زرداري صاحب مفادن جو بادشاهه ۽ اڄڪلهه لاڏلو به آهي: جي يو آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام اڳوڻي صدر آصف زرداري کي لاڏلو قرار ڏئي ڇڏيو. جي يو آءِ ترجمان اسلم غوري موجب زرداري صاحب مفادن جو بادشاهه ۽ اڄڪلهه لاڏلو به آهي، ڌانڌلي ۽ پئسي جو استعمال پ پ جو اصل منشور آهي. هن چيو ته اسان ڀرپور عوامي تحريڪ هلائينداسين، ملڪ کي زرداري اينڊ ڪمپني جي حوالي نه ڪنداسين، ڏي وٺ جو ماهر زرداري صاحب رت به کپائي ڇڏيندو آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ قيادت جي قربانين جي بدلي اقتدار جي خريد ۽ وڪرو ڪندڙن کي پنهنجي قربانين تي فخر ناهي، انهن کي شرم اچڻ گهرجي. جي يو آءِ ترجمان چيو ته ڪنڊي صاحب پنهنجي قيادت کي تيار ڪري ڇڏي، اسان جا ڌرڻا توهان کي ٻوڙي ڇڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو