طفيل مگسي
ساڳيا اٺ ساڳيا اوٺي.ساڳئي اوٺي ذات
ڀيري ڀيري ڀوڳ ڀينر هن ڀنڀور ۾
ملڪ جي سياسي وايومنڊل تي نظر رکنداسين ته لطيف سائينء جيڪا ڳالھ اڍائي ٽي سو سال اڳ ڪري ويو هو اها ساڳئي ڳاله بلڪل اڄوڪي دور سان به ٺھڪي ٿي.ملڪ ٺھيئي جيترو به عرصو ٿيو آھي.ليڪن پهرين ڏينهن کان ئي وٺي اڄ تائين حڪمران ڌرين جو تاڃي پيٽو پاڻ ۾ ڳنڍير جي ڳنڍن جيان ڳنڍيل ئي رهيو آھي.اهي ساڳيا اٺ جن کي اسان مٿان ٿاڦيو ويو(جن جي تقريرن ۾ اٺ واريون ڀڀڪيون ئي هونديون آھن.مگر ڪنهن ڪم جون نه) ۽ انهن جا ساڳيا اوٺي“انهن کي هڪلڻ وارا“انهن کي پنهنجي انداز ۽ پنهنجي اڳواٽ رٿيل گس تي هلائڻ به اهي ٿا جن جي آشرواد سان انهن کي حجومت ڪرڻ جو لائسنس ڏنو ٿو وڃي.۽ نهن جي اوڳ چريائپ۽ بي عقلي به ساڳئي تسلسل ۾ هلي پئي ڇوته آندو ئي اهڙن ماڻھن کي ٿو وڦي جي ڏکن سورن کان بي خبي ۽ ڪوهين ڏور آھن.۽ هر ڀيري اسان ناڻھو جيڪا آس ۽ اميد رکيون ويٺا آھيون ته هن ڀيري ڪو چڱو حڪمران ملندو وري اسان سان هڪڙو وڏو ڀوڳ ٿو ڪيو وڃي.۽ اسان جي آسن ۽ اميدن تي پاڻي ڦيرجي ٿو وڃي.هر ڀرري ظلم.ڏاڍ ۽ نا انيافي جو هن ڌرتيء مٿان نئون نئون پڍڀوڳ ڪيو ٿو وڃي ۽ اسان آمنا صدقنا .
وڻن ويگا ڪانگ وچين ٿي ويلا ڪري
گهڙي کهڙو هٿ ڪري.سکڻي سانجهيء ٻانگ
سي ڍونڍي سانگ جت ساهڙ سپرين
هاڻي ان ظلم .ڏاڍ.جبر ۽ بي انصافيء لاء اسان ۾ اتساه پيدا ٿو ڪري.“وڻن ويٺا ڪانگ وچين ٿي ويلا ڪريء“يعني وڻ صفت ماڻھن جي جاء تي ڪانگ صفت ماڻھن قبضو ڪيو آھي.وڻ صفت ماڻھوء منجهان مراد آھي وڻ جهڙي چانو ڏيڻ وارو پمهنجي آرام لاء وڻن مان کٽون ۽ ٻيو سامان ٺاھي سڪون ٿا وٺنئون.وڻ جو ميوو کائي صحتمند ۽ تندرست ٿا رهون .هن جي ڪاٺ مننجهان جايون ٿا جوڙيون.هن جي ڪاٺين کي ٻارڻ طور استعمال ٿا ڪريون.انهن سڙيل ۽ ٻريل ڪاٺين منجهان جيڪو ڪوئلو ٿو نڪري اهو به ڪم ٿا آڻيون.مقصد ته وڻ اسان کي هر سهوليت مهيا ڪري ٿو ۽“ڪانگ“مان مراد ڪانگ صفت ماڻھو جن جو ڪم.ئي لڙ بکيڙو .رڳو ڪان ڪان ڪري ڪانگيرو ڪرڻ.ڦرڻ.ننڍن ٻارن کان ماني ٽڪر ڦرڻ .زوري ڪنهن جي هٿ مان ڪا شيء ڇڏائي وڃڻ.هاڻي وڻ صفت ماڻھن جي جاء تي اچي ڪانڪ صفت ماڻھن قبضو ڪيو آھي.“وچين ٿي ويلا ڪري“جيڪي وچ وارا ماڻھو آھن يعني وچون طبقو انهننجو ضمير ۽ غيرت هنن کي ڪانگ صفت ٿيڻ نٿي ڏيئي.۽ انهن وٽ ايتري پهڇ ناهي ته هو ڪانگ صفت سان جنگ ڪري وڻ صفت جي جاء سنڀالين.“گهڙي گهڙو هٿ ڪري سڻي سانجهي ٻانگ“سانجهيء جي ٻانگڀکانپوء رات ٿيندي آھي ۡ ظلم .جبر.ڏاڍ ۽ نا انصافي ء کي ڪاري رات سان تشبيح ڏني ويندي آھي.هاڻي جڏھن ظلم.جبر.ڏاڍ ۽ نا انصافي وڌي زور وئي ته اهي وچان ماڻھو ڇا ٿا ڪن جو.هونئن ته دريا اڪرڻ لاء ويندي آھي.پهريان ته ٻيڙي کپي.جي اها ناهي ته پوء ساڻيھ ڀرجي جي اها ناهي ته پوء تنبو کپي.جيڪڏھن اهو به ناهي ته پوء دلو يا گهڙو کڻي پيٽ جي هيٺان ڏئي دريا اڪريو آ.پر گهڙي واروانتهائي ضروري حالتن(ايمرجنسي) ۾ اھو ڪم ڪندو آ ڇو ته اهو جان کي جوکي ۾ وجهڻ وارو ڪم آھي.۽ انتهائي اڻپورو وسيلو پڻ آھي.
اهي ماڻھو اڻپورن وسيلن هوندي به يعني (ٿورائي ۽ بنا ٺھرجي) نڪري ٿا پون.“سي ئي ڍونڍي سانگ جتي ساهڙ سپرين“پوء اهي اڻانگا پنڌ پيچرا درياء جا لنگه ۽ جبلن .بيابانن جا لڪ لتاڙي انهن ماڻھن تائين پهچن ٿا .جيڪي هنن جيان ڪجه ڪرڻ چاهين ٿا.يا انهن جي معرفت پنهنجن حقن کان محروم ماڻھن جي تنظيم ڪاري يا تربيت جن ٿا.۽ ظلم ۽ ڏاڍ سماجي بڇڙائين ۽ بربريت خلاف هر اول دستو تيار ڪري ٿا وٺن .ڪنهن ڏاھي چيو آ ته“تنظيمي رشتا رت جي رشتن کانوڌيڪ هوندا آھن“ائين معاشري جي اندر هڪڙو بهترين جٿو تيار ٿي ٿو پوي .جيڪو هنن جا ڏک سور .نقصان ۽ فائدا ساڳيا ٿي ٿا پون.ڌڪ هڪ کي ٿو لڳي ته سور سڀئي ٿا محسوس ڪن.اهڙي ماحول ۽ معاشري جي لطيف سائين ضرورتبمحسوس پئي ڪئي.ان لاء پاڻ فرمايائون ته.
ڪشي ڪان ڪمان مان .ميان مار م نه مون.
مون ۾ آھين تون.متان تنهنجو ئي توکي لڳي.