دنيا ۾ منشيات واپرائڻ ۾ واڌ ۽ اقوام متحدو جي ڳڻتي

ليکڪ : محمد خالد ميمڻ
گڏيل قومن جي ‘ورلڊ ڊرگ رپورٽ’ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا ۾ منشيات جي استعمال واڌ ٿي رهي آهي ۽ هڪ اندازي موجب گذريل سان ساڍا 27 ڪروڙ ماڻهن منشيات واپرائي هئي. دنيا ۾ ڪوڪين جي استعمال ۾ حيرت انگيز حد تائين استعمال م واڌ نوٽ ڪئي وئي آهي. 26 جون منشيات جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آھي، سوال اهو آهي ته  ڇا منشيات مان نجات جي لاءِ رڳو سال ۾ هڪ ڏينهن منشيات جي نالي سان ملهائڻ ئي ڪافي آھي؟نه بلڪل به نه منشيات جي خاتمي جي لاء رڳو هڪ ڏينهن ملهائي دنيا مان ۽ خاص طور ترقي پذير ملڪن مان نشو ختم نه ٿو ٿي سگهي هن ڏينهن تي صرف اهو ٿيندو آھي ته اسان جهڙا ماڻھو نشي جي عالمي ڏينهن تي هڪ ڪالم لکندا پوليس وري ان ڏينهن تي چند موالي پڪڙي ڪارڪردگي ڏيکاري سمهي پوندي ۽ ڪجھ اين جي اوز جا دانشور منشيات جي استعمال مان ٿيندڙ نقصانن بابت ليڪچر ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪندا پر انهن ڏيکاء وارن عملن مان نه ته نشو نه ئي موالي ختم ٿيندا منشيات جو استعمال تڏهن کان شروع آھي جڏهن کان هي دنيا وجود ۾ آئي آھي پوء پهريان ٿوري پيماني تي ته وري هاڻي وڏي پيماني تي منشيات استعمال ٿئي ٿي پئي پهريان نشو هٿ سان ٺهيل شراب,حقو,سگريٽ ۽ ڪجھ جڙي ٻوٽين جيئن ڀنگ وغيره ذريعي ٿيندو هيو پر هاڻي ته نشي جا ڪيترائي نوان قسم به مارڪيٽ ۾ اچي ويا آھن جن ۾ هيروئن,ولايتي,ديسي شراب,ڪوڪين,آئس,گٽڪو,سوپاريون,مائو,چرس,آفيم,شيشو,۽ نشي جي گورين ۽ سين سميت ٻيا به طريقا اچي ويا آھن ۽ نوجوان نسل اهي مختلف قسم جا نشا ڪري تباه وبرباد ٿي رهيا آھن عام شھرن ۽ ڳوٺن ۾ شراب,سگريٽ,چرس,آفيم,ڀنگ جڏهن ته يونيورسٽين ۾ انهن سان گڏ شيشو,ڪوڪين,آئس جو نشو رڳو ڇوڪرا نه پر ڇوڪريون به استعمال ڪن ٿيون جيڪا انتهائي خطرناڪ حد کان به وڌيڪ استعمال ٿئي ٿي پئي ۽ انهن سڀني ڳالهين جي اسان جي حڪومت سميت سڀني منشيات روڪڻ وارن ادارن کي بخوبي خبر آهي پر پوء به نشو گهٽ نه پر اڃان ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي ان جا سبب ڪهڙا آھن سڀ کان اول ته اسان جي ملڪ ۾ قانون صرف قانون جي ڪتابن ۾ آھن عملي طور قانون نالي جي شئ جو وجود بلڪل نه هجڻ برابر آھي هتي هر ڏوهاري ڏوه ڪري هر اداري ۾ پيسا ڏئي ۽ اثر و رسوخ استعمال ڪري سرعام گهمندو ٿو وتي ان کي ڪير به چوڻ وارو نه آھي اهڙي ئي نموني منشيات وڪرو ڪندڙ ايترا ته طاقتور ۽ اثر رسوخ وارا آھن جو انهن جو نالو ڪير به نه ٿو وٺي سگهي هر نشو هڪ جاء تان ٻي جاء تائين پهچائڻ جي لاء منشيات فروش پيسو ۽ اثر رسوخ استعمال ڪري باآساني بلڪه پوليس پروٽوڪول ۾ پهچائين ٿا پيا ۽ اسان جا منشيات روڪڻ وارا ادارا رڳو منشيات استعمال ڪندڙن موالين کي پڪڙي سمجهن ٿا ته اسان پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو پر اصل ۾ اهو طريقو بلڪل غلط آھي اگر اقتدار ۾ ويٺلن ۽ ادارن ۾ ڊيوٽي ڏيندڙن کي واقعي به منشيات ختم ڪرڻي آھي ته انهن کي گهرجي ته جتي جن جن جاين جن جن شھرن ۾ اهو نشو هڪ ڪارخانن وانگر ٺھي ٿو ۽ اتان وري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي ٿو ته اتي منشيات جا قائم ڪيل اڏا ختم ڪرائين ۽ انهن اڏن کي هلائيندڙن ڌرين کي قانون مطابق سخت کان سخت ۽ بي رحم سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن نه منشيات ٺھي نه ئي اها ملڪ جي مختلف جاين تي پهچي ۽ نه ئي نوجوان اهو نشو استعمال ڪري پنهنجو جاني ۽ مالي نقصان ڪن ڇوته جيڪو به جهڙو به نشو ڪري ٿو اهو اسان جي معاشري جو هڪ ناڪارا فرد بڻجي ٿو وڃي موالي ماڻھو ڪڏهن به معاشري جي تعمير ۾ ڪو سٺو ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي ان جي ڪري ئي ته جڏهن چين ملڪ ۾ موالين جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو ته اتان جي حڪمرانن انهن سڀني کي گهرائي قطارن ۾ بيهاري گوليون هڻي مارائي ڇڏيو ته ڪنهن انهن کان پڇيو ته اوهان هي ڇو ڪيو پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻھن کي پنهنجي ئي هٿن سان ڇو ماري ڇڏيو ته انهن چيو ته هي اسان جي معاشري جا ناسور هيا ۽ ڪني آڱر وڍي چڱي آھي اگر ڪني آڱر وڍي ڇڏبي ته ناسور جسم جي ٻين عضون کي ناڪارا نه ڪندو ۽ پوء دنيا ڏٺو ته چين منشيات ۽ منشيات استعمال ڪندڙن مان جان آجي ڪرائي وڏي ترقي ماڻي ۽ هاڻي چين هڪ سپرپاور ملڪ بڻجي ويو آھي ان جي لاء اگر اسان جا حڪمران ۽ ادارا ملڪ سان واقعي به سچا آھن ته منشيات روڪڻ لاء جتي به منشيات جا ڪارخانه آھن جتان منشيات ملڪ ۾ باآساني پهچائي ٿي وڃي اهي بند ڪرائڻا پوندا نه ته اهي اهو نه سمجهن ته اسان ٻين جي اولاد کي نشئي بڻائي ترقي ڪري خوش رهنداسين پر کين اهو به سمجهڻو پوندو ته اڄ ٻين جو نوجوان اولاد موالي بڻجي مري رهيو آھي ته هي به خود هن معاشري  جا فرد آھن سندن جو به اولاد هن ئي معاشري ۾ رهي ٿو ۽ ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ وانگر سڀاڻي سندن اولاد به موالي بنجي موت جي منهن ۾ وڃي سگهي ٿو بلڪه اهڙا ته کوڙ واقعا رپورٽ به ٿيا آھن ته وڏن امير گهراڻن جا نوجوان مختلف خطرناڪ منشيات جو استعمال ڪري موالي بڻجي موت جي وادي ڏانهن هليا ويا آھن انڪري اسان جي حڪمرانن ۽ ادارن کي پنهنجي ملڪ جي مستقبل جي معمارن متعلق سوچي ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ منشيات بند ڪرائي پنهنجي ۽ پنهنجي آئنده جي نسل کي بچائڻو پوندو نه ته اڳتي هلي ڪري سواء افسوس جي ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿي سگهندو ۽ جيڪي نوجوان هن قاتل منشيات جي استعمال ڪرڻ جي ڪري موالي بڻجي ويا آھن انهن کي مفت علاج جو سهولتون مهيا ڪري اسپتالن ۾ داخل ڪري ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ علاج ڪري انهن کي ان موتمار ڌٻڻ مان ڪڍي کين ملڪ جو هڪ ذميوار فرد بڻائي ملڪ جو مستقبل ملڪ جو آئيندو روشن ڪري ملڪ کي ترقي ڏيارڻي پوندي ته جيئن دنيا اندر اسان جو ملڪ ۽ اسان جي ملڪ جا ماڻھو به هڪ باوقار ملڪ باوقار قوم سڏجي ۽ اصل منشيات جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد به اهو ئي آھي ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان اهو پڪو پھ ڪريون ته اسان منشيات جي بلڪل به ويجهو نه وينداسين ۽ اگر اسان جو ملڪ واسي,شھر واسي,ڳوٺ واسي نشو ڪندو ته ان کي ان کان بچائڻ جون وڌ کان وڌ ڪوششون ڪنداسين .      

پهنجو تبصرو موڪليو