رفيق خان جمالي جي وڌندڙ مقبوليت ۽ پير مظھر جو سياسي زوال

دادو جي سياسي ڊائري : عزيز الله خاصخيلي لکي ٿو  

دادو ضلعي ھميشه پنھنجي ھڪ تاريخ ٺاھي آھي تاريخ پنھنجا ورڪ ھميشه اٿلائيندي آھي پپلزپارٽي طرفان پير مظھر کي سال 2008 کان وٺي جڏھن پپلزپارٽي طرفان تعليم کاتي جي وزارت ملي تي پير مظھر پوري سنڌ ۾ 50 ھزار کان مٿي نوڪريون ڏنيون جنھن ۾ دادو جي به ھزارين ماڻھن کي آرڊر مليا پر اھي آرڊر ڪنھن پارٽي ورڪرن کي نه مليا پيرمظھر جڏھن وزير ٿيو ته ان پنھجي مخصوص ماڻھن جي ھڪ ٽيم ٺاھي پير ڪجھ خاص پنھنجن ذاتي نوڪرن کي انھن جي خاندان لاء اھي نوڪريون ڏنيون ھڪ خاندان ۾ اگر 50 ڀاتي ھئا ته 50 ڀاتين کي ئي نوڪريون مليون نوڪرين جي ورھاست ۾ نه ئي پير مظھر دادو ضلعي جي پ پ قيادت کان ھڪ به نالو نه ورتو نه ئي ڪنھن ورڪر کي نوڪري ڏني ان کان علاوه ڪروڙن جي ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا به پڻ پنھنجي من پسند ٺيڪدارن کي ڪميشن عيوض وڪرو ڪيا پيرمظھر پپلزپارٽي کي ائين سمجھڻ لڳو ته مان پارٽي جي وڏي مجبوري آھيان اگر پپلزپارٽي ۾ مان وزير نه ھوندس ته پارٽي ھلي نه سگھندي پر ان جي اھا سوچ غلط ثابت ٿي ۽ ان ڏينھن کان وٺي ھن جو سياسي زوال اچڻ لڳو بلدياتي اليڪشن ۾ پير مظھر پنھنجا من پسند اميدوار بيھارڻ لاء نالا ڏنا پر پپلزپارٽي جي ضلعي قيادت سردار رفيق احمد جمالي پپلزپارٽي جي ورڪرن جي لسٽ ڏني اھا ڳالھ پير مظھر کي نه وڻي پير سمجھيو ته مان ماڻھن کي ٺيڪا ڏنا نوڪريون ڏنيون اھي منھنجي چوڻ تي ووٽ ڪندا پپلزپارٽي جي مقابلي ۾ مختلف وارڊن تي پير مظھر ٻڪري جي نشان تي ماڻھو بيھاريا جن کي بري شڪست ملي پير مظھر جا ڪجھ صلاحڪار اھڙا ھئا جيڪي ھن کي چوندا ھئا  پير مظھر وڏو سياسي کھلاڙي پر سياسي کھلاڙي ٻڪري تي بيھاريل اميدوارن جي شڪست ملڻ کانپوء سندس پٽ جي سيٽ به زري گھٽ ھارائي پيو بلدياتي اليڪشن ۾ ھڪ طرف پير مظھر ٻڪري نشان جي ورڪ ڪئي ته ٻي طرف عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ سردار رفيق احمد جمالي پ پ پ جي نشان تير جي ورڪ ڪئي ۽ مخالفن کي شڪست ملي پيرمظھر لاء اھيا چوڻي مشھور آھي ته ھي ڪنن جو ڪچو بغض رکندڙ انتقامي سياستدان آھي ھميشه پلاند جي چڪر ۾ ھوندو آھي ھن جي بنگلي تي اڄ تائين ڪنھن به ھن مان متاثر ٿي پپلزپارٽي ۾ شموليت نه ڪئي آھي ڪو ھڪ ماڻھو اھڙو ھجي جنھن کي ھن فائدو ڏنو ھجي ۽ اھو پارٽي شامل ٿيو ھجي ھن جي اھيا به ھڪ خوبي آھي ته ھي نوڪرن کي پسند ڪندو آھي ورڪرن کي نه ھن دادو ضلعي ۾ جيڪي ترقياتي اسڪيمون ڏنيون اھي ھي سمجھندو آھي ته ھن ذاتي طور ڏنيون آھن حالانڪ اھي اسڪيمون پپلزپارٽي دادو کي ڏنيون آھن ھا اگر ھن پنھنجي ذاتي کيسي مان ڪا اسڪيم ڏني ھجي ته ٻڌائي ? بلدياتي اليڪشن ھن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ميونسپل چيئرمين سندس پٽ ڪائونسلر پير دانش ٿئي پر پ پ چيئرمين جو واضح فيصلو ٿيل ھو ته پارٽي ورڪر ئي ميونسپل چيئرمين ٿيندا ۽ ائين ئي ٿيو دادو سٽي مان گل حسن قمبراڻي کي ميونسپل چيئرمين مقرر ڪيو ويو جنھن خلاف ھن پنھنجي فرزند معرفت مرحوم گل حسن قمبراڻي خلاف پڻ احتجاج ڪرايا گل حسن قمبراڻي جي وفات کانپوء جڏھن پارٽي ايم عمر پنھور ميونسپل چيئرمين مقرر ڪيو ته ان خلاف به ھن ڪورٽ ذريعي درخواستون ڪيون وري جڏھن غلام مصطفي بروھي کي ميونسپل چيئرمين جي سيٽ ملي ته ھن ان چيئرمين کي اھيو محسوس ڪرايو ته توکي مون چيئرمين ڪرايو آھي جڏھن ان ھن جا من پسند فيصلا قبول نه ڪرڻ شروع ڪيا ته ان جي به خلاف ٿي ويو جڏھن ڪجھ شھري جڏھن صفائي لاء احتجاج ڪن پيا ته ھن ان جو فائدو وٺندي ان جو غلط استعمال ڪندي شھرين خلاف جلوس ڪڍرائڻ جا مشورا ڏنا ۽ ان کي ھن رسوا ڪيو اھو اڄ دل شڪستا بڻيل آھي پيرن مان اڄ دادو ضلعو جڏھن اليڪشن ۾ پپلزپارٽي کي جيڪا سوڀ ملي ٿي ان ۾ وڏو ھٿ ايم اين اي سردار رفيق احمد جمالي جو آھي سردار رفيق احمد جمالي ڪنن جو پڪو وڏي دل رکڻ وارو وڏو سياستدان آھي جيڪو ھر خاص ۽ عام ماڻھن کي محبتون ڏئي ٿو سندس جي بنگلن تي  روز ڪير نه ڪير وڃي پاڻمرادو پپلزپارٽي ۾ اعلان ڪن ٿا جنھن ڪري پپلزپارٽي دادو ۾ ڏينھنون ڏينھن مضبوط ٿئي پئي جڏھن ته دادو ضلعي جي حوالي سان ڳالھ ڪجي ته پپلزپارٽي طرفان سردار رفيق احمد جمالي ڪا وڏي وزارت به نه ملي پر سردار رفيق احمد جمالي ھميشه ڏک ۽ سک ۾ پارٽي سان گڏ رھيو مخالف ھجي يا پنھنجو سڀني کي عزت ڏيندڙ وڏي برداشت رکندڙ وڏو ليڊر آھي جنھن جي حمايت دادو جا ورڪر ,پارٽي ھمدرد,پپلزپارٽي جا ووٽر,يوسي,تعلقي,ضلعي جا سڀ عھديدار ۽ ھرمڪتب فڪر جا ماڻھو سندس سرعام حمايت ڪن ٿا جيڪا ڳالھ  وڏو سياسي کھلاڙي سڏائيندڙ پيرمظھر کي نٿي وڻين وقتن به وقتن پيرمظھر پارٽي جي فيصلن خلاف ۽ ضلعي قيادت خلاف احتجاج ڪرائي ٿو پيرمظھر ماضي کان وٺي عجيب و غريب ايڪٽوٽيون ڪري ٿو جڏھن ھن جو فرزند ايم پي اي پير مجيب وقت ۽ حالات کي ڏسندي چاھي ٿو ته پارٽي سان گڏجي ھلجي پر سندس والد وڏي سياسي کھلاڙي طرفان اھا نصحيت مليل آھي ته اسان کان سواء پارٽي دادو مان ختم ٿي ويندي اسان پارٽي جي مجبوري آھيون پيرمظھر طبعيت جو تيز بنگلي توڙي فون تي رابطو ڪندڙ ماڻھن سان دڙڪو ڏئي ڳالھائيندو آھي ڪرونا وائرس وباء اچڻ کانپوء لاڪ ڊائون واري وقت دوران دادو ۾ بنگلو بند ڪري تڪ مان ٻاھر ھليا ويا پنھنجي تڪ جي ماڻھن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو پپزپارٽي جي اڳواڻ جان محمد پھوڙ سان به ھن وڏو ڊرامو ڪيو ماضي ۾ اڄ به ان ڊرامي جا تفصيل جان محمد پھوڙ کان ڪير به وٺي سگھي ھن وڏي ڪوشش ڪئي ته سردار رفيق احمد جمالي خلاف سازش ڪامياب ٿئي پر جان محمد پھوڙ عقل استعمال ڪندي ان سازش مان نڪري آيو اھا ھڪ وڏي اسٽوري آھي جيڪا نيٽ تي محفوظ پيل آھي پيرمظھر ھڪ تڪڙو ء انا پرست سياستدان آھي جنھن ڏينھن ھن کي پپلزپارٽي طرفان ايم پي اي جي ٽڪيٽ نه ملي ان ڏينھن ھي پارٽي خلاف اليڪشن لڙندو ۽ اھي ڏينھن جلد ايندا پيرمظھر تازو ئي جيڪو احتجاج ڪيو جنھن احتجاج جي بندوق ھن ايم عمر پنھور جي ڪلھي تي رکي سندس احتجاج ۾ ڪو به پارٽي ورڪر شامل نه ھو سواء ايم عمر پنھور جي باقي تعليم کاتي ۽ ميونسپل ملازم ھئا جيڪي ھن ڀرتي ڪيا ھئا ۽ ٻيا ٻڪري نشان وارا ماضي ۾ جان محمد پھوڙ جيڪو ان وقت پي پي پي سٽي جوھي جو صدر ھيو ان جي ڪلھي تي بندوق رکي ان کي رفيق احمد جمالي خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جان محمد پھوڙ ان سازش جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو سازش ڇا ھئي ان جا سڀ تفصيل سوشل ميڊيا تي موجود آهن ھاڻ وري تازو پي پي پي تعلقہ دادو جي اڳوڻي صدر ايم عمر پنھور جو ڪلھو استعمال ٿئي پيو ايم عمر پنھور کان رفيق احمد جمالي خلاف الزامات متنازعہ صدر ۽ ان کي لاھڻ جھڙيون درخواستون لکرايون وڃن ٿيو جيڪي ماضي ۾ جان محمد پھوڙ لکڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ھيو ھنئر ايم عمر پنھور کان رفيق احمد جمالي خلاف احتجاج ڪرايا پيا وڃن جيڪي ماضي ۾ جان محمد پھوڙ رفيق احمد جمالي خلاف احتجاج ڪرڻ کان جواب ڏئي چڪو ھيو ماضي ۾ جان محمد پھوڙ پير مظهر الحق جي سازشن کي جلدي سمجھي ان کان پري ٿي ويو ھيوپر ھن وقت ايم عمر پنھور پير مظھر الحق کي پنھنجا ٻئي ڪلھا استعمال ڪرڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو