽ ۾ گهٽ 9 تعليم جي ماهرن، اديب ۽ انساني حقوق جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪي گذريل ٻن سالن کان دانشورن خلاف جاري مهم جو حصو آهي. ياد رهي ته سعودي عرب جي فرمان روا شاهه سليمان جي پٽ محمد بن سلمان جي ولي عهد بڻجڻ لاءِ ملڪ اندر مختلف شعبن ۾ تبديليون ڪيون ويون ۽ ڪيترن ئي قانونن ۾ نرمي آڻيندي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا ويا آهن. محمد بن سلمان جي ولدي عهد بڻجڻ کان پوءِ سعودي عرب طرفان جارحانه خارجه پاليسي جو آغاز ڪيو ويو هو ۽ پاڙيسري ملڪ قطر سان تعلقات ختم ڪيا ويا هئا پر هاڻي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقات جي بحالي جا امڪان نظر اچي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو